• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته....... مختيار ملڪ

منصور سرور

سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿو ڪريان ته ڀٽ شاھ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ۾ ٽاس ذريعي فيصلو قبولڻ منهنجي غلطي هئي. اصل ۾ ٿيو ايئن هو جو ان چونڊ ۾ منهنجي مقابلي ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو بيٺل هو ۽ اسان ٻنهي جا ووٽ برابر يعني 175 ٿيا. انور پيرزادو ۽ بدر ابڙو چونڊن جا نگران هيا. اهي به ٻڏتر ۾ پئجي ويا ته ڇا ڪجي. نيٺ آئين موجب فيصلو ٽاس ذريعي ڪيو ويو. جنهن ۾ مان هارائجي ويو هوس. انهيءَ چونڊ جي حوالي سان تڏهن امير بخاريءَ هڪ اخبار ۾ مضمون لکيو هو ته ترقي پسند ادبي تنظيم جي چونڊن جو فيصلو به تقدير تي ڇڏيو ويو. انهيءَ روشني ۾ مان سمجهندو آهيان ته ٽاس ذريعي فيصلو قبول ڪرڻ منهنجي غلطي هئي.
 
Back
Top