• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
pakistan-won-t20-world-cup-2009.jpg

دوستو ڪجهه ڏينهن کان مون کي مسلسل ڪالز ۽ اي ميلز اچي رهيون آهن جن ۾ دوستن گذارش ڪئي آهي ته جهڙي طرح پوئين سال ڪرڪيٽ جو ميلو ورلڊ ڪپ براهِ راست ڏيکاريو ٿي ويو ۔۔۔ ساڳي نموني هن دفعي به ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ 2010 سنڌ سلامت فورم تان براهِ راست ڏيکارڻ جا انتظام ڪيا وڃن۔۔۔
هي اهي دوست آهن جن وٽ آفيسز ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ته موجود آهي پر سندن وٽ آفيس ۾ ٽيليويزن نه آهي۔۔۔ ان ڪري رات جو هلندڙ هي ورلڊ ڪپ انٽرنيٽ ذريعي سنڌ سلامت فورم تان ڏسڻ چاهين ٿا۔۔۔
سندن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي هڪ نئين طرز سان عليحده صفحو ترتيب ڏنو ويو آهي ۔۔ اميد ته سنڌ سلامت طرفان هي نواڻ به سمورن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي پسند ايندي۔۔۔۔

 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

وقتائتا ڪم ته اوهين ڪندا آهيو، پر ڇا وڏو پردو ٿي سگهي ٿو؟
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا سائين وڏو پردو سمجهه ۾ نه آيو؟
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا سائين وڏو پردو سمجهيم نه آيو؟

مطلب Full Screen

پر هاڻ اها پوري اسڪرين ڪم ڪري پئي ... مطلب ته رشيد هجي ته ڪهڙو ڏک ... ڪم پنهنجو پاڻ سولا ٿيو پون
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا رشيد سمون صاحب اوهان بهترين شيئرنگ ڪئي آهي. ادا اهيو ٽپس مونکي به ٻڌايو جيئن اوهان
لکيو آهي ته
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ t20
جيئن ڪلڪ ڪيون ٿا ته ڪرڪيٽ جو چينل کلي وڃي ٿو، مهرباني ڪري ٻڌايو ان ٽپس جي باري ۾،
ته اوهان جي مهرباني ٿيندي.
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا رشيد صاحب شايد توهان يقين ڪريو ته مون کي ڪرڪيٽ سان ا\ڌ سيڪڙو به دلچسپي ڪانهي، باقي توهان جو ڪم وڻيو ، ڪم تمام سٺو ٿيل آهي، اگر ڪرڪيٽ مون کي پسند نه آهي ته ڪهڙو فرق ٿو۔پوي جڏهن ته اسان جي ملڪ جا تقريبن 99۔ سيڪڙو ماڻهون ته ڪرڪيٽ کي پسند ڪن ٿا ۽ ديوانه آهن۔ انهن جو ته بهتر ٿئي ويو۔ بلڪه انهن لاء ته عيد ٿئي وئي۔ خاص طور تي منهنجي مائٽ مظهر علي وگهيو جي۔
ادا اهڙي ونڊ لاء توهان کيرون لهڻون۔
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا رشيد سمون صاحب اوهان بهترين شيئرنگ ڪئي آهي. ادا اهيو ٽپس مونکي به ٻڌايو جيئن اوهان
لکيو آهي ته
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ t20
جيئن ڪلڪ ڪيون ٿا ته ڪرڪيٽ جو چينل کلي وڃي ٿو، مهرباني ڪري ٻڌايو ان ٽپس جي باري ۾،
ته اوهان جي مهرباني ٿيندي.

ادا مظهر، اهڙا ٽپ ڪي مفت ۾ ملندا آهن ڇا، ناشتي جي دعوت ڪريو، اچڻ وڃڻ جا ڀاڙا ڀريو، رهائش جو بندوبست ڪريو ته اسين اچي ٻه ٽي ڏينهن آرام سان رهي اوهانجو شهر گهمي ڦري اوهانکي اهڙا ٽپ سيکارجن ۔۔۔۔ باقي ٻڌائجو ڪنهنکي نه جي اوهانکي خبر پوي ته مونکي به ٻڌائجو جو آءُ پڻ ان ڳولها ۾ آهيان ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو آهي ۔۔۔۔8-}
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

بهترين قدم آهي

سنڌ سلامت فورم لا۽

سدائين گڏ
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا رشيد شروع ته لنڪ ڪم ڪيو ٿي ، پر ڪالهه کان لنڪ شايد ڪم نه پئي ڪري ۽ بس خالي اسڪرين اچيو وڃي ۔۔۔ ڀلا ائين به ٿيندو آهي ڇا؟
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ادا رشيد واقعي هينئر پيج تي اڇاڻ کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي۔۔۔ وارو ڪيو ادا پاڪستان جي ميچ کان پهرين ڪو جادو ڪيوس
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

دستو انتهائي معزرت جو ان طرف مان توجه نه ڏئي سگهيس حالانڪه رات کان وٺي دوست اها ڳالهه ڪري رهيا هئا ته ڪرڪيٽ براهِ راست ڏسڻ ۾ نه پئي اچي پر مون کين نيٽ جي رفتار گهٽ هجڻ ٿي ٻڌايو۔۔ اصل ۾ ڪالهه جڏهن فورم اپڊيٽ مان ٿي گذريو ۔۔۔ ته ان طرف توجهه نه ڏئي سگهيم۔۔۔
بحرحال ايرر کي فڪس ڪيو ويو آهي ۔۔۔ هاڻي توهان بهتر انداز سان ميچ مان لطف وٺي سگهندو۔۔۔
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

دوست رشيد جا لک ٿورا جنهن 20ٽي ورلڊ ڪپ ڏيکاري سنڌ سلامت جي دوستن کي خوش ڪيو ۔۔۔
اڄ اينگلنڊ پنهنجي بهترين راند ذريعي چيمپيئن ٿي وئي آهي ۔۔۔ پوري ٽورنامنٽ ۾ انگلينڊ جي راند ڏسي اهو چوڻو پوندو ته ڪرڪيٽ با لڪ نه پر ڪرڪٽ پڻ محنت ۽ سچائي سان کٽِي سگهجي ٿي ۔۔۔
مهرباني انگلينڊ سٺي راند ڏيکارڻ تي ۔۔۔
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

سائين رشيد صاحب جن کي گذارش آهي ته ڇا جيئن اوهان 2020 ڪرڪيٽ براه راست ڏيکاري ڇا اهڙِ ي ريت اسان کي رمضان شريف براه راست مڪي پاڪ يا مديني پاڪ کان ڏيکارڻ جي عنايت ڪندا؟
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

ڀاء تمام سٺي گهر آهي، بس هاڻي ڀاء رشيد سمون صاحب تي ڇڏيل آهي۔ اميد هميشه چڱي رکن گهرجي۔
 
جواب: T20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2010 ويسٽ انڊيز مان براهِ راست ڏسو۔۔۔۔

سائين رشيد صاحب جن کي گذارش آهي ته ڇا جيئن اوهان 2020 ڪرڪيٽ براه راست ڏيکاري ڇا اهڙِ ي ريت اسان کي رمضان شريف براه راست مڪي پاڪ يا مديني پاڪ کان ڏيکارڻ جي عنايت ڪندا؟

سنڌ سلامت جي اڱڻ تان اڳ به رمضان جو خاص پنو ٺاهيو ويو هو، ۽ هن دفعي به انشاء الله رمضان جي مهيني دوران خاص بندوبست ضرور ڪيو ويندو ۔۔۔ ثواب جا ڪم ته ادو رشيد ڳولهيندو آهي ۔۔۔ سو پڪ ڄاڻو ته اهو ڪم ٿي ويندو ۔۔۔
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top