حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي رحه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ گهوٽڪي
    حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي رحه
    مولانا عبدالڪريم بن مولانا محمد عالم بن مولانا ميان عبدالله رحه بن مولانا محمد ڪامل رحه بن مولانا مفتي محمد بن مولانا عبدالله.
    مولانا جي ولادت 9 صفر 1342ھ مطابق 22 سيپٽمبر 1923ع تي ڳوٺ ٻِير شريف تعلقه قمبر ضلع لاڙڪاڻِي جي هڪ علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيا.
    مولانا پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار مولانا محمد عالم رحه وٽ حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ مولانا قمرالدين رحه وٽ تعليم حاصل ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو.سڪندرنامو مولانا محمد ايوب وٽ پڙهيائون ان کانپوءِ قمبر ۾ مولانا جان محمد مگسي وٽ عربي جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائون.1943ع ۾ هڪ مهينو لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ مولانا شاه محمد وٽ پڙهيا پوءِ ڪجهه وقت امروٽ شريف ۾ مولانا عبدالله چانڊئي وٽ پڙهيا پوءِ گوري پهوڙ ۾ حضرت مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رحه وٽ پڙهڻ آيا،مولانا قاسمي صاحب جڏهن گوري پهوڙ کان ميرپور ڀٽي ۾ آيا ته مولانا عبدالڪريم رحه به اچي اتي ٽي سال سانده پڙهيا پو۽ قاسمي صاحب 1947ع ۾ قاسم العلوم گهوٽڪي آيا ته حضرت مولانا عبدالڪريم به گهوٽڪي آيا ۽ اتي انهيءِ سال پڙهڻ کان فراغت حاصل ڪيائون.
    فراغت بعد ٽي سال 1947ع کان 1949ع تائين مدرسه مظهرالعلوم کڏي ڪراچي ۾ پڙهايائون.1950ع کان 1956ع تائين ڪنڊياري ۾ مولانا عبداللطيف واري مدرسي ۾ پڙهايون ۽ 1956ع ۾ ٻِير شريف ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪيائون ۽ 1956ع کان آخري عمر تائين ٻير شريف ۾ ئي پڙهائيندا رهيا.
    حضرت ٻير وارا سائين حمادالله هاليجوي رحه جا خليفه مجاز هئا. مولانا حمادالله جي وفات کانپوءِ ذڪر اذڪار ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنائون.
    مولانا عبدالڪريم قريشي ڦوٽو ڇڪائڻ جي خلاف هئا. ڪڏهن به ڦوٽو ڪو نه ڇڪرايائون.هڪ دفعي ربوه ۽ ختم نبوت جي جلسي ۾ پاڻ اسٽيج تي ويٺا هئا.جو ڪنهن فوٽو گرافر فوٽو ڪڍي ورتو
    تصنيفات:
    (1) قرآن شريف جو ترجمو.
    (2) تفسير سورت الفاتحه ۽ سورت البقره.
    (3) المساجد لله
    (4) التنوير لتحليق اللحيت والتصوير
    (5) فلم محمد رسول الله
    6) ارشاد العباد في تحقيق مسئلٽت الضاد
    (7) انسان جي عظمت
    (8) اسلامي نظام جي دعوت
    (9) فضائل الصحابت
    (10) اسلامي تهذيب
    (11) اسلامي اخلاق
    (12) جهاد ۽ ان جي تياري
    (13) قرآني تعليمات
    حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي هڪ باعمل عالم،انقلابي،قومپرست
    اصول سچ جو ساٿاري سياستدان هو.
    بيشمار خصويتون رکندڙ عالم،مفسر،محقق حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي رحه 12 رمضان المبارڪ 1419ھ مطابق 2 جنوري 1999ع سومر ڏينهن جي شام جو پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا.سندس پنهنجي درگاه عاليه ”ٻير شريف“ ۾ دفنايو ويو.
    اولاد:
    حضرت عبدالڪريم قريشي پنهنجي پٺيان پنج پٽ مولانا عبدالعزيز ،مولانا عبدالحفيظ ،مولانا عبدالمجيب ،حافظ عبدالله ۽ حافظ عبدالرحمان ۽ پنج نياڻيون ۽ هڪ بيوه چڏي ويا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو