• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتيءَجولڄِپالُ ... شهيد بشير قريشيءَ جي نانءِ

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن

شهيد بشير قريشيءَ جي نانءِ
ڌرتيءَجولڄِپالُ

شاعرمنظورمنگي

تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
توکي ڀَرِجَهلُ ڀاءُ بشيرُ چوان،
توکي اَرڏو پُٽُ اميرُ چوان،
توکي سنڌُ ڌرتيءَ جو ٿو خَميرُ چوان،
سنڌي قومَ جو توکي ضميرُ چوان،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
تو ماروئڙنِ کي مانُ ڏِنُئِي،
سِرُ ڏئِي سنڌ کي سِردانُ ڏِنئِي،
۽ دِلِ وارن کي دانُ ڏنئِي،
ها عِشِقُ به عاليشانُ ڏنئِي،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
ها ڏاهرَ جو همراھُ به تون،
هوشُو ۽ بلاولُ ڀاءُ به تون،
درياخانُ،عنايتُ شاھُ به تون،
ها هيمُون،سُورهيُه شاھُ به تون،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
تون دودو پُٽُ دِلِ وارو آن
لطيفَ جوسُرُ ڪيڏارو آن،
سامِيءَ۽ سچلَ جو پيارو آن،
جِي_ايمَ جي اَکيُنِ جو تارو آن،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
ماضي،مستقبل،حالُ به تون،
تاريخَ جو خاصوخيالُ به تون،
آزاديءَ جو اَحوالُ به تون،
۽ روئندَنِ جو رکوال به تون،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
تو جانِ آ وارِي جَسُ هُجَئِي،
تو قومَ جيئارِي جَسُ هُجَئِي،
ڌرتيءَ جا پُوڄارِي جَسُ هُجَئِي،
تنهنجِي پِرِيتِ نِيارِي جَسُ هُجَئِي،
تون لعلُ اسانجي ڌرتيءَ جو.
لڄپالُ اسانجي ڌرتيءَ جو.​
 
Back
Top