اسڪائپ مُترجم

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو! توهان اسڪائپ جي باري ۾ ته ٻڌو هوندو! ۽ اسڪائپ ڪجهه سنڌسلامت جي دوستن جي زيرِ استعمال به آهي ! :) توهان گوگل ٽرانسليٽر ۽ بنگ ٽرانسليٽر ته ٻڌو هوندو پر اسڪائپ ٽرانسليٽر (مترجم) ڪهڙي بلا آهي :( ، آئون اوهان کي کولي ٿو ٻڌايان..

    مائڪرو سافٽ جي اعلي عهديدارن ۽ اسڪائپ ٽيم جي ترجمو ڪندڙ ٽول جو عملي مظاهرو پيش ڪيو آهي. اسڪائپ ترجمو ڪندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي اها سهولت ڏئي ٿو ته هُو آساني سان هڪ ٻئي جي ٻوليءَ کي سمجهي سگهن. مائڪروسافٽ جي سي.اي.او (ستياناڊيلا) جي چوڻي ته اڃا اهو منصوبو شروعاتي مرحلن ۾ آهي.
    [​IMG]
    هن سال جي آخر تائين “اسڪائپ مترجم” جو بِيٽا ورجن جاري ٿيڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. جنهن کان پوءِ اسڪائپ استعمال ڪندڙ پنهنجي دوستن سان انهن جي ٻولي سمجهڻ بغير ڳالهائي سگهن ٿا. ڊولپمينٽ جي شروعاتي مرحلن ۾ به اسڪائپ مترجم “لکت ۽ آواز” جي صورت ۾ ٻين ٻولين مان استعمال ڪندڙن جي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.

    ڪيليفورنيا ۾ ٿيندڙ ڪوڊ ڪانفرنس ، جيڪا ٽيڪ نيوز سائيٽ ري ڪوڊ (Re-Code) جي حوالي سان ٿي هئي، ۾ مائڪروسافٽ جي سي.اي.او ستياناڊيلا ۽ اسڪائپ جي نائب صدر گرديپ پال اسڪائپ مترجم جو عملي مظاهرو ڪيو . هن مظاهري ۾ گرديپ پال انگريزي ڳالهائي رهيو هو جڏهن ته سندس ساٿي جرمن ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو ، صرف ڪجهه ڀيرا ائين ٿيو ته اسڪائپ مترجم تحرير ۽ آواز کي ترجمو غلط ڪري ٿي ويو ، پر پوءِ به مجموعي طور تي ان ٽول جي ڪارڪردگي سٺي رهي. اها ڳالهه ٻولهه “هيلو ! هائو آر يو ؟ (هيلو، ڪيئن آهيو توهان؟) وانگي آسان نه هئي ، بلڪه اها گفتگو “پال” جي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي منصوبي، لنڊن جي گلين ۽ آس پاس جي جڳهن جي نالن سان گڏوگڏ مائڪروسافٽ جي “ريڊ مونڊ” ، واشنگٽن ۾ موجود هيڊ ڪوارٽر جي دوري متعلق هئي. هن عمل دوران ٻه شخص پهريان ڳالهائين ٿا پوءِ ٿورو انتظار ڪن ٿا تاڪه اسڪائپ مترجم ڳالهه ٻولهه جو ترجمو ڪري . حقيقت ۾ به مترجم جملو پورو ٿيڻ کان پوءِ ئي ان جو ترجمو ڪندو آهي نه ته جملي جو مطلب صحيح نٿو نڪري.

    جيتوڻيڪ هي اسڪائپ مترجم جا شروعاتي ڏهاڙا آهن پر اهي ڏينهن به پري ناهن جڏهن اسٽارٽريڪ فلمن جي يونيورسل مترجم وانگي اسڪائپ مترجم ڪم ڪندو . “پال” پنهنجي بلاگ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسڪائپ مترجم جو استعمال سفارتڪاري، تعليم ۽ ڪاروبار ۾ سٺي نموني ٿيندو. پال ٻڌايو ته اسڪائپ مترجم جو بيٽا ورجن مائيڪروسافٽ ونڊوز 8 لاءِ بطور هڪ ايپليڪشن جي هن سال جي آخر ۾ ڏنو ويندو.

    مائڪرسافٽ ، اسڪائپ کي ساڍا*** ارب ڊالرن ۾ 2011 ۾ خريد ڪيو هو.اسڪائپ استعمال ڪندڙ 72 ڪروڙ هئا . مائڪروسافٽ ان ڪم کان پهريان ئي ريئل ٽائم ترجمه نگاري تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪجهه موقعن تي ان جي تحقيقدانن هن ٽيڪنالاجي جو عملي مظاهرو به پيش ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن جي خاموشي کان پوءِ مائڪروسافٽ ان تحقيق کي اسڪائپ جي حصي ۾ آندو آهي. ستيانا ڊيلا چوي ٿو ته مائڪروسافٽ ان تحقيق تي گذريل 15 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي وڌيڪ چيائين ته موجوده ورجن ۾ اسڪائپ مترجم جي ڪارڪردگي ان جي ٺاهيندڙن لاءِ به حيران ڪندڙ آهي .

    لکت کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ گوگل ٽرانسليٽر ۽ بنگ ٽرانسليٽر اڳ ئي موجود آهن پر جملن جو ترجمو ڪندڙ هي پهريون عوامي ٽول هوندو..
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو ۽ ساراھ جوڳو ڪم آهي ، مائڪرو سافٽ وارن کي شابس هجي جو اهڙيون سهولتون مهيا پيا ڪن
    هن سال جي آخر جو انتظار رهندو ، اگر حياتي رهي ته ٻين ٻولين وارن دوستن سان ڪچهريون ڪبيون!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    الله ڪندو اهي ڏينهن پاڻ پنهنجي حياتي ۾ ڏسنداسين.

    باقي سنڌي ٻولي اڃا ته گوگل ٽرانسليٽر تي ناهي ! ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي.. :(
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ ماڻهن لاء آساني ڪندڙ ڪم ....

    هاء اسان جي حڪومت ۽ اسان جا ادارا .... جيڪي ٽيڪنالاجي جي استعمال کان ڪوهين ڏور آهن ...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    صرف گوگل نه بِنگ وغيره تي به مٺِڙي ٻولي ترجمو نه پئي ٿئي ، اسان وارو ايم بي اي سافٽويئر عربي ۽ فارسي تي مشتمل آهي ، اهو ئي سبب آهي جو اِهي مشڪلاتون در پيش آهن ، بحرحال وري به شابس آ سائين ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻين دوستن کي جيڪي ٻولي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ، انهنجي بدولت هن وقت نيٽ تي مذهبي ، سياسي ، سماجي ۽ ٻين موضوعن تي ڪافي سارا ڪتاب موجود آهن ۽ اخبارون ، شاعري وغيره ، ان سان گڏوگڏ اسان سنڌي ٻولي ۾ نيٽ جي ميدان ۾ لکي پڙهي سگهونٿا !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ڪاوش سٺي ڳالهه آهي ٿوڙي تبديلي ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ۽ انتظار رھندو............................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن جو انتظار رهندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو