مهربان خوني (محمد عثمان ڏيپلائي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    مهربان خوني
    محمد عثمان ڏيپلائي

    .......
    هي هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي جيڪو هيڻن ماڻهن سان بيهي ٿو ۽ وڏيرن جي ٿيندڙ ظلم کان انهن جي جان آجي ڪرائي ٿو. پر اصل ۾ اهو هڪ خوني هوندو آهي.
    ......
    هن کي آيل ڏسي، آءُ بسترو ڇنڊڻ لڳس ته مٿس ويهي ڪا رهاڻ ڪريون. ٻيو ڀلا جيل ۾ ڪا ڪرسي، ڪو کٽولو يا منجي ڪٿان آئي.
    ”هون هون، ويچارڙيءَ کي مار ته نه!“ هن رڙ ڪئي. منهنجو هٿ روڪجي ويو، ۽ حيرت مان ڏانهنس نهارڻ لڳس. منهنجي اکين اڳيان اهو شخص بيٺو هو، جنهن نهايت بيدرديءَ سان ڪيترا ئي خون ڪيا هئا. اڄ کيس ماڪوڙي تي ڪهل اچي رهي هئي، ۽ آهستگيءَ سان کيس بستري تان کڻي، پريان اڇلائي ڇڏيائين.
    هو بستري تي اچي ويٺو ته مون مرڪي چيو، ”هي جي هيترا سارا خون ڪيئه، هيترن انسانن جو رت وهايئه، تڏهن ته ڪا ڪهل ڪانه آيئه، ۽ هينئر ماڪوڙيءَ تي به ٿو مهر ڪرين؟“
    سنجيدو ٿي، هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو، ”مون جيڪي خون ڪيا آهن، تن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ٻڌائيندين جو ’ناحق‘ ڪيو هجيم؟“
    مون هن جي گفتي تان ڇرڪ ڀريو ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هن وري چيو، ”ڀلي ويچار ڪري ڏس. منهنجي گهڻن ئي خونن جي توکي پوري پوري خبر آهي. چڱيءَ طرح ويچار ڪري، مون کي هڪڙو به اهڙو خون ٻڌاءِ، جنهن ۾ مون ڪنهن کي بيگناهه ماريو هجي.“
    هو ويهي رهيو، ۽ آءٌ ويچار ڪرڻ لڳس.
    ”ادا خانو، اهو تنهنجو وڙ ناهي جو غريبن جي ٻارن ۾ اکيون وجهين.“ هن نماڻو ٿي، نوجوان وڏيري کي چيو.
    ”وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو! بس، اسين هارياڻين ڏانهن نهاريون به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟“
    ”رئيس! اوهان کي پنهنجي ملڪيت سنڀالڻ جو پورو اختيار آهي، پر هيئن راهون جهلي بيهڻ ۽ کنگهڪارون ڪرڻ، اهو اشرافن لاءِ مناسب ناهي-“
    ”هل ڙي، هل اشراف جا پٽ! وڏو معتبر بڻجي آيو آهي نصيحتون ڪرڻ.“
    ”ڏس، سائين، اسين اوهان جا ٻچا آهيون، پورهيو ڪريون ٿا، جنهن مان اوهين به کائو ٿا-“
    ”ها ها! اسان کي هي ويچارا ٿا کارائين! منهن ته ڏسوس، هي آيو آهي اسان کي رزق ڏيڻ! داڻا اسين ڏيون، ڪپڙا اسين ڏيون، ٻيو به روز روز سوال، ۽ وري ٺيڳر ته ڏسو!“
    ”ٽڪابي ٿا ڏيو، ڪا خيرات ڪانه ٿا ڏيو؛ فصل تي ڏيڍوڻا ٻيڻا ڪري ٿا وصول ڪريو: ان تي ته اسين ڪڇون به ڪونه، پر انهيءَ ۾ عزتون ڏيڻ لاءِ ته ٻڌل ڪين آهيون.“
    ”هاڻي بڪ بڪ ڦٽي ڪر، نه ته لاهيانءِ نه لاک!“
    وڏيري جو پارو چڙهي ويو هو، ۽ هن ساڻس وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو؛ خاموشيءَ سان وڃي ڪم تي چڙهيو. ۽ صبح جو وڏيري صاحب کي رپورٽ ملي ته هن جي جهوپڙي خالي پيئي آهي.
    … … …
    ”ڇوڙي! ڀڄڻ وقت قرض به لاهي ڪونه ويو آهين؟“
    ”مون وٽ ڪهڙي ملڪيت هئي، جنهن مان قرض لاهيان؟ ڪڻڪ جو نمبر پڪو بيٺو آهي، ووڻن جا ٻه نمبر ڀلا اڀريل آهن، انهن مان به تنهنجو قرض ڪونه لهندو!“
    ”سو ڪي ڀڄندڙن جون به ونڊيون ٿينديون آهن ڇا؟ يا اشراف ٿي هلي واپس ويهه، يا اهو جيڪو نئون رئيس ’هٿ ڪيو‘ اٿيئي، ان کان پئسا کڻي ڏي.“
    ”وڏيرا صاحب، لفظ ڪجهه ڌيان سان ڳالهاءِ. اسان کي تو وٽ به پورهيو ڪرڻو، هُتي به پورهيو ڪرڻو- ۽ سڀ کان اول آهي عزت!“
    ”بلي بلي، ٿئي ٿو وڏيرن جو هاري، ۽ ڳولي ٿو عزتون! پئسا پهچائي وڃ، نه ته چڱائي ڪانه ٿيندءِ.“
    ۽ پوءِ، هو روز روز گهوڙي تي چڙهي هن جي گهر اچڻ لڳو.
    ”جانو، اڙي او جانو، نڪر ٻاهر، پئسا ڇڏاءِ.“
    ”ادا، ڀاڻهين ته ٻنيءَ تي ويو آهي.“ مائيءَ نماڻائيءَ سان جواب ڏنو.
    ”ادا ٻدا مان آءٌ ڪونه ڄاڻان. مڙسهين کي چئجانءِ ته پئسا پهچائي وڃي، نه ته انهيءَ ڀُوري ۽ انهيءَ ڌونئريءَ جو کير ٻيا ڌڻي پيئندا!“
    هن جي اها روزاني کيتي، ۽ زال جون روزاني مڙس وٽ دانهون: چي ’ماريو گهر ته اچي پر پراين ٻنين مان به گهوڙو ڊوڙائيندو اچيو رسي! چي، ”ماٺ ڪري، ماڻا ڇڏي، اچي واپس اسان وٽ ويهو، نه ته اها مينهن، اها ڍڳي ۽ اهي ڍڳا، سڀ قرض ۾ هڻائي ويندو سانوَ“!‘
    … … …
    ”وڏيرا صاحب! بيهه اِتي، اڄ مون سان ٻه اکر ضرور صفا ڪري وڃ.“ جانوءَ وڏيري صاحب جي گهوڙي جي واڳ مان جهلي چيو.
    اڄ وڏيري سان گڏ ڪو ڪمدار ڪرائو ڪونه هو. جانوءَ به سندس گهوڙو اهڙي هنڌ روڪيو هو، جتي ويجهيءَ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪونه هو. وڏيري لاءِ هينئر ٻه رستا هئا: يا ته ڪنهن نموني مٺو ڳالهائي جند ڇڏائي، يا ته وري دهمان ۽ دڙڪا ڏيئي، آڪڙ شاڪڙ ڏيکاري، ۽ اهڙو گوڙ شور ڪري جو انهن آوازن تي ٻيا هاري ٻنيءَ مان نڪري اچن. ۽ هن مالَ مست پويون رستو پسند ڪيو. جواني ديواني، بت ۾ طاقت، گهر ۾ دولت، وڏي هلندي، هڪڙي ٽڪي جي هاريءَ اڳيان نماڻو ٿيڻ ته هن سکيو ئي ڪونه هو. سو، وڏي رعب سان ڪڙڪو ڪري چيائين، ”هٽي پري ٿيءُ! ڳالهائڻو اٿيئي ته اوطاقُ تي اچي ڳالهاءِ.“
    ۽ هن گهوڙي کي وڌڻ لاءِ واڳ کي ڇٻي ڏني. پر گهوڙو ڪيئن وڌي: جانوءَ هن جي ٻي واڳ به مضبوط پڪڙي ورتي ۽ چيائين، ”وڏيرا صاحب، اڄ وڃڻ ڪونه ڏيندو سانءِ! تو منهنجي زال جي حياتي دک ڪري ڏني آهي، توکي قرض وٺڻو آهي ته مون کان وٺ، پر تون آخر منهنجن ٻارن کي ڇو ٿو ستائين؟“
    وڏيري گهوڙي کي زوردار اڙي هنئي، ۽ واڳ کي به اهڙي زور سان ڇٻي ڏني جو اُها ته جانوءَ جي هٿن مان نڪري ويئي، پر گهوڙي جو وات به رتورت ٿي پيو. گهوڙو بيتاب ٿي جانوءَ مٿي چڙهي ويو، پر جانوءَ پاڻ بچائي وڏيري جي پير ۾ اهڙو ته مضبوط هٿ وڌو، جو گهوڙو ته نڪري ويو ۽ وڏيري اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. هن جو منهن لال ٿي ويو. سندس هٿ بي اختيار پستول ڏانهن وڌيو. هيءُ ڏسي، جانوءَ به ڪهاڙيءَ کي سندس هٿ ڏانهن سڌو ڪيو. هن جو ارادو انهيءَ هٿ تي وارُ ڪرڻ جو هو، جو پستول ڏانهن وڌيو هو؛ پر وڏيري به تيزيءَ سان ٻيو هٿ کڻي ڪهاڙيءَ ۾ وڌو ۽ ان کي مضبوط پڪڙي، جهٽ ڏيئي پستول ڪڍي ورتائين. هاڻي جانوءَ کي سوچڻ لاءِ ڪو وقت ئي ڪونه رهيو هو: ڪهاڙيءَ کي پوري زور سان سندس هٿ مان ڇڏائي، وٺي جو کڻي زپ ڪرايائين ته هوڏانهن وڏيري جي گولي گسي ويئي، ۽ هيڏانهن پاڻ وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيائين. پوءِ هُن ٻي گولي هلائي، ۽ هِن ٻيو وار ڪيو-
    ’ڇا هن اهو خون ناحق ڪيو هو؟‘
    * * *
    آءٌ وري ٻي ماجرا سوچڻ لڳس.
    جوانيءَ جي موٽ، جسم صحتمند، مال دولت اڪيچار؛ پٽ ڪوبه نه، مٿان وري زال به، ٻه جوان ڌيئون ڇڏي پرلوڪ راهي ٿي ويئي؛ زمين پنهنجي، ڳوٺ پنهنجو، هلندي پنهنجي، ۽ مٿان وري دادي ليکراج وارو شوق، ته اوڙو پاڙو ڪيئن سهي سگهي؟ جتي روز موج ڀرين مجلسن ۾ جهمريون پائيندي اهي آلاپ اٿن—
    آهيان پاڻ الله، عشقين ٿو عابد سڏايان،
    بهشت دلاسو، دوزخ ڌڙڪو،
    کيڏڻ دي دن چار، کيڏ کيڏاڙا تون عشق جي بازي،

    اتي ڀلا چئني طرفن کان جوان ۽ جوانڙيون اچي ڪٺا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو.هن روحاني چڪلي کي بند ڪرڻ جون ڪوششون گهڻيئي ٿيون، پر سڀ بيسود. چڱن مڙسن، آفيسرن توڙي پوليس ٻوٽو ڪونه ٻاريو. نيٺ ڪڪ ٿي، آسپاس جا ڏهه - پندرهن غيرتمند، سرن تان آسرا لاهي، ائين اوچتو اچي ڪڙڪيا جو ڪنهن کي ڀڄڻ جي واهه به ڪانه ملي. سڄي اڏي کي باهه ڏني ويئي. پوءِ ڪي وڍجي مئا ۽ ڪي جلي مئا. پوليس وارن جڏهين اهو اچي ڏٺو ته سير سون جا ڳري ويا آهن، لکن جا نوٽ جلي ويا آهن، تڏهين آڏي اُبتي جاچ پوري ڪري هليا ويا.
    ’ڀلا اهي به ناحقي خون هئا؟‘
    * * *
    منهنجي اکين اڳيان ٽيون نقشو ڦرڻ لڳو.
    تپيدار، ڦِري زميندار ٿيو، ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙو ته زور وٺي ويو جو ويجهيءَ ڇڪ جي سڀ زمين قبضي ۾ ڪري ويو- ڪا قيمت سان، ته ڪا مقاطعن سان. هاڻي ته اهڙيءَ منزل تي به اچي رسيو جو هڪ غريب جا ڏهه نمبر سندس اسٽيٽ جي وچ ۾ اچي ويا، ته اُهي ته ماڳهين زوريءَ ڦٻائي ويو- نه قيمت، نه مقاطعو. هن غريب هر ڪنهن کي ستايو، هر ڪنهن کي منٿون ڪيون، راڄن وٽ فرياد ڪيا، ڪامورن وٽ ڪوڪون ڪيون، پر سندس ڪنهن به ڪانه ٻڌي. هاڻي ته الٽو اهي حڪم به مليس ته جنهن نمبر ۾ تو گهر ٺهرايو آهي، سو سرڪاري ناقبولي آهي: ٻچا وٺي، اباڻا ڪک ڇڏي ڀڄي وڃ، نه ته جڻ ٻچو مارائي ڇڏيندوسانءِ. جڏهين سڀ طرف کان مايوس ٿيو، تڏهين هن اسم الله جو وجهي اچي جانوءَ جو در جهليو. ”گهوريس الله جي نالي تان“ چئي، هو يڪي سر، ڪهاڙيءَ کي چمي ڏيئي، اٿي هن سان گڏ نڪتو. ۽ جڏهين هن جي ڳوٺ پهتا، تڏهين اهوئي ڏٺائون ته نئون وڏيرو عرف تپيدار صاحب پستول ٻڌيو، ڳجهيءَ بندوق وارو لڪڻ هٿ ۾ کڻيو، ماڻهن هٿان نهايت بيدرديءَ سان هن جو گهر پيو خالي ڪرائي. چي، ”ڊاهيو ڀيڻسان جو گهر، ڀڃوس ٺڪر ٺوٻر! حرامي، سرڪاري زمين ۾ دخل ڪريو ويٺو آهي!“ ۽ هن جي زال پئي منٿون ڪيون: ”سائين، رڳو منهنجي مڙس کي اچڻ ڏي!“
    نئين وڏيري صاحب مائيءَ کي زوردار لت هڻي چيو، ”پري ٿي، لونڊي!...“
    بس، جانو هاڻي سهي نه سگهيو، ۽ رومڙ ڪري، وٺي جو واڄٽ ڪرايائينس ته پڙ تي پورو. ڀلا، ”هجي ڪنهن کي جوءِ رن ڪرائڻي ۽ ٻچا يتيم ڪرائڻا، ته اچي جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي سامهون!“ هو للڪارڻ لڳو. جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي هرڪو سڃاڻندو هو. سڀ ڪمدار ڪاراوا کسڪڻ لڳا. جانوءَ سٽ پائي، ڪمدار کي کڻي ڏاڙهيءَ مان جهليو، ۽ گهلي اچي سندس نئين وڏيري جي لاش تي ڪيرايائينس. خود ڪمدار جي ڪهاڙي رت سان لٿڙي، کيس کڻي ٻڌائين، ۽ اعلان ڪيائين ته ”جنهن به هن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون کي ٻڌائڻ لاءِ شاهدي ڏني، ته ان جو جڻ ٻچو ڪُهائيندس.“
    ماڻهو اڳيئي هن پوڍائي زميندار ۽ سندس ٺيڳر واري ڪمدار کان بيزار هئا، تن مان ڪنهن به جانوءَ خلاف شاهدي ڪانه ڏني، ۽ ڪمدار ٽيپ کائي ويو.
    - ڇا، اهو خون به ناحق هو؟
    ”ڪيئن، اچيئي ٿي ڪا ڳالهه خيال ۾؟ اڙي، جانوءَ جو هڪڙو ڌڪ به ناحق جو لهي نه سگهندين! جانوءَ جا توکي ته اڃا ٿورا خون معلوم آهن، گهڻيئي ڪيا اٿم، ۽ انشاءَ الله ڪندو رهندس؛ پر رب جي درٻار ۾ انهن تي به مَرڪندو ويندس. اهي سڀ هيڻا منهنجا همراهه هوندا، جن تي سدائين پئي ڪهل ڪئي اٿم!“ هن منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي، مرڪندي چيو. ۽ آءٌ هن وڏي خونيءَ، منڊڪائيندڙ ماڪوڙيءَ ۽ ڀرسان پيل ناول ”چتر ليکا“ ڏانهن نهاري رهيو هوس..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو