شهيد سنڌ محترم بشير خان کي ڀيٽا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    محترم بشير خان لاءِ ڪجه احساسن جي ارپنا

    بشير خان اهنسا جي اعلي ا مقام تي هيو هي شخص انتهائي ساده دل ٿي ڪري ماڻهپي جي اوج تي هو هي انساني اعلي ا قدرن کي ڇهندي هڪ وڏي ماڻهو هجڻ جو ثبوت ڏنو هن مهان ماڻهو جي سچي زندگي جدوجهد سان پر آهي هن لالچ ۽ لوڀ کان هٽي صرف سنڌ ،سنڌي ماڻهن سان عشق ڪيو جيڪو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي سواءِ سائين جي ايم سيد ۽ شاه لطيف کان سواءِ.....هن شخص عشق سنڌ ۾ اهڙو ويساه رکيو جو ڪو به هي سوچي ئي نه ٿو سگهي ...هي قلندري صفت پيارو پڳدار جڏهن به سنڌ جي اشو تي قوم کي سڏ ڪيو ته ڪروڙين ڪونڌر لبيڪ چئي هن جي سڏ کي ورنائيندي ڊوڙندا ايندا هئا هڪ سچ جي ساڃاه رکندڙ رهبري ۽ رهنمائي جي رستي سان هر سنڌ جي غم تي ماتم ڪده ۽ هر نن+ي حاصلات ۽ خوشي تي جهومندڙ جوان جي ڪهڙي ٿا ڳال پڇو...هي ته ڄمندي ڄام هئا ۽ هر پل پنهنجي امڙ سنڌي لاٰءِ ئي جيا ...جيون ته اهڙو هجي جنهن ۾ هر پل سنڌ سان سهمت هجي سنڌي تي گهور هجي ولهور هجي ...اي پيار ۽ پاٻوه جا ماڻهو تون ته مرشدن کان به مٿي لولاڪ تي لارون ڪيون سارون ڪيو ن تنهنجي ڪهڙي بياني ڪجي ....هي ڳڙندڙ ڳوڙها تنهنجي لاءِ نڪري رهيا آهن اندر چيري رهيا آهن سڄي حياتي روڳ ڪيا ن ته تنهنجي جدائي جي ڏک کي پڄي نه سگهان تون موسمن کي ماندو ڪري وڌو آهي ،ڏونگرن کي ڏک ۾ ڏاري وڌو آهي تون ته جيون جي جنسار هئين پيار هئين تون ته پنهنجي هٿ سان ڪنهن ننڍڙي ڪيڙي کي به ايذايو هو ....اڄ تنهنجو دشمن شرمسار آهي تنهنجي اڳيان ....تنهنجو ساروڻيو ساري جهڄي ٿو پوان جهوري ۾ ....اي منهنجا بشير خان اي سنڌ جا سوره سوما بشير خان....!!!!!!!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو