• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوهان هو ڏات جا ڏيئا......

غزل

اوهان هو ڏات جا ڏيئا اوهان وٽ روشنائي آ
اوهان جي ملنساري رونق محفل وڌائي آ
اوهان وٽ پيار جي آ پياس رڳو تانگه ۾ آ تات
اوهان جي جوت جلوو جيءَ جهاڳيندي پڄائي آ
جهڙي ڏات تهڙي سونهن ساگر پيو هڻي ڇوليون
جنبيل آهيو جيون سان اک جنهن سان لڳائي آ
صورت هي سکي تنهنجي جنسار آ جهانن جي
ادا تنهنجي وفا تنهنجي ۽ خدا جي خدائي آ
وسي مينهن لڳي پو نينهن نرمل هي نظارو آ
وسي جي پئي سڄو آڪاس نه تنهنجي اڃ اجهاڻي آ
سڪ ايڏي سرير تنهنجي سدائين پياس ۾ پيڪر
رحين ٿي روح ۾ جانان سڪ توڏي چوائي آ
پنهنجي ڏات مان جانا ڏيو پنهنجن فقيرن کي
اهي رمده ڪي بادل هن دعائن جي واڌائي آ

رسول بخش دائودپوٽه
 
اوهان هو ڏات جا ڏيئا اوهان وٽ روشنائي آ
اوهان جي ملنساري رونق محفل وڌائي آ


تمام سهڻو غزل، سهڻا احساس .... دل کي وڻيا
 
Back
Top