• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ماڻهو ڪو منصور هيو شهيد بشير خان

شهيد سنڌ محترم بشير خان کي ڀيٽا

هي ماڻهو ڪو منصور هيو
منهنجي اکين جو نور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
سنڌ سان جنهن جي سڪ سچي
سنڌ لئه جنهن کي پور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
جاڳرتا ۾ جي جاڳايا
محبت سنڌ مخمور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
ماندو جنهن لئه ماحول هتي
هي دشمن لئه ناسور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
ديس اداس جنهن لئه سارو
وطن لئه وهلور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
ديس جي دنگن لئي جاکوڙي
محنت سان معمور هيو
هي ماڻهو ڪو منصور هيو
 
Back
Top