• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي سنڌ مان تنهنجو ڏوهي هان !

فهد سهتو

سينيئر رڪن
اي ســنــڌ مـان تنهنجو ڏوهــــــي هــان...!​

اي سنـڌ مـان تـنـهـنـجـو ڏوهــي هـان،

تـو قـلـم ڏنـو مـون ڪـات کـنـيو،

تـو دوسـت ڏنـا دلـير گهـڻا،

مـون غــدارن جـو سـاٿ کنـيو،

اي سـنـڌ مـان تـنـهـنـجـو ڏوهــي هـان...

تنهنجو ورهانڱـو ٿيـو منهنجي ڪري،

مـون بـدلـي ۾ پـئـي عـيـش ڪـيـا،

مـون کـي تـوسـان آهـي چــاهـ گـهـڻو،

بـس نـعــرن ۾ اظـهـار ڪـيـو،

اي سـنـڌ مـان تـنـهـنـجـو ڏوهــي هـان...

جـيـڪـي جــوڌا هـئـا تـنهـنـجـا رکـوالا،

سـي زهـــر ڏئـي مــون مــارايــا،

مـون تـنهـنـجـا مـارائــي مــارُوئـــڙا،

پـوءِ پـيـش کـين سُـرخ سـلام ڪـيـو،

اي سنـڌ مـان تـنـهـنـجـو ڏوهـــي هـان...
 
Back
Top