مان اعتراف ٿو ڪريان ته....................... زيب سنڌي

منصور سرور

سينيئر رڪن
اعتراف ٿو ڪيان ته مان ڪڏهن به سٺو شاگرد نه رهيو آهيان، جنهن ڪري مون ميٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس، انٽر ٿرڊ ڪلاس ۽ بي اي به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي. ايم اي سنڌي ۾ به پوزيشن فقط ان ڪري آئي هئي جو ادب سان دلچسپي هئي.

مان اعتراف ٿو ڪيان ته ميٿميٽڪ جو سبجيڪٽ مون کي بلڪل نٿو اچي، جنهن ڪري پرائمري سطح جا ونڊ ۽ ضرب جهڙا حساب به اڄ تائين مون کي ڪرڻ نٿا اچن.

مان اعتراف ٿو ڪيان ته مون پنهنجي ابتدائي ادبي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي بيڪار ڪهاڻيون لکيون هيون.

مان اعتراف ٿو ڪيان ته مون سدائين ريڊيو جي پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اڄ تائين بنا اسڪرپٽ جي پروگرام ڪندو رهيو آهيان
 
Back
Top