بنياد پرست اسلامي ويڙهاڪ ۽ يزيدي فرقو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    بنياد پرست اسلامي ويڙهاڪ ۽ يزيدي فرقو
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    وچ اوڀر ۾ اسلامي بنياد پرست ويڙهاڪن جي حملن ۾ ڪيترن ئي فرقن جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن ۾ اڪثريت يزيدي فرقي جي آهي، چيو وڃي ٿو ته اسلامي شدت پسندن جي حملن ۾ يزيدي برادري جا 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته هي ماڻهو هن وقت عراق جي اترين ۽ اڀرندي جابلو پٽي ۾ڦاٿل آهن.وٽن خوراڪ ۽ پاڻي ختم ٿي ويو آهي.
    داعش نالي اسلامي ويڙهاڪن جي تنظيم هٿان تشدد جو نشانو بڻيل يزيدي فرقي بابت اڳ گهٽ ماڻهن کي خبر هئي پر هاڻ دنيا هن فرقي بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهشمند آهي.
    يزيدي فرقي جي غير معمولي عقيدي سبب گهڻو تڻو هن فرقي کي شيطان جي عبادت ڪندڙ ٽولو چيو وڃي ٿو. هي فرقو ترڪيءَ جي ڏکڻ –اوڀر ۽ شام ۽ عراق جي اتر اولهه علائقن ۾ روايتي طريقي سان ننڍين ننڍين آبادين ۾ رهائش پذير آهي. هنن جي ڪل تعداد بابت اڃا تائين صحيح نموني ٻڌائڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته هي فرقو هڪ ٻئي کان ڏورانهين هنڌن تي آباد آهي. ان جي باوجود اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن فرقي جو تعداد 70 هزار کان 5 لک جي وچ تي آهي ۽ گذريل صدي دوران هن جي تعداد ۾غير معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن خطي جي ٻين اقليتي برادرين جهڙوڪ علوي ۽ دروز جيان ڪو به ٻاهريون ماڻهو يزيدي برادري ۾شامل نه ٿو ٿي سگهي.
    عراقي شهر موصل جي اولهه ۾ واقع يزيدي برادري جي مرڪزي خطي ڪوهه سنجار ۾هن برادري خلاف ڪارروايون جاري آهن.
    اسلامي شدت پسند داعش جي خيال ۾هن برادري جو تعلق اميه شاهي خاندان سان آهي، جڏهن ته ٻيا وري هنن جو تعلق انتهائي غير مقبول حڪمران يزيد بن معاويه سان جوڙين ٿا.
    جديد تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته هن فرقي جو يزيد بن معاويه يا ايران جي شهر يزد سان ڪو تعلق ناهي جڏهن ته جديد فارسي لفظ ايزد سان آهي، جنهن جو مطلب خدا آهي. ايز ديز نالي جو عام مطلب خدا جي عبادت ڪندڙ آهن ۽ يزيدي به پنهنجي فرقي جو نالو اهڙي طرح بيان ڪن ٿا.
    يزيدي قرآن ۽ بائبل جو احترام ڪن ٿا پر هنن جون پنهنجون روايتون زباني آهن. رازداري سبب يزيدي فرقي بابت غلط فهميون به ڏٺيون ويون آهن ته هن فرقي جو تعلق پارسي مذهب سان آهي، جنهن ۾ هو روشني ۽ اوندهه کان علاوه سج جي به پوڄا ڪن ٿا.
    موجوده کوجنا موجب جيتوڻيڪ هنن جا عبادت گهر سج جي تصويرن سان سجايل آهن ۽ هنن جي قبرن جو رخ اوڀر طرف کان سج اڀرڻ جي پاسي هوندو آهي سندن عقيدي ۾ اسلام ۽ عيسائيت جا ڪيترائي جز شامل آهن.
    يزيدي فرقي جو مقدس ترين مقام عراق جي گادي واري شهر بغداد کان430 ڪلوميٽر پري ليشن ۾ واقع آهي شادي جي ڪاڄ ۾ يزيدي راهب ماني ٻن حصن ۾ ورهائي هڪ ڀاڱو گهوٽ ۽ ٻيو ڪنوار کي ڏي ٿو. شادي جي ڪاڄ ۾ ڪنوار ڳاڙهو وڳو پائي چرچ ويندي آهي، ڊسمبر ۾ يزيدي راهب سان شراب پيئڻ کان ٽي ڏينهن روزا رکنديون آهن. 15 کان 20 ڊسمبر جي دوران هي موصل جي اتر ۾ واقع شيخ ادي جي مزار تي وڃن ٿيون ۽ ات درياءَ ۾ مذهبي رسمون ادا ڪن ٿيون، جنهن ۾ جانورن جي قرباني به شامل آهي.
    يزيدي پنهنجي خدا جي سڌي ريت عبادت نه ٿا ڪن پر ان کي غير متحرڪ طاقت جو مالڪ سمجهن ٿا ۽ هو زمين جو رڳو نگهبان نه پر خالق سمجهيو وڃي ٿو.
    يزيدي فرقي موجب سندن خدا مان ست عظيم روحاني طاقتون نڪتل آهن جن مان هڪ مور فرشتو ملڪ طائوس آهي جيڪو خداوندي حڪمن تي عمل درآمد ڪرائي ٿو. ملڪ طائوس کي خدا جو همزاد تصور ڪيو وڃي ٿو.
    يزيدي ملڪ طائوس جي ڏينهن ۾ پنج ڀيرا عبادت ڪن ٿا. يزيدين جي خيال موجب ملڪ طائوس جو ٻيون نالو شيطان آهي، جنهن کي عربي ۾ ابليس چيو ويندو آهي ۽ انهي ڪري يزيدي فرقي کي شيطان جي عبادت ڪندڙ چيو وڃي ٿو.
    يزيدي عقيدي موجب روح هڪ جسم مان ٻي ۾ منتقل ٿئي ٿو۽ بار بار پيدائش جو عمل روح کي خالص بڻائي ٿو. ڪنهن به يزيد جي بددترين سزا ان کي برادري مان خارج ڪرڻ آهي ۽ ان جو مطلب هوندو آهي ته سندس روح جو خالص هئڻ جو عمل رڪجي ويو آهي. ان سبب يزيدين جو ڪنهن ٻئي مذهب ۾ شامل ٿيڻ يا اختيار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    ترڪي، عراق ۽ شام جي سرحد ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ جيڪي ڳچ عرصي کان ويران پيل هئا سي هاڻ يزيدين سان آباد ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هنن ماڻهن اتي پنهنجي مدد پاڻ گهر ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن . جلاوطني جي زندگي گذاريندڙ ڪيترن ئي يزيدين واپس اچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ترڪي جي حڪومت هاڻ هنن کي تنگ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
    صدين کان انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻجڻ باوجود يزيدي برادري پنهنجا عقيدا ترڪ ناهن ڪيا. جيڪڏهن عراق ۽ شام جي علائقن مان داعش جي شدت پسندن يزيدي برادري کي بي دخل ڪري ڇڏيو ته پوءِ گهڻو امڪان اهو آهي ته هي ڏکڻ اوڀر ترڪي ۾ آباد ٿي وڃن ۽ اتي امن سان پنهنجي عقيدي مطابق زندگي گذارين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو