وينديس وطن سامهين، ملير منهنجو ماڳ، ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڀاڱو پنجون ـــ حصو ستون

    ڏوٿين جو ڏٿ

    ٿر غريب ملڪ آهي. ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري ۽ چانورن ڳنهڻ جي اتي جي سڀني کي وست ڪانهي، تنهن ڪري ڪيترا مسڪين قسمين قسمين گاهن مان ٻج ڪڍي اهو اَن ڪري ڪتب آڻيندا آهن. انهيءَ جهنگلي اَن کي چئبو آهي ”ڏٿ“. جي ڏٿ تي گذران ڪندا آهن تنکي ”ڏوٿي“ چئبو آهي. ”ڏٿ“ ۾ نه رڳو جهنگلي ان، پر جهنگلي ميوا ۽ ڀاڄيون به اچي ٿيون وڃن.

    وينديس وطن سامهين، ملير منهنجو ماڳ،
    ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
    ته مون سنئون سڀاڳ، جي ويجهي ٿيان ور کي. (مارئي)

    ٿر ۾ وسڪاري تي جيڪي ڏٿ ۽ ساڳ ٿيندا آهن تن جو شاهه صاحب سر مارئي ۾ مفصل بيان ڏنو آهي.

    هن مند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال،
    سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻين جال. (مارئي)

    سائون هڪ گاهه جو قسم آهي، جنهنجو ان ساوڙيءَ جي داڻي کان ٿورو ٿلهو ٿئي ٿو. سائون ۽ ساوڙي نه رڳو ٿر ۾، پر سنڌ ۾ به ڪيترا هنڌو گيارس ڏينهن کائيندا آهن. سانئين جو ڀت رڌو توڙي پتر پچائبو ته سوادي لڳندون.

    سيارڇ هڪ ٻيو گاهه جو قسم آهي، جنهن ان غريب لوڪ جوئر يا ٻاجهري جي اٽي سان ملائي کائيندا آهن، باقي هوندا وارا هٿ به ڪونه لائيندا اٿس. مکڻي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، نر ۽ ماده. ان جي پاڙ رڳو هئو جيتري آهي، تنهنڪري اهو گاهه ڏاندارين يا هٿن سان ميڙي پوءِ گهر آڻي ڪٽيندا آهن. مکڻي ڪٽ ٿوري ٿي کائي. ڌڪ هڻبس ته امالڪ بوش مان ان ٻاهر نڪري ايندو. جيڪڏهن رڳو هٿ جو مهٽو ڏيس ته به ڪڻ نڪري ٻاهر ايندا. غريب لوڪ اهو ان گڏ ڪري گنديون ڀري رکندا آهن ۽ ڪي ڏينهن پيا کائيندا آهن، مکڻي جي اٽي ۾ چيڙه گهڻو ٿئي ٿو. ان جي مانيءَ جو سواد ڪجهه قدر چانوري مانيءَ جهڙو آهي. اهو ان قوت وارو آهي تنهنڪري چون ته سڀ ڏٿ ۾ مکڻي ڀلي.

    چرن چڻڪن چت ۾، گهارين مٿي گهٽ،
    کهه، مانڌاڻو، مکڻي، ڍوئين پاسي ڍٽ،
    پنوهارڪي پکڙين، وڃي ڪريان وٽ،
    ساڻيهه سامهين سٽ، ڪنديس ڀڃي ڪڙن کي. (مارئي)

    کهه نه رڳو واريسين پٽن، جبلن ۾ به جام ٿئي ٿي. اهو گاهه ڳُريءَ ڳُريءَ کان پاڙ هڻي، ول وانگر پکڙندو ويندو آهي. جهڙي طرح چون ته، ”ڊامڻ گهوڙي کي آمڻ“ تهڙي طرح هي گاهه سڀني وهٽن لاءِ آمڻ يا چوب چيني آهي. انهي گاهه کي ڪوبه وهٽ ڪونه ڇڏي. اٺ، گهوڙو، ڳنءُ (موجوده ڳئون)، مينهن، رڍ، ٻڪري مطلب ته جيڪو به وهٽ ڏسندس سو امالڪ رڙڪي کائي ويندس. ڪراچي ۽ بمبئي ۾ کهه جو ڏاڍو کاپو آهي، تنهن ڪري اُتي کهه لڻي، سڪائي دنبون ٺاهي رکندا آهن.

    مانڌاڻي جي گاهه مان ان جهجهو نڪرندو آهي، اهو ان رنگ جو اڇو، سانئين کان سنهو، پر مکڻي جي ان کان گهڻو ٿلهو ۽ سخت ٿئي ٿو. ٿر ۾ مارو لوڪ ساوڻي ۾ اهو ان گڏ ڪري، چڱي طرح ڪٽي سٽي پوءِ پيهين، جوئر يا ٻاجهري جي اٽي سان ملائي کائين. مانڌاڻي جو ان ٺلهو به ڪم آڻيندا آهن. ويچاري مارئي امر ڪوٽ ۾ قيد هئي ته به ائين ئي چيائين ته:

    ”مٺ مانڌاڻي مجيج، ته نيرن ۾ نئون ڪريان“

    نئون ڪرڻ يعني نئون ان کائڻ. سنڌ ۾ دستور آهي ته جڏهن نئين ڪڻڪ يا جوئر لهندي آهي، تڏهن ڪيتريون زالون آڀون رڌي، اول ڪمارين کي نئون ڪرائي، پوءِ اهو نئون ان پاڻ ڪم آڻينديون آهن، ٿر ۾ مالدار کهه، مانڌاڻي ۽ ٻين ڏٿن جو نئون ڪندا آهن.

    ”عيدن برادن تي کهه مانڌاڻا کيندي“

    مسلمان هڪڙي عيد تي سييون ۽ ٻيءَ تي ٻوڙ پلاءُ کائيندا آهن، پر هيءُ مسڪين اهڙن وڏن ڏينهن تي به کهه ۽ مانڌاڻي جو ان وڏي نعمت سمجهي کائيندا آهن. انهن ڏٿن جو هنن وٽ ڪيترو قدر آهي سو شاهه صاحب مارئي جي واتان هن ريت ڄاڻايو آهي.

    آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سڪائين،
    منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين. (مارئي)

    لنب جو گاهه ٿر ۾ توڙي ٻين هنڌ مٺيون نهر زمينون لس ڀريو ڇڏي. پراڻ جي ڪپ سان توڙي پائر جي ٿر ۾ لنب جام ٿئي ٿو. مکڻي وانگر هن پاڙ به تر جيتري زمين اندر ٿئي ٿي تنهنڪري اهو به بي پاڙو گاهه چئبو. هٿ لاءِ ته ڇڄو اچي. سڪي کان پوءِ لنب جا تيلا جهڙا ڀوري رڇ جا وار. اهو سڪل گاهه مال جي حق ڏاڍو سگهو آهي. منجهس ٿوري ٿوري سرهاڻ به ٿئي ٿي. مالدار انهي گاهه جو ان چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن. شاهه صاحب چوي ٿو ته آراڙيءَ جي ان سان پلاءُ به ڪين پاڙيندا آهن حقيقتون اهي ان ويچارا پنهنجي سقيم حال ڪري کائيندا آهن ۽ انهن تي هري ويا آهن، تنهنڪري هر هڪ ڏٿ هنن لاءِ وڏي وٿ آهي.

    شاهه صاحب ٿر جي نه رڳو جهنگلي انن، پر مند جي ميون ۽ ساڳن جو به جهجهو ئي ذڪر ڪيو آهي.

    عمر انهي ڏيهه جا، ڪوڍير قوت ڪريندي،
    گوليون گولاڙن جون، جهپي سان جهٽيندي.

    ڪوڍير هڪ قسم جي ول آهي جنهن جي پاڙ پٽاٽي وانگر ٿيندي آهي. اهي پٽاٽن وانگر گول آهي ۽ کل سنهي اٿن. اندران لاهوري گجر وانگر اڇا ۽ سواد ۾ ٿورو گهڻو نول ڪول جهڙا ٿين ٿا، جنهن ڪري ڪچا به کائي سگهجن ٿا. جهڙي طرح پٽاٽا توڙي ڪچالو اوٻاڙي، کل لاهي پوءِ لوڻ، مرچ ۽ چٽڻي ملائي کائجن ٿا، تهڙي طرح ڪوڍير به ڪم آڻي سگهجن ٿا. ڪوڍير جو ٻوڙ عام طرح کائيندا آهن. انهنجو آچار به جيڪر سٺو ٿئي، پر اهو سرڪي توڙي تيل يا پاڻي ۾ جلد ڳري وڃي ٿو، تنهنڪري سنڌي نٿو سگهجي.

    گولاڙي جي به ول ٿيندي آهي. ان ۾ ڳاڙهي رنگ جو هڪ گول ميوو پيدا ٿئي ٿو تنهنکي به ”گولاڙو“ چئبو آهي. ٿوريئي برسات پيئي ته گولاڙو ڄاڻ ته ڄائو. گولاڙا ڪچا کائبا آهن، اهي کائڻ ۾ سوادي آهن. اهو قوت واري شئي آهي. گولاڙي جو گاهه کائي، ٻڪري کير وڌائي ٿي ۽ اٺ مٿس ٿوهو ڪڍي ٿو. ”گولاڙو هيٺيان پچي“ اهو پهاڪو عام آهي.

    ”کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون“ (مارئي)

    ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ ”کاٽونبا“ پيدا ٿيندا آهن، جن کي عام طرح ”کٽونبڙا“ به سڏيندا آهن. اهي سنگتري جي نموني ٿين ٿا ۽ کائڻ ۾ کٽا آهن. ٿر ۾ وڏا شاهي ريڀر ۽ هنداڻا به ٿيندا آهن، پر رسالي ۾ انهنجو ذڪر ڪونهي.

    ”ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ“

    ٿر ۾ مينهن تي ميها جام ٿيندا آهن، جي ماڻهو توڙي وهٽ کائين ٿا. ميهن جي ڀاڄي چڱي ٿيندي آهي. ڦنگيون جن کي عام طرح ”کنڀيون“ به چئبو آهي، سي برسات ۾ ٿين ٿيون ۽ انهن جو ٻوڙ ملوڪ ٿئي ٿو.

    چڀڙ کي ”متيرو“ به چئبو آهي. اهي اڪثر جوئر جي پوک ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيندا آهن. مٺا متيرا ڪچا کائبا آهن ۽ انهن جون ڪچڙيون به ڪبيون آهي، مطلب ته برسات ۾ گهڻيئي ٿوڪ ٿين ٿا، جي ٿر ماڻهن کي مالڪ جي مهرباني سان بنا پئسي ملن ٿا.

    مند ٿي منڊل وڄيا، آيو جهڙ جهاٽي،
    هڪ ارزان ان ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي.

    هي تڪون نه رڳو ٿر، پر سڄي سنڌ سان لاڳو آهن. برسات کان پوءِ ان جتي ڪٿي سهانگو ٿئي ٿو. ٿر جي جوئر هڪڙو سستي ٻيو سواد ۾ اهڙي مٺي ٿئي ٿي جو سنڌ جي ڪڻڪ ڇڏيو ٿر جي جوئر کائجي. ٿر ۾ برسات کان پوءِ ڏڌ مکڻ جام ٿئي ٿو. ٿري ماڻهو کير توڙي ڏڌ ڪونه وڪڻن باقي گيهه جو وڪرو ڪندا آهن. ٿر ۾ اٽڪل (1928 ڌاري، جڏهن هي ڪتاب ڇپيو – ايڊمن) اٺ لک چوپايا آهن ۽ اٽڪل پنجيتاليهه هزار مڻ گيهه جا هر سال ٿر کان ٻاهر روانا ٿين ٿا. ٿر جو گيهه تمام سٺو ٿئي ٿو. اهو اڪثر توري ڪونه ڏين، پر ماپي ڏين. ريزڪي وڪري ڪرڻ مهل گيهه جي ماپ گهڻو ڪري ٽپڙين يعني لوهه جي ڪرنڊين سان ڪندا آهن. ٽپڙي ۾ آنو سوا گيهه پوندو آهي. گيهه وڪڻڻ جي جوش وچان ڪيترا ٿري ماڻهو نه کير پيئن نه ڌونئرو يا مکڻ کائين، باقي رات توڙي ڏينهن لسي جام پيئن. وسڪاري ۾ وٽن ايتري لسي ٿئي ٿي جو ڪو سنگتي ساٿي يا ڪو واٽهڙو لسي چڪو گهرندن ته وڏي خوشي سان هن کي ڀانڊو ڀري ڏيندا.

    ”ساٿين کي سيد چئي، ڀريو ڏين ڀاڻ“

    ڀاڻ يا ڀاڻو معنيٰ وڏو ڪٽورو. مطلب ته مينهن ۾ لسي جا ڍءُ اٿن ۽ ٻين کي به وڏي دل سان اڇ ڪرائيندا آهن باقي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ويچارا پاڻ لسي لپ لاءِ پيا واجهائيندا آهن.

    ”پهي پاکي پٽڙي، پرين ساڻ پيئان“

    پهي پاکي يعني پهه يا ٻڪري جي لسي، ڪيترا ٿري ماڻهو پاکي کي باهه تي ٽهڪو ڏياري، رڌي کائيندا آهن. مطلب ته سندن لاءِ اها کيرڻي آهي.

    ----------------------
    حوالو:
    ڪتاب ــــــــ لطيفي سئر
    ليکڪ ــــــــــــ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
    پهريون ڇاپو ـــــــــــــ 1928ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو