• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ڪروم ۾ مسئلو

دوستو گوگل ڪروم مون وانگر ڪيترن ئي دوستن جو پسنديده برائوزر هوندو ، پر مون وٽ ڪجهه ڏينهن کان هي ايرر پيو ڏئي ، يار هي ايرر ته ختم ڪري ڏيو، فائر فوڪس مزو ئي نه پيو ڏئي.
THE APPLICATION FAILED TOINITIALIZE PRPPERLY(0xc0000005(
CLICK ON OK TO TERMINATE THE APPLICATION
 
ادا اسڪرين شاٽ موڪل..... باقي مونکي انگريزي سمجهه اچي ئي ڪونه :)

نه ته گوگل ڪروم کي نئين سر انسٽال ڪر.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
لڳي ٿو توهان وٽ هي ايرر پيو اچي...
chrome-application-error.png

ڪڏهن ڪڏهن اهو مسئلو ٻين انسٽال ٿيل ايپليڪيشنس سان پڻ ايندو آهي... جيئن هي سڪرين شاٽس ڏسو...

clip_image001_thumb.gif


Avast_Error.JPG


اهڙن ايررس جو سبب ايپليڪيشن يا سافٽويئر جو درست انسٽال نه ٿيڻ آهي... يا وري ممڪن آهي ته اڳ توهان جي پي سي ۾ موجود ڪو هارڊويئر درست انسٽال ٿيل نه هجي.. جيڪو مطلوبا ايپليڪيشن سان ڪنفلڪٽ ڪندو هجي...
خير بهتر حل ته اهو ئي آهي جيڪو مٿي ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ٻڌايو آهي ته سافٽويئر ان انسٽال ڪري ٻيهر انسٽال ڪريو... پر جيڪڏهن توهان اڃان ڪجهه ٻيو ڪرڻ گهرو ته هيٺيان ٻه پيچيده حل موجود آهن... پر انهن بابت پڪ نه ٿي ڏئي سگهجي ته توهان وٽ ڪم ڪن...

پهريون حل:
گوگل ڪروم جي شارٽ ڪٽ تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز کوليو... ۽ کلندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان شارٽ ڪٽ ٽيب چونڊيو... هتي ٽارگيٽ فيلڊ جي آخر ۾ اسپيس ڏئي –no-sandbox لکو... ياد رهي ته اهي اکر تصوير مطابق لکيا وڃن...

How-to-fix-The-application-failed-to-initialize-properly-0xc0000005-error-in-Google-Chrome-.jpg


ڪروم کي ريسٽارٽ ڪريو... اميد ته ايرر ٻيهر نه ايندو...

حل ٻيو...
ونڊوز +آر ڪيز Windows + R گڏ پريس ڪري رن پروگرام کوليو جتي regedit لکي رجسٽري پروگرام کوليو ۽ هيٺين ڪي تي پهچو...

HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\ CurrentControlSet\ Services\SysPlant

هتي Start ڪي ڳولي ڊبل ڪري کوليو ۽ ان جي ويليو 4 ۾ تبديل ڪريو رجسٽري کي اوڪي پريس ڪري محفوظ ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو...

2.jpg


اميد ته ان طرح توهان جو مسئلو سلجهي ويندو...
 
سائين ان جو آسان ۽ سولو حل اهو آهي ته جڏهن به اوهان ونڊو نئون هڻو ته سڀ کان پهريان آنلائين انٽرنيٽ تان گوگل ڪرم انسٽال ڪيو پر ياد رهي ته ونڊو انسٽال ڪرڻ کان پهريون سافٽوير گوگل ڪروم هڻڻ گهرجي . ۽ اوهان جي گوگل ڪروم ۾ ڪڏهن به اهو ايرر نه ايندو..
مهرباني
 
Back
Top