۽ ٿورڙو مرڪي پئين. نا معلوم

مُرڪَ

هي پيگ جام جو
هٿ مان ڪري پئي
ٽٽي پئي
سالن کان هٿ ۾ جهليل
سگريٽ ڀي سڙي پئي
بيمار بستري تان
دل اٿي پئي
۽ نچي پئي
ڪو راڳ ڳائجي پئي
۽ ساز دل ڇڙي پئي
هيءَ زندگي ٽڙي پئي
۽روشني کڙي پئي
ڪو گيت پڻ جڙي پئي
۽ سرد سوچ ذهن مان
ڪا آڳ ٿي ٻري پئي
جي ٿي اڄ تون ملين پئين
۽ ٿورڙو مرڪي پئين.

نا معلوم
 
Back
Top