منهنجو جڏهن کان هن اوطاق تي اچڻ ٿيو آهي ته منهنجي سنڌي لکڻ جي اسپيڊ ڪافي بهتر ٿي وئي آهي ، انشاالله اڃابه بهتر ٿيندي ، ان کانسوا۽ مون جهڙن سيکڙاٽن جا ڪافي مسئلا به حل ٿيا آهن، مهرباني سنڌسلامت
ادا خوش هجو .... اسان به جڏهن سنڌ سلامت تي آيا هئاسين ته سنڌي لکڻ ۾ صفا ڍرا هئاسين ... اصل ڍڳو پير پيران ..... پر مسلسل لکڻ ڪري هاڻ سولائي رهي ٿي ۽ ڪيئي صفحا روزانو سنڌي ۾ لکي وڃون ٿا.