اسان جا ڪجه دوست فقير ان تاثر کي وٺي هلي رهياآهن ته موئن جو دڙي کي الله جي غضب سان نقصان پهتو هو ۽ انهن ماڻهن جي سنڌي ڇو ٿا پوئواري ڪن ڪجه ته هن صدي يا ٻه ٽي صديون پوئتي جي سائنسدانن دانشورن جون ڪهاڻي کوليون ويٺا آهن....انهن لاءِ عرض گذارش آ ته موئن جو دڙو جنهن جي تاريخ 5000 سال يا ان کان به مٿي جو وقت آ هي ....پهرين ته پوين قومن جي دنب ٿيڻ جو ذڪر قرآن ۾ واضع آ جنهن ۾ ڪئي قومو نسل ٻڌايا ويا آهن جيئن ته عاد ثمود فرعون هامان بني اسرائيل ايتري تائن جو نوح عليه اسلام ۽ اصحاب ڪهف جو به ذڪر آهي پر ڪٿي به موئن جي دڙي جي ماڻهن تي غضب جو ذڪر نه آهي..۽ پوئين تاريخ ويندي روحن جي دنيا جي به معلومات قرآن نه ڏي ها ته اسان کي ڪجه پتو نه پوي ها انڪري هڪ آسماني ڪتاب قرآن جيڪو هڪ مسند تاريخ آ تنهن ۾ ڪٿي به سنڌ جي هن شهر جي تباهي جو ذڪر نه آهي ...ان جو مطلب ته هنن ماڻهن تي الله جي ڪا به ناراضگي نه ٿي هئي ....سوچن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي...ٻيو ته هي ماڻهو تهذيب تمدن ۾ ان وقت جي ماڻهن کان تمام اڳتي هئا جنهن ۾ رهڻ ڪرڻ جو بهترين صلاحيتون هيون جن وٽ سوشل ۽ سماجيات جا پختا اصول هيا جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو...ها اهي فنا ٿيا جيڪو فطري عمل آهي وقت گذرڻ سان ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر اروين سبب ختم ٿي ويندا آهن چار صديون پوئتي تنهنجو نسل ئي نه آهي سو سنڌ جي هن موئن جي دڙي تي سنڌ کي فخر ۽ وڏائي آهي ۽ رهندي ...ها ڪارنامن جي ڳاله ته سنڌي ڪو به ڪتاب نه لکي سگهيو يا ابن بطوطه ڪارل مارڪس وغيره ته هن دور جا ماڻهو آهن جن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌي تاريخ تي فوقيت ڏيڻ نا انصافي آهي ...سنڌي اجتمائي طور تي دنيا جي تهذيبن جا اهڃاڻ رهيا آهن جيئن اڄ آمريڪا ڊيولپڊ محسوس ٿي ٿو ..انهن جي هي ڏاندن واري گاڏي، ڪاٺي جا جهاز ٻيڙا، ۽ ويجهي دور جو ڪلاچي جي ڪن جو مورڙي جو ڪارنامو وسري ويو ...سنڌي عقل ڏاهپ ۾ صدين جي سفر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن .....جنهن تي ڪنڌ فخر مان اونچو ڪرڻ جي ضرورت آ نه ڪا هن دور جي دلفريبين دوکي بازن جي سوچ سان سهمت ٿيڻ جيڪي خاص ڪري 1947 کان اسان جي تهذيب کي نقصان ڏيڻ جي ڪا ڪثر نه ڇڏي اٿن........جاري