اوجانان.... اڪيلي رات ڪاريءَ ۾ ڪڏهن موسم پياريءَ ۾ ڪو خوشبو جو اچئي جهوٽو يا ڪو ٽمڪي پئي تارو يا ڪڏهن اوچتو ويٺي پوئي جي ياد ڪو پيارو نه چاهيندي به ڳوڙها اک جا سارا بند ٽوڙين ته ڏيئي ڪو ذهن کي جهٽڪو وسارڻ جي ڪجان ڪوشش اگهي ڳوڙها سمهي پئجان او جانان..... اگهي ڳوڙها سمهي پئجان.