حقيقي جمهوريت!

منصور سرور

سينيئر رڪن
هڪ ڏينهن جهنگ جي جانورن شيهن کي چيوته بادشاه سلامت توهان سمورو گوشت پاڻ کائي ٿا وڃون ۽ اسان لا صرف هڏيون ٿا رکو! هي جمهوري دؤر آهي ۽ وسائل جي تقسيم به جمهوري انداز سان ٿيڻ گهرجي. شيهن اهو تسليم ڪيو.
ٻئي ڏينهن ڳئون جو شڪار ڪرڻ کان پو ان جا چار حصا ڪيا ۽ سڀن کي سڏائي تقسيم جو عمل شروع ڪيو.

هڪ حصو کڻي هڪ طرف ڪيائي ته هي بادشاه جي حيثيت سان مون جو حصو آهي.
پو ٻيو حصو کڻي پنهنجي طرف ڪيائي ته شڪاري جي حيثيت سان اهو منهنجو حق آهي ۽ پان وٽ رکيائي.
پو ٽيو حصو کڻي ڪري چيائي ته هي عام حصيدار جي حيثيت سان منهنجي حصي ۾ اچي ٿو.
ان کان پو چوٿي حصي کي ميدان۾ رکي ڪري چيائي ته آهي ڪنهن ۾ همت ته هي حصو کڻي.

ان کي چئبو آهي حقيقي جمهوريت!
 
Back
Top