چنڊَ کان تنهنجي راھَ پڇي ٿي حميده گل

هوءَ ناسي نيڻن ۽
ڀنڀن وارن واري نينگر
چنڊ کان تنهنجي راھ پڇي ٿي
موتئي جي مهڪار ۾ روئي
چانڊوڪيَ کان چاھ پڇي ٿي
وڇوڙو ساڻ کڻي ويو جيڪي
سي اُڃايلَ ساھَ پڇي ٿي
هوءَ ناسي نيڻن ۽
ڀنڀن وارن واري نينگر
چنڊَ کان تنهنجي راھَ پڇي ٿي

حميده گل
 
Back
Top