مهتاب اڪبر راشدي نه ٿي ڄاڻان ته، مارچ مهيني کان وٺي سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ مذهبي عدم برداشت وارا واقعا ڪنهن جنون جو نتيجو هيا، يا ان ۾ به ڪنهن ”هٿ“ جي ڪار ستاني هئي؟ هڪ ٻئي پٺيان مندرن تي ٿيندڙ حملا، ڄڻ اسلام جي روح کي چمڪ ڏيندا هليا ويا. اسان پنهنجي سانڀر ۾ ته اهڙو ڪم ٿيندي ڪڏهين ڏٺو ئي ڪو نه ياد ٿو اچيم ته اسان جي نئين ديري واري گهر جي پاسي ۾ ڪاڪي سدوري جو گهر هو ۽ ان سان گڏوگڏ سندس هٽ به هو. ٿوري ٿوري دير ۾ شيءَ شڪل وٺڻ لاءِ ڪاڪي سدوري جي دوڪان تي وڃڻ ٿيندو هو. سندس گهر واري، جنهن کي سڀ ماسي جيئند ماءُ چوندا هئا سا جيستائين ڏينهن ۾ هڪ ٻه دفعو اسان جي گهر جو چڪر نه هڻندي هئي، ته ايئن لڳندو هو ته ڪا ڪمي رهجي وئي آهي. ڏياري، دسهڙا ۽ هندن جا ننڍا، وڏا ڏينهن ته اسان گڏجي ملهائيندا هئاسين ۽ اسان جي شب برات ۽ عيدن وري هو اسان سان شريڪ ٿي ملهائيندا هئا. عيد تي، سيون جڏهن اوڙي پاڙي ۾ موڪلبيون هيون ته سڀ کان پهرين گهر ماسي جيئند ماءُ جو ئي هوندو هو. نه اسان کي ڪا ڳڻتي هوندي هئي ته هنن جي پوڄا پاٽ جو طريقو اسان کان مختلف ڇو هو ۽ نه ئي هنن ڪڏهين ڪنهن شئي ۾ ڇوت ڇات ڪئي. ان مذهبي رواداريءَ جو وڏو ڪارڻ اُها انسانيت هئي، جيڪا ڳوٺ جي ماڻهن جي دلين جي اندر ۾ موجود هئي. اُهي گهڻو پڙهيل لکيل نه هئا پر اسلام جي بنيادي اصولن کي هنئين سان هنڊائي ڇڏيو هئن. قرآن به ڪن جو پڙهيل ۽ ڪن جو نه به پڙهيل هو، ته به ٻئي مذهب واري سان انهن کي ڪهڙو سلوڪ روا رکڻو آهي، اُن طريقي کان هڙئي واقف هئا. اسان پنهنجي گهر ۾ نه ڪنهن ٻئي مذهب جي گلا ٻڌي ۽ نه وري ڪنهن مسلڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ٻڌوسين. محرم جو احترام ۽ اهتمام سُني ۽ شيعا گڏجي ڪندا هئا. عاشوري جي پهرين تاريخ کان وٺي ماتمي جلوس يا ذوالجناح جي گذرڻ وارن رستن تي پاڻيءَ جون سبيلون، گهڻي ڀاڱي سُنين پاران لڳايل هونديون هيون. پوءِ هاڻي ڇا ٿي ويو آهي؟ اهي سڀ صاف شفاف جذبا ۽ مذهبي منافرت کان مٿاهان، هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ وارا ناتا.. ڪٿي گم ٿي ويا آهن؟ مان اڄ به اهو يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان ته ڪو عام سنڌي پنهنجي اندر ۾ ڪنهن ٻئي مذهب لاءِ ڪو نانگ پاليو ويٺو هوندو؟ اڄ ته هر غريب غربو بشمول، هندن ۽ مسلمانن جي، ٽي ويلا ماني ڳڀي لاءِ غلطان آهي انهن کي هندن جي مندرن ۾ موجود ڀڳوانن سان ڪهڙو مسئلو ٿي سگهي ٿو؟ مندرن کي باھ ڏيندڙ هاڻي ڪهڙا مسلمان آهن، جيڪي پنهنجي مذهب جي ان فلسفي کان بي خبر آهن جيڪو چوي ٿو ته ”لڪم دينڪم ولي الدين“ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پيغام هوندو، جيڪو کولي کولي اهو ٻڌائي ته ”منهنجو دين منهنجي لاءِ، تنهن جو دين تنهنجي لاءِ“ پنهنجي دين جي پوئيواري ڪرڻ اسان لاءِ ضروري آهي. رب جي ٻڌايل حڪم تي هلون جيڪو اصل ۾ ته انسان ذات لاءِ انسانيت جو ئي مذهب آهي اها هڪ ڏکائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ حقيقت آهي ته پوين ويهن ٽيهن سالن ۾ اسان پنهنجين ڪيترين ئي سُٺين روايتن کان منهن موڙي چڪا آهيون. اسانجو ساڃاھ وند طبقو آهستي آهستي راهه عدم جو راهي ٿي ويو، سنڌ … سياست جي ور چڙهي وئي آهي. جنهن تي بدقمستيءَ سان لالچي جاگيردارنه طبقو حاوي آهي. انهن جي اوليت ۾ پئسو ڪمائڻ ( ڪنهن به طريقي سان ڪمائڻ) سڀ کان مٿانهون ڪم آهي. پر صوبي جي ڀلائي ۽ عام جي بهتري هنن جي ڪتاب ۾ ئي لکيل ناهي. اسان جي ترجيح تعليم هئڻ کپندي هئي، جيڪا بلڪل ڪانه رهي آهي، ماڻهن لاءِ روزگار جي ذريعن پيدا ڪرڻ بجاءِ کين پن تي هيرايو ويو آهي، معاشي سڌارن جي نالي ۾ جيڪي به منصوبا آيا، اُهي ڪنهن ترغيب ۽ دور رس نتيجا حاصل ڪرڻ بجاءِ رڳو وقت ٽپايو“ جي بنيادن تي آيا، اُهي منصوبا تڪميل تي پهچڻ بجاءِ اڄ به رولڙي جو شڪار آهن. انهيءَ سڄي عرصي ۾ سنڌ جي سماجي صورتحال بد کان بدتر ٿيندي وئي آهي. اڄ هتي اسان کي نه ڪو ليڊر ٿو نظر اچي ۽ نه اُهي شخصيتون جيڪي ماڻهن جي دلين تائين پهچن ۽ انهن جي دماغن کي روشن خياليءَ جو دڳ ڏيکارين. نفسا نفسيءَ جي هن دور ۾ جڏهين اقتدار جو حصول زندگيءَ جو مقصد ۽ عوام جي ”خدمت“ وارا لفظ رڳو نعرو بڻجي رهجي وڃن ته پوءِ ان صورتحال ۾ جيڪو ٿي گذري اهو گهٽ آهي. سڀني کي ڄاڻ آهي تعليم، سياسي، مقصدن جي ور چڙهي وئي آهي نه استاد، اهليت وارا نه وري شاگرد فضيلت وارا، مستقبل ۾ ڏسڻ ۽ ايندڙ وقت جي چئلينجن جو ادراڪ رکندڙ ليڊر شپ اسان وٽان لڏي وئي آهي. جنهن پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو ٿو وڃي، اُها وقتي فائدي حاصل ڪرڻ جي بنيادن تي ڪاروهنوار هلائي رواني ٿي وڃي ٿي. پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ جنهن پارٽيءَ کي تسلسل سان حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو اها به رڳو مال ميڙڻ ۾ مصروف رهي، ۽ اڃان به ساڳي ڪرت سان آهي. عوام جي ”بهترين“ خدمت ڪرڻ ۽ مخالف پارٽين جي غير موثر هئڻ سبب اُهي نه صرف ڪرسيءَ تي پير کپايون ويٺا آهن. بلڪه هو پاڻ کي ماڻهن سامهون هاڻي جوابده نه ٿا سمجهن. آگسٽ مهيني جي شروع ٿيڻ سان سياسي ميدان ۾ هلچل وڌي وئي آهي سڄي قوم وري هڪ ڌمچر ۾ وٺجي وئي آهي. زندگيءَ جي بنيادي سهوليتن کان وانجهيل عوام، هاڻي ” جمهوريت“ کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي باھ ۾ اُڇلائيندو. ڪو ليڊر سال کان پوءِ، چونڊ ڌانڌلين جي بدلي وٺڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي ته ٻي طرف سياسي رنگ ۾ رنگيل مذهبي چولو پاتل مولانا انقلاب جي ڳولا ۾ رڌل آهي. سياسي عدم برداشت ۾ ته پاڻ هونئن به چوٽ چڙهيل آهيون. پڪ نه ٿي اچيو ته رڳو اٺين وڳي رات کان وٺي مختلف ٽي وي چيئنلن تي ” بظاهر“ شائسته ۽ پڙهيل ڳڙهيلن مرد ۽ عورتن کي تهذيب جا ليڪا اورانگهندي ڏسو. هنن جو موقف رڳو اهو هوندو آهي، ته هو ۽ سندس پارٽي ليڊر شپ جيڪو ڪجهه به ڪن ٿا، بس اهو ئي صحيح آهي. باقي سندن ڪارڪردگي تي ڪڇڻ پڇڻ وارن جي زبان وڍڻ جو کين پورو حق آهي، ڇو ته حڪومت هنن جي آهي، جيئن وڻندن تيئن ڪندا. ان شاندار تهذيب ۽ اخلاق جو مظاهرو، اسيمبليءَ جي ايوانن کان وٺي، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ جلسن. جلوسن ۾ عام جام نظر ٿو اچي. مذهبي منافرت نه رڳو ٻين مذهبن خلاف وڌي وئي آهي، بلڪه ساڳي دين اسلام جي ڪلمي پڙهڻ وارا به بيشمار تفرقن جو شڪار آهن. يقين نه اچيو ته بازار ۾ هلندي گهمندي، يا مذهبي ڏينهن ملهائيندي، مختلف رنگن ۽ وروڪڙن وارين پڳڙين کي ڳڻيو، ڪنڌ تي رکيل بوڇڻن ۽ رومالن تي نظر وجهو، جُبن ۽ عمامن کي ڏسو ڪنهن موتي فوتي تي، فاتحه ڏيندڙ ۽ وٺندڙن جي تبديل ٿيندڙ طريقه ڪار تي غور ڪيو. ڪو پيو چوندو ته، ماڻهو مري وڃڻ کانپوءِ، ان جي ايصال ثواب لاءِ قرآن پڙهڻ جي ضروت ناهي، جي هو نهنجي لاءِ پاڻ نه پڙهي ويو ته هن مهل ٻين پاران پڙهيل سيپارا هن جي ڪنهن ڪم جا ناهن، مطلب ته تڏي تي ويهي ڀلي ڪچهريون ڪيو، گلا غيبتون ڪيو. پر نه رب جو ڪلام پڙهو ۽ نه ئي اُن جو ذڪر ڪيو وڃڻ وارو وڃي پاڻ الله کي منهن ڏيندو.عيد وارن ڏينهن ۾ گجرانوالا ۾ هڪ ٻئي فرقي سان تعلق رکندڙ هڪ گهر کي باھ ڏئي گهر ۾ اندر موجود معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي ساڙڻ کانپوءِ ظالم ۽ وحشي ماڻهن جهڙي نموني مذهبي جنونيت جو مظاهرو ڪري مذهبي نعره هڻي الله کي ”راضي“ ڪيو، اهي منظر ٽي ويءَ تي ڏسي لڱ ڪانڊراجي ويا. غزا جي بي ڏوهي فلسطينين جي ڪوس تي ته پاڪستاني قيادت ۽ ملڪ ۾ موجود ٻيون سياسي قيادتون وات ۾ مڱ وجهيون ويٺون آهن، جو پنهنجي غير ملڪي آقائن کي ناراض ڪرڻ جي هنن ۾ همت ناهي، پر پنهنجي مُلڪ اندر موجوده مذهبي اقليتن سان ٿيندڙ هن ظالم قدم کڻڻ کان به هو نابري واريون ويٺا آهن. سنڌ ۾ ته هندن خلاف باھ ٻري پئي آهي. هندو نياڻين کي زوري مسلمان بڻائي شاديون ڪرائڻ وارا مذهبي اڳواڻ اڄ به آزاد پيا ڦرن، مندرن کي ڊاهڻ ۽ ساڙڻ وارا، اختياري وارن جي قانون ۽ هٿن کان مٿانهان آهن. عمر ڪوٽ ۾ خون ٿيل ٻن هندو ڀائرن کي قتل ڪرڻ وارا به سليماني ٽوپي پاتل هئا، سي به نظر ڪو نه ٿا اچن. عورتن جو ڪنهن ڪنهن سبب سان قتل ٿيڻ ته روز جو معمول آهي. جنسي ڏاڍايون به هاڻي ڪو حيرت جهڙو واقعو نه رهيو آهي. انهن وحشي درندن آڏو نه معصوم نينگريون بچيل آهن نه ئي جوان عورتون نه ئي معصوم ڇوڪرا رسول آباد (ڳوٺ جو نالو ته ڏسو) جو چار عورتون، عزت جي تار تار ٿيڻ کان پوءِ انصاف جون طلب گار آهن، ٿاڻي جا ڌڪا پيون کائين، ايف آءِ آر ان ڪري نه ٿي ڪٽجي جو ٻڌجي ٿو ته، ڏوهاري، صوبي جي حاڪم اعليٰ جي ويجهو آهن، سو قانون کان مٿانهان آهن. خيرپور ضلعي ۾ ڏوهن، اغوائن، خونن ۽ عصمتن جي پائماليءَ جي جيڪا بازار گرم آهي. ان کي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ان جا ذميوار حڪمران ۽ چونڊيل عوامي نمائندا، اڃا به عوام جي نمائنددگيءَ جي دعويٰ رکن ٿا، حيرت جهڙي ڳالهه آهي! اُهي اڃا به حڪمراني جو حق رکن ٿا؟ ان جو جواب ماڻهن کي پاڻ کان پڇڻ کپي.اڄوڪي سنڌ! بدامني، لاقانونيت ۽ خراب حڪمرانيءَ جو اعليٰ شاهڪار بڻيل آهي. اهو سڀ ڪجهه ڏسندي ۽ سهندي هر ڪو پيو پاڻ کان سوال ڪري ته پوءِ نيٺ هاڻي ڇا ڪجي؟ ابلاغ جا ذريعا، ڏينهن رات عوام ۽ حڪمرانن کي معاشري جي بگڙيل شڪل ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ مصروف آهن. پر مجال جو ڪنهن تي اثر ٿئي. حڪومت ڪرڻ وارا ان ۾ يقين ٿا رکن ته جاهل عوام تي حڪومت ڪرڻ هنن جو پئدائشي حق آهي ۽ ٻي طرف وري ڏتڙيل عوام ان کي پنهنجي تقدير جو لکيو سمجهي، سندن پيرن ۾ لتاڙجڻ ۽ بي عزت ٿيڻ لاءِ تيار هجي ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ حڪمرانن وٽان کين ڏيڻ لاءِ سواءِ ذلتن جي ٻيو ڪجهه ناهي هوندو. بس اڄ انصاف ڪرڻ وارا ناپيد آهن ۽ اُتي به رڳو انڌ ئي انڌ آهي. لاڳاپيل خبرون