السلام عليڪم سنڌ سلامت دوستو! ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سافٽويئرز اسان جي مدد ڪن ٿا اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي. جيئن توهان تصوير کي خوبصورت ٺاهڻ گهرو ٿا ته توهان کي ڦوٽوشاپ يا فوٽو ايڊيٽنگ سافٽويئر انسٽال ڪرڻا پوندا آهن، وڊيو ۾ سنڌي تحرير لکڻ ، ايڊٽنگ ڪرڻ لا توهان ڪورل يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو ، اڊاب پريميئر، ايوڊ لقئڊ ۽ ٻيا سافٽويئر انسٽال ڪرڻا پوندا آهن. انهن سافٽويئرز مان اڪثر سافٽويئر کاتي چڙهيل ناهن هوندا مطلب ته رجسٽرڊ ناهن هوندا ۽ ڪجهه ڏينهن هلڻ بعد اهڙا ته بيڪار ٿيو وڃن جو ونڊوز نئين سر انسٽال ڪرڻ کان سوا هلڻ جو نالو ئي نه وٺندا ۽ رهندو ڪمپيوٽر ۾ بيماري پيدا ڪندا. مثال : توهان ڪوبه سافٽويئر انسٽال ڪريو ، اهو توهان کي اڳواٽ اطلاع ڏيندو ته توهان هن سافٽويئر کي 30 ڏينهن يا ان کان به گهٽ ڏينهن تائين استعمال ڪري سگهو ٿا . ان کان پو اهو سافٽويئر پاڻمرادو رجسٽريشن گهرندو. ڳالهيون کُٽڻ جون ناهن................. هڪ آسان ٽپ ذريعي توهان ٽرائل ورزن رجسٽر ڪرڻ بغير هلائي سگهو ٿا سوبه جيترو عرصو توهان چاهيو ! آهي نه ڪم جي ڳالهه ؟؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر ۾ انٽرنيٽ لڳل نه هجي پو به سافٽويئر ٽرائل ورجن ختم ٿيو وڃي ! جيئن يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو 16! ؟؟ سافٽويئر انسٽال ڪرڻ مهل مطلوبه سافٽويئر توهان جي ڪمپيوٽر جي تاريخ ۽ مهينو ۽ سال سميت وقت به نوٽ ڪري وٺندو آهي. مثال : توهان جو سافٽويئير 30 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو ! ته توهان کي گهرجي ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ 30 آگسٽ اچڻ جو موقعو ئي نه ڏيو! روزانو تاريخ 20 آگسٽ تي رکو! توهان جو سافٽويئر هلندو رهندو تيستائين جيستائين توهان جي ڪمپيوٽر ۾ 30 آگسٽ نه اچي ! پر ان سان توهان جي ڪمپيوٽر جي تاريخ متاثر ٿيندي ! ان جو به حل آهي... هڪ اهڙو سافٽويئر آهي جنهن ذريعي توهان 20 آگسٽ تاريخ مقرر ڪري ڇڏيو ! بس پو سافٽويئر هلائيندا رهو ، هڪ ڀيرو تاريخ لڳائڻ کان پو اهو سافٽويئر 20 آگسٽ جي تاريخ جي حساب سان ٽرائل سافٽويئر هلائيندو رهندو ۽ ان سان توهان جي ڪمپيوٽر جي تاريخ کي ڪوبه نقصان نه پهچندو ! سڀ کان پهرين هيٺ ڏنل سافٽويئر کوليو، پو ان ۾ ٽرائل سافٽويئر جو ايڪزيڪيوٽيبل (ubed.exe) فائل مخصوص ڪريو ان بعد تاريخ لڳايو (مثال : 20 آگسٽ 2014) ان بعد رن تي ڪلڪ ڪريو ... ٽرائل سافٽويئر هلندو رهندو.. سافٽويئر ڊائونلوڊ لنڪ
ذيشان رشيد ، سليمان وساڻ ، فاروق سومرو ، منصور سرور ، عبدالغني لوهار ، ممتاز علي وگهيو ، ممتاز قريشي ، عرس پريو ، فرهاد علي سومرو ، عبدالحفيظ لغاري ، عبدالجبار شاھ راشدي ، chandio ، گورڌن ولاسائي ، ايس ايم درس ، عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون ، ابو واصف ، شيرين .