حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ گهوٽڪي
    حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ولد حافظ محمود ولد پيارو خان چانڊيو جي ولادت سنه 24 جون 1924ع مطابق 1335ھ تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس امڙ سائڻ جو نالو ”سارن“ هو پاڻ اڃان ٽن سالن جو مس ٿيو ته والد صاحب لاڏاڻو ڪري ويو .
    مولانا صاحب جڏهن پنجن سالن جا ٿيا ته ڳوٺ واري مدرسي ”تحفيظ القرآن“ ۾ نالي واري عالم مولانا فتح محمد سيرانيءِ وٽ ”ناظره قرآن شريف ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين ان کانپوءِ مولانا خوش محمد ميروخانيءِ وٽ ارشاد الصرف ۽ هدايت النحو تائين ۽ فارسي جا نصاب زليخا جامي ۽ سڪندر نامو مڪمل ڪيائين ان کانپوءِ ”دارالفيض “ ڪور سلمان ۾ علامه مولانا عبدالڪريم ڪورائيءِ وٽ درس نظامي جي تڪميل ڪري 11 سالن جي عمر ۾ دستار بندي ڪيائين ان کانپوءِ داراالعلوم ديوبند مان اعليٰ تعليم جي سند حاصل ڪيائين جتي مولانا حسين احمد مدني کان ”صحاح سته“ ۽ ”تفسير “ پڙهيائين ان کانپوءِ اورينٽل ڪاليج فتحپور دهليءِ مان حڪيم محمد ظفر کان طب جي فن ۾ مهارت حآصل ڪري ” حڪيم الحڪاءِ“ جي سند حاصل ڪيائين .شيخ ابو السراج حافظ غلام محمد دينپوري کان تصوف جي ”قادري طريقي“ ۾ دست بيعت ٿيا.مولانا عبيدالله سنڌي کان ”معارف القرآن“ ۽ شاه ولي الله جو فلسفو سکيا ۽ خاص ڪري شاه ولي الله محدث دهلويءِ جا ڪتاب ”حجة البالعه ،سطعات،البدورالبارغه ، خير الڪثير ،ترجمه قرآن “ وغيره سکيا .پنجاب يونيورسٽي لاهور مان عربيءِ جي اعليٰ امتحان پاس ڪيائين .
    درس و تدريس:
    شعبان 1360ھ مطابق آگسٽ 1941 ع تي دارالعلوم ديوبند جي فراغت کان بعد شوال 1360ھ مطابق آڪٽوبر 1941ع ۾ علامه قاسمي صاحب مدرسي ”دارالسعادت “ گور پهوڙ ۾ شيخ الحديث ۽ صدر مدرس مقرر ٿيا ان مدرسي ۾ مولانا صاحب ٽي سال پڙهايو. ان کانپوءِ قاسمي صاحب مدرسي ” بيت الحڪمت “ ميرپور ڀٽي ۾ ٽي سال پڙهايائين. ان کانپوءِ مدرسه ”قاسم العلوم “ گهوٽڪي ۾ صدر و مدرس مقرر ٿيا پاڻ هتي هڪ سال کن رهيا
    قاسمي صاحب مدرسي ”مظهر العلوم “ کڏي ۾ 17 شوال 1367ھ مطابق آگسٽ 1948ع کان وٺي جون 1951ع تائين هن مدرسي ۾ پڙهايائين ان وقت پگهار 125 رپيه کان 150 رپيه تائين هئي. مدرسه مظهر العلوم کڏي کي خير آباد چئي ان کانپوءِ ”سنڌ مدرسه الاسلام“ جي مسجد ۾ پيش امام مقرر ٿيا.ان کان علاوه مسلم ڪاليج ڪراچيءِ ۾ اسلاميات جا ليڪچرار مقرر ٿيا.
    منصب:
    * چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي پاڪستان اسلام آباد
    * چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
    * ڊائريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد
    * سنڌ ميوزم سينٽر حيدرآباد
    * انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
    * ڊاڪٽر دائود پوٽه سنڌ پراونشل لائبريري حيدرآباد
    * مهراڻ آرٽس ڪونسل حيدرآباد
    * ميمبر صوبائي ڪائونسل سنڌ ڪراچي
    * ميمبر مرڪزي زڪوات ڪائونسل اسلام آباد
    * مرڪزي سيرت ڪميٽي اسلام آباد
    * اقبال اڪيڊمي لاهور
    قاسمي صاحب جي رهنمائي ۾ لکيل مقالا:
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي * ڊاڪٽر عبدالڪريم سنڌيلو * ڊاڪٽر سيد محمود شاه بخاري* ڊاڪٽر اياز حسين قادري * ڊاڪٽر غلام علي الانا * ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو * ڊاڪٽر عبدالجبار مغل * ڊاڪٽر عبدالخالق ناز * ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر * ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاه * ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي * ڊاڪٽر عزيز الله ميمڻ * ڊاڪٽر آپا شمس عباسي * ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي *ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر *ڊاڪٽر قاضي خادم * ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو * ڊاڪٽر حافظ نظام الدين مهر * ڊاڪٽر خام محمد لاڙڪ * ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي* ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد شامل آهن .
    تصانيفون:ايڊٽ ۽ مقدما لکيل ڪتاب
    * شاه جو رسالو جهونا مارڪيٽ ڪراچي 1951ع
    * قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    * سنڌي زبان جي لغت سنڌي ادبي بورڊ 1976ع ۽ 1977ع
    * جامع سنڌي لغات نظرثاني جلد پهريون،جلد ٻيون، جلد ٽيون سنڌي ادبي بورڊ 1981ع،1984ع،1985ع.
    * مٺو مرسل سنڌي ادبي بورڊ 1981ع
    * الهام الرحمان في تفسير القرآن ،بيت الحڪمت صحافي ڪالوني حيدرآباد
    * ترجمه القرآن (فارسي) مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد
    * سنڌي تفسير ( جلد 1،2،3) شاه ولي الله اڪيڊمي حيدر آباد سنه جولاءِ 1994ع، نومبر 1995ع ۽ جون 1997ع
    * مفيد الطلبا في شرح تعريف الاشياءِ مڪتبه اعزازيه دهلي
    ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قاسمي صاحب جون تصانيفون آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو