پيار سنڌ سلامت جا ساٿيو، گُذريل ڏينهن سنڌي سهرن واري شوٽنگ تي سنڌ سلامت لاءِ تصويرون ڪڍيونسين ته اُتي ميڊم فريده سهتو سان ملاقات ٿي پاڻ قاسم آباد حيدرآباد ناري تحريڪ جي سرواڻي ڪري رهيون آهن، مون وٽ سنڌ سلامت جا صرف ٻه ڪيلينڊر بچيل هئا جيڪي مون وٽ منهنجي فائل سائيز بيگ ۾ موجود هئا، سنڌ ۽ سنڌ سلامت بابت سندس خوبصورت ڳالهين جي ڪري کيس سنڌ سلامت جي بچيل ٻن ڪيلينڊرن مان هڪ ڪيلينڊر تحفي طور ڏنم ۽ کيس گُذارش ڪيم ته هن ڪيلينڊر بابت پنهنجي رايا اسان کي فوري ڏيو جيئن ته ادا عبدالغفور سمون پنهنجي هينڊي ڪئيم ڪئميرا سميت حقيو موجود هُو سو هي ڪجهه ڪامينٽس ايڊيٽ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سميت سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين جنهن ۾ ادا عبدالرشيد سمون، ادا ابو واصف ، ادا نثار ابڙو مڪي پاڪ وارو، ادا ابو زين، ڀيڻ شاهده سمون، ادا عاجز سمون، ادا عامر ضيا چارڻ، ادا سلطان کوسو، ادا علي مُنير پاٽائي، ڀيڻ چانڊوڪي سمون، ادا جهانداد سمون، ادا وحيد سمون، ادا وحيد ڦلپوٽو، ادا علي علي ،ادا ممتاز وگهيو، ادا زاهد سومرو، ادا فياض عباسي ۽ادا اسد ڄامشورائي مست الغرض سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي جن جا نالا آئون لکي نه سگهيو آهيان کي ارپيان ٿو۔ دوستو هنن وڊيو جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهي سمورا وڊيو جيڪي سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر 2010ع جي باري ۾ آهن ڪنهن خاص اسڪرپٽ جي بغير رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪڏهن ڪو اسڪرپٽ منهنجي ذهن ۾ ته اهو ته سنڌ سلامت جي هيءَ خوبصورت سوکڙي توهان کي ڪيئن لڳي۔ پيارا دوستو ادا ابو واصف جي خالصتن سچي ۽ بي لوث هن محنت سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي اشاعت تائين جي آئون جيتري به تعريف ڪريان اها گهٽ هوندي، آئون پنهنجي پاران انهيءَ ڪوشش ۾ آهيان ته ادا ابو واصف کان هن ڪيلينڊر جي ڇپائي جي لمحه به لمحه جي ڪهاڻي وڊيو جي صورت ۾ وٺان ۽ ساري دنيا جي سنڌين سميت توهان سان ونڊ ڪريان بس دُعا ڪريو ته آئون پنهنجي انهي ڪوشش ۾ ڪامياب وڃان في الحال پيش آهي سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010ع ۽ محترما فريده سهتو جا رايا وڊيو جي صورت ۾
جواب: سنڌ سلامت جي انتهائي پيار ڀري سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 ۽ محترما فريده سهتو ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ادا واه واه واه ٻيو به ويڊيو اپلود ڪيو جلدي
جواب: سنڌ سلامت جي انتهائي پيار ڀري سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 ۽ محترما فريده سهتو سنڌ سلامت جا ڪنگ مطلب بادشاهه سلامت توهان جا لک ٿورا جو منهنجي هن وڊيو تي توهان بي اختيار واهه واهه واهه چيو آهي توهان جو حُڪم اکين تي بادشاهن جا حُڪم بلڪل ڪونه موٽائبا سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر جي حوالي سان هڪ نئون وڊيو ايڊيٽنگ جي آخري مرحلي ۾ آهي جلدي ئي توهان سان ضرور ونڊ ڪبو ٻيو حڪم ادا جهانداد سمان بادشاهه سلامت آف سنڌ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي انتهائي پيار ڀري سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 ۽ محترما فريده سهتو ادا ڪراچي ۾ ڪلنڊر اچي وي آهي ئ؟؟ ڇا توهان ٻدائي سگهو ٿا ته سند جي ڪهڙي ڪهڙي علائقن ۾ سند سلامت ڪلنڊر موجود آهي
جواب: سنڌ سلامت جي انتهائي پيار ڀري سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010 ۽ محترما فريده سهتو واه ادا واه زبردست................................