پروفيسر نذير احمد سومرو استاد بخاري - روشن پيشاني 1950ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪر انگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا، پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو. اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون، ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا کيس خيال آيو؛ “اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.” جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان ٻڌيون ناهن، پوءِ باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ “اهي سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.” ڪيئي ورهيه پرائمري اُستاد رهڻ کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ 1966ع ۾ بي ايڊ جي بنياد تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو. ون-يونٽ جو دور هو. سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي. ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار ‘نئين زندگي’ ۽ ٽه-ماهي ‘مهراڻ’ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن/سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه (المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هو ۽ چڱو ادب دوست ماڻهو هو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا - ب - ت ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهنڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هو. الف - ب - ت، اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميرو خان جو هو. تونيه صاحب، اُستاد بخاريءَ کان ‘نئين زندگي’ ۽ ‘مهراڻ’ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌيءَ طرح اُستاد بخاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو؛ “ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو، پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ شاعر جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.” اُستاد بخاريءَ کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو. جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ “غزل جون هي سٽون جهونگاري ٻڌاءِ: ‘پڇيــو يـارن ته عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا، چيـم؛ آزادگي، نه هو گهــرجي، نه هي گــهــــرجي. الائـي ڇـــا جــو ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســــوچـــيــون ويـــٺــا، صـدي ويهيـن جي انســانن کـــــي ڪهــڙي شــيءِ نه ٿي گهرجي.’” اُستاد کان شاعري ٻڌڻ کان پوءِ ڪميشن جي چيئرمين کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا، ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هو، سو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ “مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر آهيان.” ويٺلن چيس؛ “خير ته آهي؟” چيائينِ؛ “اُستاد بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر آهي.” جنهن تي چيئرمين چيس؛ “هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ کيس ويهاريو آهي.” استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي، پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي. لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽ موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس هر شعر دل ۽ دماغ کي ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ ۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هو. اُستاد بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هو. بلڪ اهي سڀ، سندس ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾ ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ “خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو وڃي!” تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد بخاري به هڪ هو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا: جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي، سنــڌي ٻـولي، قومي ٻـولي. کيس سنڌ جي شاعرن جي هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن، جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ تاجل کي ائين چوڻو پيو؛ “بيوس مان، بخاري نه ٿي پوي.” استاد بخاريءَ جي عشقيه شاعري پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس، جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي! استاد بخاريءَ ڀيري، شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کان سواءِ، عوام ۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت ۽ محبت ملي، ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ ٻولائيندڙ تصوير بڻجي پيا هئا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽ ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا، پر هتي فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي): هڪ پڃرو ٻيو، پَــرَ به ڪٽيائين هــــاڻــــي مـــري ويـــاســـين، ماتو ٿَـــــــرَ تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي خـــــان عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ “اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.” 1964ع ۾ اُستاد بخاري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هو. تڏهن اسڪول جي ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي. ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي. نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري، ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ هڪ شاهڪار نظم “لاش” جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ “نظم کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.” اُستاد بخاري جو نظم چوي ٿو: هڪ طرف هن جي خطا ڦٿڪي پئي ٻي طرف هن جــي وفـــا ڦــٿڪي پئي ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا ڦٿڪي پئي هـڪ سـزاوار ۽ سـزا ڦــــٿـڪــي پـــئي هـــــو جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو ريــــشــــمـــي چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو ۽ بــــــــدن نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو لاش هـــــي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟ ڇــــــو تـــــه هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي. اُستاد بخاريءَ جو شعري سفرُ امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق جي روشنين ۾ اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن ۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ لڳندا هئا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري، انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غمِ جانان به غمِ دوران بڻجي پيو. محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾، استاد بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن لفظن ۾ ياد ڪيو هو، سندس ساڳيا الفاظ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو: The Pilgrim of Eternity, whose fame Over his living head like sky is bent. ابديت جو پانڌيئڙو (زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي.