مرڪي جڏهن ڀي ملندو آهين. نا معلوم

نيڻ خماريل کڻندو آهين
مون کي ڏاڍو وڻندو آهين

جوڀن ۾ آ گل جي خوشبو
انگ انگ کي واسيندو آهين

وار ايئين جيئن اڀ تي بادل
کنوڻين وانگي کلندو آهين

راتيان ڏينهان من ۾ رهين ٿو
مور نه دل تان لهندو آهين

موت مٺا آ وسري ويندو
مرڪي جڏهن ڀي ملندو آهين.

نا معلوم
 
Back
Top