• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍيون ڳالهيون، وڏا مسئلا

منصور سرور

سينيئر رڪن
مير اعظم علي ٽالپر
چوندا آهن ته سمنڊ ۾ مڇي مارڻ واري جنهن مُهاڻي جي رَڇَ ۾ وڌ ۾ وڌ مَڇيون ڦاسنديون ته ان کي خوشحال سمجهيو ويندو آهي، جنهن بادشاهه جي محل ۾ گهڻي کان گهڻيون راڻيون هونديون آهن ته اهو خوش نصيب ليکيو ويندو آهي، پر زماني جي ظلم ۽ دشمن سماج اندر ڪو مرد بيروزگار هجي يا ڪنهن گهٽ نوڪري وارو هجي ۽ زال آفيسرياڻي هجي ته ان مڙس جي گهر ۾ حالت ڇا هوندي؟

ان کان به وڌيڪ صورتحال نازڪ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن زال ڪنهن صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ٺلهي چونڊيل ميمبر هوندي (وزير ٿيڻ واري ڳالهه ڇڏيو) آهي، ان حالت ۾ ان گهر جي دال ته نه ڳرندي، مرڳو سڄو تڪ آزار ۾ هوندو، يعني ٻنهي ۾ ڪا اڻ بڻت ٿي پئي ته سڀ سورن ۾ هوندا! ان حالت ۾ بيگم بنگلي اندر ننڊ ستي پئي هوندي ته مڙس رڳو پارٽي جو ميمبر يا عهديدار ڇو نه هجي، ٻاهر اوطاق ۾ کٽولي تي ٽنگون سڌيون ڪريو پيو هوندو، نه رڳو اهو پر زال اسيمبلي يا وزير هئڻ جي ڪري تڪ ۾ ڪامورا پنهنجا مقرر ڪرائي گهر جُتي لاهي پاڻي جو گلاس مس پيئندي ته وري مڙس ٺڪاءُ وڃي ڪندو سڀ آرڊر رد پوءِ ان ڇڪتاڻ ۾ علائقي جا ويچارا مسڪين صحافي به هوندا سورن ۾!! جيڪڏهن ميمبر صاحبه يا وزير صاحبه جي پريس ۾ ڪو بيان نه ڇپيو ته هوند آزار ۽ جيڪڏهن بطور هڪ پارٽي ڪارڪن مڙس جي ڳالهه صحافين اخبار ۾ نه هلائي ته ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾ ۽ صحافين کان پڇاڻو ڪيو ويندو! اهو ڪم ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان سنڌ ۾ هلندڙ آهي. هتي صحافين جي ڳالهه تان هڪ ٻي ڳالهه به ڪندو هلان ته اسان جي تر جي شاندار ڪم ڪندڙ پوليس کي شابس هجي جو اڌ سڏ تي اڌ رات جو 3 وڳي راقم وٽ پهتي، ڇو ته هن ماٺيڻي ۽ امن واري شهر ٽنڊو ڄام جي ٽالپرن واري پاڙي ۾ هڪ ئي رات ۾ ٽن گهرن جون ڇتيون ڦاڙي چورن ’هٽ ٽرڪ‘ ڪئي آهي، ان شاندار چوري واري هٽ ٽرڪ پئڪيج ۾ معزز چور صاحبن راقم وٽ جي گهر به قدم رنج فرمايا، پر کين شايد خبر نه هئي يا ڪو نوان هئا، صحافي سدائين مسڪين ۽ غريب هوندا آهن ۽ سندن گهر ڪُڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي، سو ڀلي راقم به نالي ۾ نهال هجي پر آهي ته وري به صحافي برادري جو ماڻهو، معزز چور صاحب ڏاڍي محنت ۽ جفاڪشي سان ڇت جون سرون (ڪلراٺيون) ڪڍي، محبت فقير جي لاهوت واري کوهه جيان پاڻ کي هيٺ اُڇلي نقد نارائڻ ۽ سون مين جي تلاش دوران پنهنجي پورهئي لاءِ جيڪي گهر واهيو، ان تي مون کي افسوس آهي. جيڪڏهن چور صاحب کي راقم وٽ ڪنهن مال ملڪيت هئڻ جو ڪو شڪ شبهو هو ته رڳو موبائل تي مئسيج ڪري ها ته عزت ماب کي در کولي ڏنو وڃي ها ۽ اهو پڻ عرض گوش گذار ڪجي ها ته ’يار اسان صحافين کي ته گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ٺلهن ڪاغذن ۽ پراڻن اخبارن کانسواءِ ڪجهه هٿ نٿو اچي، هاڻ توکي ڪجهه مال هٿ اچي ته ’ونڊ‘ ضرور ڪرائي پوءِ وڃجان!!! ان کانسواءِ بجاءِ رات جو ڏينهن حاضر آهي!! پر هاءِ قسمت چور ويچارو جيئن ڇت تان آيو تيئن واپس به هليو ويو، بلڪل ان طرح سان جيئن پاڪستاني فلم پائل ڪي جهنگار ۾ پوليس کان لڪندو فلم جو هيرو اداڪار درپن فلم جي هيروئن اداڪاره نيلو جي گهر ۾ اچي اچانڪ مٿان هيٺ ڪرندو آهي ۽ پوءِ ان گهر ۾ رهندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ٻاهريون در بند هوندي به درپن اوچتو گم ٿي ويندو آهي ته ان تي مزاحيه اداڪار نذر، نيلو کان پڇندو آهي ته هي (درپن) ڪيڏانهن ويو؟ ان تي نيلو چوندي آهي ته ”شايد هليو ويو گهر مان“ ان تي نذر وري چوندو آهي ته ”ها، پر در ته بند آهي“ اهو ٻڌي نيلو جواب ڏيندي آهي ته ”جي، ها آيو هو ته به در بند هو ۽ ويو هليو ته به در بند آهي“، سو چورن گهرن جي جامع تلاشي وٺي ڇتين تان بنا ڏاڪڻ آيا ۽ هليا ويا ۽ اسان جي ڪتن ۾ گونجي رهيو آهي، ”پوليس هي ڪا فرض مدد آپ ڪي“ ها پر چورن اهو ڪم عيد جي اٺين ڏينهن ڪيو، پهرين ڪن ها. آئنده وقت جو به خيال ڪندا. بهرحال دنيا ۽ جهان جيستائين هلندو رهندو، ان وقت تائين اهو چور، ڀاڳيو ۽ پوليس وارو قصو به هلندو رهندو، ليڪن آگسٽ جو مهينو جيئن اڳتي وڌي رهيو آهي تيئن طاهرالقادري فيڪٽر به گرما گرم نموني سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف عمران خان تيزي سان بائونسر هڻي رهيو آهي. ڏسجي ته اها به چور پوليس واري راند ڪٿي ٿي هلي دنگ ڪري، في الحال ٻارن جي راند لُڪُ لُڪوٽي جيان جاري آهي. البته بيروزگار نوجوانن لاءِ نوڪري لاءِ هڪ ڏس پتو مليو آهي ته جن کي به سرڪاري نوڪري ’مرڪز‘ ۾ گهرجي ته رائيونڊ جي تبليغ لاءِ نڪري پون ۽ باقي سنڌ ۾ نوڪري جا خواهشمند لاڙڪاڻو وايا شهدادڪوٽ گهمن ته ڪم ٿي ويندو. جڏهن ته ڪي پي ڪي وارن کي شوڪت خانم اسپتال مان پرچي وٺڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، باقي بلوچستان وارن جي مرضي جيئن به نوڪري حاصل ڪن، ان ۾ اسان جو ڪجهه نه وڃي. هي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪم جون آهن پر ان لاءِ هر ڪنهن جو متفق هئڻ ضروري ڪونهي. ڇو ته انهن ۾ هر ڪنهن جا مسئلا ۽ انهن جو حل مختلف آهي.
 
Back
Top