• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد بخاري_____ ڪو ياد ڪندي ئي وسري ويو!!!!!

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڪو ياد ڪندي ئي وسري ويو،
ڪو وسري وسري ياد رهيو،
ڪو پيار ڏيندي ئي وسري ويو،
ڪو درد ڏيندي ئي ياد رهيو،
وقت هو ڪو گذري ويو،
ڪنهن محفل مان ڪو نڪري ويو،
وقت کان اڳ ئي گذري ويو،
هو، هر نئين سج جو پوجاري هو،
ڪنهن ٻئي جي مٿان بس اڀري ويو،
 
ڪو ياد ڪندي ئي وسري ويو،
ڪو وسري وسري ياد رهيو،
ڪو پيار ڏيندي ئي وسري ويو،
ڪو درد ڏيندي ئي ياد رهيو،
وقت هو ڪو گذري ويو،
ڪنهن محفل مان ڪو نڪري ويو،
وقت کان اڳ ئي گذري ويو،
هو، هر نئين سج جو پوجاري هو،
ڪنهن ٻئي جي مٿان بس اڀري ويو،
[/QUO
عشق جو نقطو، سمجهيو جنهن سامي چئي،
جيئندي تنهن جهان سان، ليکو ڪيو چڪتو،
ڪري من مڪتو، سمهيو سکين سيج تي .( سامي)

—TE]
 
عشق جو نقطو، سمجهيو جنهن سامي چئي،
جيئندي تنهن جهان سان، ليکو ڪيو چڪتو،
ڪري من مڪتو، سمهيو سکين سيج تي .( سامي)

 
جو به ٿيو خوب ٿيو آءُ نه چوندس ائين،
پيش پرمار جـي، آءُ نه پــونـدس ائــيـن،

رنــج، راحت گـڏي، سگهه سـاري ســڏي،
ڏنـد ڪرٽي سَٽـي، سُورَ سهـندس ائيــن،

اوت اوٿـلي ڏبِــي، جـوت ڀـڙڪي ڏبــي،
ڏينـهن ۽ راتَ پــيـو، ڏات ڏيندس ائــيـن،

مينهگه وسـندا پـيـا، وهـندو ويندو ائين،
گــيت گجـندا پـيـا، کـيـت کــڙنـدا پــــيـا،

خاص خوشبو کڻان، بـحـر، بـر کـي هـڻان،
عام کـي جـي وڻـان، اهم ٿـينـدس ائـين،

ســوجـهڙو سـجَ جـو، نئون سـلو ٻـجَ جـو،
جــڳ ۾ استاد پـيـو، آءُ جيـئندس ائـين،

استاد بخاري
ڪتاب جستجولاتقنطو مان ورتل
 
Back
Top