مون کي سرڪاري نوڪري ڪندي ٻٽيهه ورهيه پورا ٿيڻ وارا آهن، ان عرصي دوران مون کي هاڻي اهو احساس ٿيو آهي ۽ اعتراف به ڪيان ٿو ته ريڊيو جي نوڪريءَ جي رومانس، جنون ۽ شوق ۾ پنهنجي گهر ۽ اولاد کي اهو وقت ۽ ڌيان نه ڏئي سگهيس، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ ڏيڻ کپندو هو، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به رهيس پر پنهنجي اباڻي شهر خيرپور جي ريڊيو اسٽيشن تي به رهڻ جا ڪيئي موقعا به مليا پر نوڪريءَ جي جنون ۾ پنهنجي شهر، ڳوٺ، گهر ۽ اولاد کي وقت نه ڏئي سگهيس، جنهن جي ڪري منهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تمام گهڻي متاثر ٿي، نوڪريءَ سان ان حد تائين جنون هو جو منهنجو وڏڙو پٽ عاصم اڄوڪي ڏينهن يعني 11 آگسٽ 1997تي هي دنيا ڇڏي ويو هو، پر ان کان فقط هڪ رات اڳ به پٽ جي شديد بيماري هوندي به مان ريڊيو تي ” موتين مالها، پروگرام ڪري رهيو هوس. سو هاڻي شديد احساس ٿي رهيو آهي ۽ اهو به اعتراف ٿو ڪريان ته جيڪڏهن گهر ۽ ٻارن کي گهربل وقت ڏيان ها ته اولاد جي تعليم ۽ تربيت ايتري متاثر نه ٿي ها. ريڊيو جي نوڪريءَ سان گڏ مون کي اولاد ۽ پنهنجي فيملي ڏي به ڌيان ڏيڻ کپي ها ته شايد انهن جي تعليم ۽ تربيت وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
ڪوثر ٻرڙي جي ان اعتراف طرف اسان سڀني کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر، پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي عزيزن کي به مناسب وقت ڏيڻ گهرجي ..... نه ته دير ٿي ويندي، اوهان جا گهروارا، اوهان جا ٻار اوهان جو ڌيان گهرن ٿا.