پيپلز پارٽي پاران............

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالجبار شاھ راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ

    *پيپلز پارٽي پاران خيرپور ميرس جي نوجوانن سان سنگين مذاق*

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پاران عوام جي تذليل جو هڪ انوکو واقعو اڄ ان وقت سامهون آيو جڏهن سنڌ جو تعليم وارو وزير نثار احمد کهڙو 2 سالن کان ماستري جي آفر آرڊر جو انتظار ڪندڙ غريب عوام ۾ نيٺ اڄ صبح جو 9 بجي خيرپور ميرس جي گورمنٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ اچي پيو. خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن سان تعلق رکندڙ هزارين مرد ۽ عورت اميدوارن جي خوشي ان وقت ڏسڻ وٽان هئي جنهن وقت هو صبح جو آفر آرڊر وصول ڪرڻ لاءِ اچي ڄاڻايل هنڌ پهتا. منجھند جو 1 بجي تائين تعليم واري وزير صاحب جو انتظار ڪندڙ اهي اميدوار شايد ان ڪري به ٿڪجن نه پيا ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي روزي لاءِ در کلڻ جي اميد نظر پئي آئي. نيٺ ساڍن چئن ڪلاڪن کانپوءِ 1.30 بجي نثار احمد کهڙو نمودار ٿيو ۽ ان رنگارنگ تقريب ۾ سندس شاندار آڌرڀاءُ پڻ ٿيو پر افسوس جو هن پنهنجي تقرير ۾ اهو چئي اميدوارن جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ته “وزيرِ اعليٰ صاحب جو شهر هئڻ ڪري مان ان جي غيرحاضري ۾ اوهان کي آفر آرڊر نه ٿو ڏئي سگھان ڇاڪاڻ ته سيد قائم علي شاهه جو هجڻ لازمي آهي پر اهو ڪجھ مصروفيتن سبب هتي نه اڇي سگھيو جنهن سبب وري ڪڏهن ٻئي دفعي اوهان کي آرڊر ڏنا ويندا” تعليم واري وزير جي اهڙي ڳاهه تي جڏهن ڪجھ نوجوانن احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نثار کهڙي کين ڇنڊ پٽي ويهاري ڇڏيو. عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجھندڙ پيپلز پارٽي ۽ ان جي اهم اڳواڻ جي اهڙي غيرذميواراڻي رويي تي اوهان ڇا چوندا؟ ان موقعي تي انهن مظلوم اميدوارن جو نظرون ميڊيا تي به پڻ ڄمي ويون آهن ته ميڊيا سندن دانهن کي اجاگر ڪندي يا نثار کهڙو جي اهڙي حرڪت تي پها رکندي....؟
     
  2. محمد حنيف ناريجو

    محمد حنيف ناريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    74
    ورتل پسنديدگيون:
    163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ (ڳوٺ حافظ تاج محمد ناريجو)
    اها نثار کهڙي لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آ جو هڪ ماڻهو لاءِ هزارن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد حنيف ناريجو

    محمد حنيف ناريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    74
    ورتل پسنديدگيون:
    163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ (ڳوٺ حافظ تاج محمد ناريجو)
    پر ادا اهي آفر آرڊر انهن کي ملندا جيڪي انهن جا خاص چمچا هوندا يان وري جيڪي سڄي زندگي ڪمائي هنن کي پئسا ڏيندا آرڊر به انهن جا هوندا ڇاڪاڻ ته هاڻ اسانجي بادشاهت جي اڳواڻن وٽ انصاف ناهي رهيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد حنيف ناريجو

    محمد حنيف ناريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    74
    ورتل پسنديدگيون:
    163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ (ڳوٺ حافظ تاج محمد ناريجو)
    هي اڳواڻ اهو نٿا سمجهن ته اسان ايوانن ۾ عوام جي ووٽ جي طاقت سان آيا آهيون بلڪه اهو سمجهن ٿا ته اسان ڏاڍ ڏنڊي سان آيا آهيون يان وري هو اهو سمجهن ٿا ته اها ڪرسي هنن جي پيءُ ڏاڏي جي جاگير آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هون وري پ پ حڪومت ڪهڙي سنڌ کي ترقي ڏني آهي يا ڪي وري سٺا ڪم ڪيا هجن سنڌ لا:(، خبر ناهي اسان سنڌي ڪيتري عرصي تائين انهن سنڌ دشمن ماڻهن کي ووٽ ڏيندا رهنداسين صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه جي نالي تي.
     
  6. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    بلڪل صحيح ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو