• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيجي زرينه بلوچ هڪ وڊيو رپورٽ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
جيجي زرينه بلوچ هڪ وڊيو رپورٽ​

Image00004%5B1%5D.jpg
پاڻ 12 ڊسمبر 1937ع ۾ ڳوٺ الهداد چنڊ ، لڳ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين هن جو اصلي نالو آمنا هو سندس والد محمد موسي جلالاڻي هڪ سرڪاري مُلازم هو
هو. پاڻ 1960ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ استادياڻي مقرر ٿي، ۽ 36 سال استادي پيشي سان نڀايائين، پاڻ هڪ اداڪارا پڻ هئي، ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ علي بابا جي لکيل ڊرامي دنگي منجه درياء ۾ پڻ سندس اداڪاري جا جوهر سمايل آهن، هي اهو ڊرامو هو، جنهن کي ڏسڻ لاء شهرن جا روڊ رستا ويران ٿئي ويندا هئا۔ ۽ هن ڊرامي کي ڪيترين ئي ٻولين ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو۔
سندس هڪ ٻئي سڃاڻپ اهيا به آهي ته پاڻ سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي جي گهرواري آهن۔ زرينه سياست ۾ به رهي چڪي آهي، ۽ ان سياست هن کي جيل پڻ ڏيکاريو۔ جيجي 25 آڪٽومبر 2005ع تي هي فاني دنيا ڇڏي مالڪ حقيقي سان ملي۔ هت مان جيجي زرينه بلوچ جي هڪ وڊيو رپورٽ ڏيان ٿو جيڪا ڏسڻ وٽان آهي۔


جيجي زرينه بلوچ هڪ وڊيو رپورٽ​
http://www.youtube.com/watch?v=qqhvm8Z4S0I&feature=related

جيجي زرينه جا ڳايل ڪجهه سهرا​
http://www.youtube.com/watch?v=TnLmJkdBVHU&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=w6q8UbpFY6s&feature=related
مور ٿو ٽلي جيجي جي آواز ۾​
http://www.youtube.com/watch?v=tgv_iPxD4Q8&feature=related
ڇلڙو​
http://www.youtube.com/watch?v=UXLKWTgHOjs&feature=related



شيخ اياز جو ڪلام جيجي جي زباني​

http://www.youtube.com/watch?v=zMO4dAnYWIQ&feature=related
سهندو ڪير، ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو​
http://www.youtube.com/watch?v=UR21Qfjq9zA
 
Back
Top