دوستو ۽ ساٿيو منهبجي فيس بڪ آئي ڊي تي ڪجهه ڏينهن کان غلط فوٽو يا وڊيو اچن ٿا. جيڪي ان نون پاران شيئر ڪيا ويندا آهن. منهنجي فرينڊ ۾ اهڙو ڪو دوست ناهي جنهن اهڙين تصويرن يا وڊيو سان دلچسپي هجي. هاڻي ته مون کي آفيس يا گهر ۾ فيس بڪ هلائڻ ڊپ لڳندو آهي. اهڙو ڪو طريقو آهي جو انهن گندي شين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.
فيسبوڪ پاڻمرادو پوسٽ نه ڪندو آهي. منهنجي خيال ۾ غلطيءَ سان ڪو برائوزر جو ايڪسٽينشن (پلگ ان) انسٽال ٿي ويو آهي جيڪو اهي حرڪتون ٿو ڪري... ٻڌائجو ته ڪهڙو برائوزر اٿَوَ.... ۽ اهي ايڪسيٽنشن ڊليٽ ڪريو....
ادل، Tools ۾ وڃي Extensions چيڪ ڪريو.... ڪو شڪي ايڪسٽينشن هجي ته ڪلٽي ڪريوس..... youtube premium جي نالي واري ايڪسٽينشن عام آهي اڄڪلهه..
اڙي ادا شفيع ڏاهو ٿي يار... غلط تصويرن جو ٻڌي مون ته توهان جي پروفائيل ڏي ڊوڙ پاتي ... ان لاءِ نه ته ڪو منهنجي غلط تصويرن سان دلچسپي آ پر يارن کي شرمندگيءَ کان به ته بچائڻو آ نه... پر توهان جي پروفائيل تي اچي مون کي ڪابه غلط تصوير نظر نه آئي ... ايسيتائين جو جولائي جي مواد تائين وڃي پهتاسين... بس ته پوءِ پڪ سان سجاد جو چوڻ وٺو...