شيخ محمد حيات سنڌي:

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ
    شيخ محمد حيات سنڌي:
    شيخ محمد حيات بن ابراهيم ملا ڦيلارو ذات جو چاچڙ ڳوٺ عادلپور ضلع گهوٽڪي ۾ پيداٿيو.
    سندس شمار سنڌ جي وڏن عالمن ،فاضلن ۽ محدثن ۾ ٿئي ٿو.سندس تعليم ۽ تربيت سنڌ ۾ ٿي. ان کانپوءِ مدينه شريف ۾ وڃي طلب علم مقيم ٿيو. وقت جي وڏي محدث عالم شيخ ابوالحسن محمد بن محمد صادق ٺٽوي معروف به ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين شيخ ابوالحسن ڪبير جي وفات کانپوءِ مسجد نبوي ۽ مدرسه الشفاءِ ۾ مسلسل 34 سالن تائين درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائين.
    شيخ محمد حيات سنڌيءِ جي شاگردن جا نالا:
    سيد عبدالقادر بن احمد ڪوڪباني،سيد غلام علي آزاد بلگرامي،شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي،شيخ محمد صغير ،شيخ محمد بن عبدالوهاب نجدي،شيخ محمد فاخر الهه آبادي،شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ ، شيخ ابوالحسن صغير سنڌي ،مولانا خيرالدين محمد زاهد سورتي وغيره.
    شيخ محمد حيات سنڌيءِ جون تصانيفون:
    (1)ترغيب و ترهيب جي شرح ٻن جلدن ۾
    (2)نوري جي ڪتاب اربعين جي شرح
    (3)الايقاف علي سب الا ختلاف
    (4)تحفته الانام في العمل بحديث النبي صلي الله عليه ولصلوات ولاسلام.
    (5)رساله رد بدعت تعزيته
    سنڌ جا وڏا عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ،علامه محمدمعين ٺٽوي
    سندس همعصر آهن.
    سندس شاگرد شيخ فاخر الهه آبادي پنهنجي استاد شيخ محمد حيات جي تعريف ۾ هڪ قصيدو لکيو آهي جنهن ۾ لکي تو ته
    باد بر روءِ صفحه دوران
    محفل آراءِ حلقه انسان
    شيخ الاسلام عصر علامه
    در فنون حديث فهامه
    موشگاف دقائق ايمان
    رازادن حقائق ايمان
    استه از حبس رتبه تقليد
    بسته بر اجتهاد راءِ مزيد
    درس فرماءِ مسجد نبوي
    بطريق رشيق مصطفوي
    آن محمد حيات بخت بلند
    بحديث نبي قوي پيوند
    متع الله زمرت الدعان
    بافاداته اليٰ الازمان
    سرمن خاڪپائي او بادا
    جان من در رضاءِ او بادا
    ايڏي فضل ۽ ڪمال واري بزرگ شيخ محمد حيات اربع ڏينهن 26 صفر سن 1163ھ مدينه منوره ۾ وفات ڪيائين جنت البقيع ۾ دفنايل آهي .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو