ســنڌ ميُــوزيـم ۽ علامه دائــودپـوٽا لائبريـري جـو ٻاهريون منـظر:

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ فهد سهتو طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2014۔

  1. فهد سهتو

    فهد سهتو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    لائبريريز ۽ ميُوزيّمس ڪنهن به ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سرمايو هجن ٿـا ۽ اُتـي ئـي اسان جـي هـن معاشـري ۾ اُنهـن جـو ڪو به قدر نه هجـي ٿو. ڪـجھ ڏينــهن اڳ منهنـجو پنهنجي هـڪ پياري دوست ”ساجـد حـسين پلـھـ“ سان لائبريري ويندي، لائبريري جي ٻاهـران خوبصورت ترين، من موهيندڙ ۽ حيران ڪندڙ منـظر جي بابت بحـث ٿيـو، جتـي اسان جا سنـڌي شـاگرد صبـح کان شـام تائيـن علـم پـرائڻ ايندا آهن، ۽ گهڻـي ڀاڱـي پهنجو قيـمتي وقـت ميـرٽ کـي سجـاڳ ڪندي گذاريندا آهـن. ڇو ته اسان اڪثر اهو ٻڌندا رهيا آهيـون ته سنـڌ ۾ ميرٽ سُتـل آهـي!
    لآئبريريءَ جي ٻاهـران اڌ کان وڌيڪ روڊ تي ڦيهليل گنـدگيءَ سبب ڪيترائي حادثا پـيش اچن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ئـي هتي علامه دائودپوٽا لائبـريري ۽ سـنڌ ميُوزم جي ڀرسان تمام وڏي بجيٽ تي شهيد بينظير ڀٽو نالي هڪ خاص پارڪ تعمـير ڪيو ويـو آهي. خاص انهي ڪري جو هن پارڪ ۾ اڃان تائين عام ماڻهن کي پارڪ جي اندر ڪُنڊن ۾ وڃي لڪي ويـهڻ جي اجازت ناهي ملي سگهي!
    پـارڪ جي اندر وارو پاسوڪجھ مِڙئي ڏسڻ وٽان آهي، پر هيءُ انهيءَ پارڪ، ميُوزيم ۽ لائبريريءَ جي ٻاهران ماڻهن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن.؟؟ هن اهم معاملي تي شايد ڪنهن به اعليٰ عهـديدار يا بااثـر شخصيت جي عمر دراز هئڻ سبب نظر نه پئـجي سگهي آهي، يا ته وري هنن کي ان ڳالھ جي ڪا ڳڻتي ئي ڪانهي. اها گندگي جيڪا هڪ ته مختلف بيمارين جو سبب بڻجي ٿي ۽ ساڳئي وقت ڪنهن وڏي جاني حادثي جو سبب به!
    حڪومت کي گهرجي ته هن جو جلد کان جلد نوٽيس وٺـي ته جيـئن هي گنـد ڪچري سان اڌ کان وڌيڪ والاريل روڊ ڪنهن خطرناڪ حادثـي جو باعث نه بڻجي ۽ دائود پوٽا لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪنهن لاعلاج بيماري جو شڪار نه بڻجن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG][​IMG]

    [​IMG]



    [​IMG]




     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اڳ به هڪ دوست قمبر شهر متعلق لکيو هيو جتي گندگي جي ڍيرن سان گڏوگڏ مين روڊن جي حالت اها آهي جو گٽر جي پاڻي سبب شهر جا مين روڊ هڪ ڪِني ڍنڍ مثل ٿي پيا آهن ، مگر ڀوتار ، نواب ، سردار ۽ اعلا درجي جا حُڪام اگهور ننڊ سُتل آهن ، مون ان موضوع جي ڪمينٽس ۾ لکيو هيو ته صرف قمبر به پر سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن شهرن جي اها ساڳي حالت آهي ، اسانوٽ ڊرينيج ، بجلي ، پاڻي ، گئس ، نيٽ ، وغيره جا وڏا بحران آهن ، جيڪي بالائي آفيسرن جي نا اهلي ۽ وڏيرن ، نوابن ، سرمائيدارن ، ڪامورن جي هٺ ڌرمي جي سببن جي ڪري آهن !
     
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اُهي ڏينهن اُهي شينهن..... هن لائبريري سان به ڪي سالن جو يادون سلهاڙيل آهن...... واهه واهه.
     
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ايئن ٿيندئي فهد سهتو . پوءِ مرضي اٿئي. . . . هتي ته سڄي سنڌ تباهه لڳي پئي آه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو