• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيسبوڪ پاسورڊ معلوم ڪريو !

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو!

ڪافي عرصو اڳ، منهنجو هڪ دوست صفا پريشان ٿيو ويٺو هو، سبب پڇڻ تي چيائين ته ” يار! فيسبوڪ وارن مان اڙجي ويو آهيان.. مهينو اڳ مون آئي ڊي جو پاسورڊ مٽايو هو، جيڪو هاڻي مونکي ياد ناهي رهيو ۽ مونکي لڳي ٿو ڪير ٻيو به منهنجي آئي ڊي استعمال پيو ڪري. آئون چاهيان ٿو ته آئي ڊي جو پاسورڊ مٽايان.! :(
پڇيومانس ته آسان آهي! پنهنجي ايميل ايڊريس يا موبائل نمبر ڏينس ۽ پو پاسورڊ ريسيٽ ڪر.
چوڻ لڳو ” يار! اهو ته مسئلو آهي! مونکي ويسر (ڳالهه وسري وڃڻ) جي وڏي بيماري آهي، منهنجي ايميل جو پاسورڊ ته مونکي ياد ناهي پر جيڪو موبائل نمبر فيسبوڪ تي رجسٽريشن ورتم اهو موبائل نمبر به الائي ڪٿي ڪري پيو.“
چيومانس ته پو روز آنلائن هوندو آهين ! اهو وري ڪيئن ؟؟
چيائين ته فيسبوڪ ۾ Keep me logged in تي ڪلڪ ٿيل آهي ۽ پاسورڊ به داخل ٿيل آهي، صرف لاگ ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان لاگ ان ٿيو وڃي ۽ وڏي ڳالهه ته فيسبوڪ وارن اهڙي ته سخت سيڪيورٽي ڪئي آهي جو پاسورڊ ڪاپي به نٿو ٿئي هڻي هڻي بيٺو آهيان ڪجهه به نٿو وري ۽ ونڊوز جا ڪجهه فائل به ڪرپٽ ٿي ويا آهن، سوچيان ٿو جيڪڏهن ونڊوز ڪيم ته هڙ ويندي هلي...:(
مثال : 1
1z18n68.jpg


سوچيم ته ڪٿي نه ڪٿي ان جو حل به ملي ويندو ۽ پو ملي ويو توهان سان به مسئلو آهي ته حل هي آهي! :)
سڀ کان پهرين فيسبوڪ کوليو، پو ڪمپيوٽر ڪيبورڊ مان F12 بٽڻ دٻايو ،
پو هيٺ ڏنل تصوير ۾ جيڪو لکيل آهي اهو ڳولها ڪريو .
29eqjno.jpg

هاڻي ان ۾ هيٺين مٽاسٽا ڪريو، يعني انپٽ ٽائپ ۾ پاسورڊ بجا ٽيڪسٽ لکو ۽ Ctrl+S دٻايو ته مٿي ڏنل پاسورڊ واري خاني ۾ پاسورڊ ظاهر ٿي پوندو...
k2yekk.jpg
 
پر Keep me logged in تي چيڪ لڳائي جڏهن هڪ دفعو لاگ ان ڪيو ويندو ته ٻيهر جڏهن به فيس بوڪ کولبو ته اتي لاگ ان ٿيل ئي ملندو....
اهڙي صورت ۾ توهان جي مٿي ڏيکايل هيٺين تصوير تحت ڪيئن اچجي... :confused:
1z18n68.jpg
 
پر Keep me logged in تي چيڪ لڳائي جڏهن هڪ دفعو لاگ ان ڪيو ويندو ته ٻيهر جڏهن به فيس بوڪ کولبو ته اتي لاگ ان ٿيل ئي ملندو....
اهڙي صورت ۾ توهان جي مٿي ڏيکايل هيٺين تصوير تحت ڪيئن اچجي... :confused:
1z18n68.jpg

سائين! ان دوست وٽ لاگ آئوٽ ٿيل هو، جڏهن فيسبوڪ کوليم ته اي.ميل ۽ پاسورڊ لڳل هئا صرف ان کي لاگ ان ڪرڻ جي ضرورت هئي. ۽ پاسورڊ ڪاپي نه پئي ٿيو.
 
مطلب پاسورڊ محفوظ ٿيل هئو.... باقي ڪيپ مِي لاگ ان ۾ ته ڌُو فيسبوڪ جي فيڊ تي هليو ويندو آهي ماڻهو...
 
پر اسان جو مسئلو حل نه ٿيو وڏا...:confused:
پر Keep me logged in تي چيڪ لڳائي جڏهن هڪ دفعو لاگ ان ڪيو ويندو ته ٻيهر جڏهن به فيس بوڪ کولبو ته اتي لاگ ان ٿيل ئي ملندو....
اهڙي صورت ۾ توهان جي مٿي ڏيکايل هيٺين تصوير تحت ڪيئن اچجي... :confused:
1z18n68.jpg

ادا اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ڪوئي فيس بوڪ يوزر پاسورڊ ياد رکائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ۽ رميمبر پاسورڊ تي ڪلڪ ڪري. ٻئي صورت ۾ مٿي ڄاڻايل تصوير واري صورتحال ممڪن نه آهي....

.
 
Back
Top