پاڪستاني ڄائي برطانوي وزير سعيدہ وارثي پنھنجي حڪومت جي پاليسين سبب وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. برطانيا جي پھرين مسلم عورت رڪن اسيمبلي سعيدہ وارثي برطانيا م گڏيل معاملن بابت پرڏيھي وزارت جي عھدي تي فائز رھي. سماجي ويب سائٽ تي پنھنجي پيغام م ھن لکيو تہ فلسطين غزہ تي اسرائيلي وحشت بابت برطانيا حڪومت جي واضح مؤقف اختيار نہ ڪرڻ سبب ھن وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي استعيفيٰ اماڻي ڇڏي آھي. ھن اھو بہ لکيو تہ جھڙي طرحاسرائيل غزہ مٿان بمباري ڪري رھيو آھي اھڙي طرح ٻيا ملڪ ان تي خاموشي اختيار ڪري مجرم بڻجن ٿا پر ھوءَ وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگھي ان ڪري استعيفيٰ ڏئي ٿي