وسعت الله خان هي تهه در تهه مسلح سيڪيورٽي جا دائرا، هي ڪنڊيدار تارن جا ڇڳا، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل ساده لباس وارا، مهانگي ريبين جي سستي فرسٽ ڪاپي اکين تي لڳائي ڪشادي سيني وارا محافظ، هي ڊالرن سان خريد ڪيل اعليٰ نسل جرمن شيفرڊ، هي موبائل جيمرز سان ليس بلٽ پروف فليٽ، گواهي آهي ان يقين جي ته زندگي ۽ موت خُدا جي هٿ ۾ آهي، پر دل آهي جا ٿڙڪندي رهي ٿي. ۽ جڏهن دل ئي ڪنٽرول ۾ نه هُجي ته مُلڪ ڪيئن ڪنٽرول ۾ ايندو ۽ حوصلو ڪٿان آکيرو ٺاهيندو. اهڙي پارلياماني اڪثريت ڪهڙي ڪم جي جنهن مان ليڊر ڪو ڪم ئي نه وٺي سگهي. جيڪڏهن رانديڪا گڏ ڪرڻا ئي هُئا ته اُن لاءِ ايتري ڊُڪ ڊوڙ يا وچن واعدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي. هڪ کان هڪ رانديڪو ته پنهنجي ئي گهر کان ڪجهه قدمن جي وٿيءَ تي آڪسفورڊ سرڪس جي موڙ تي ٽوائز رس مان به خريد ڪري سگهياسين پئي. ۽ ڪنهن اِهو به ته نه ٻڌايو هوندو ته اوهان رانديڪن سان کيڏي ته سگهو ٿا، پر کلواڙ نٿا ڪري سگهو. نتيجو سامهون آهي. اوهان جا رانديڪا به اوهان کان بيگانا ٿي چُڪا آهن. ڪاش اوهان ايترا جمع ڪرڻ کان پهريان فلم ٽواءِ اسٽوري ئي ڏسي وٺو ها. آدم کي ته قدرت هڪ به موقعو نه ڏنو، پر اُن ئي قدرت اوهان کي ٽي ٽي موقعا عطا ڪيا. شايد هاڻ ڪجهه ڪري وٺو، شايد هاڻ ڪجهه سکي وٺو، شايد هاڻ ڪجهه سمجهي وٺو، پر اوهان به اُن ٻارڙي جيان ثابت ٿيا، جنهن کي بس هڪ ئي ڌُن ايندي هُئي. پُٽ وڏو ٿي ڇا ڪندين؟ غليل ٺاهيندس! پُٽ جيڪڏهن مان اوهان کي ريموٽ ڪنٽرول وارو جهاز وٺي ڏيان ته اُڏاريندين؟ جي اُڏاريندس پر دل ڀرجي وئي ته اُن کي وڪڻي ڇڏيندس. وڪڻي ڇا ڪندين؟ رٻڙ ۽ ٻڇانگ واري ڪاٺي خريد ڪندس ۽ غليل ٺاهيندس. چڱو، جي مان توکي هڪ درجن غليل خريد ڪري ڏيان، پوءِ ته تون غليل نه ٺاهيندين نه؟ بلڪل نه ٺاهيندس. پر جيڪڏهن اُهي ٽُٽي پيون يا گُم ٿي ويون ته پوءِ غليل ٺاهيندس. ۽ پُٽ جيڪڏهن هن دنيا جا سڀئي وڻ غائب ٿي وڃن، تڏهن ڪيئن غليل ٺاهيندين؟ ته پوءِ بس مان سمهي رهندس. ايترو ڇو سُمهندين پُٽ؟ ته جيئن خواب ۾ غليلون ٺاهيان. مان ننڍپڻ کان اهڙا فلسفا ٻڌي رهيو آهيان ته مُئل خاڪ جو، دهشتزده لک جو. اوهان پاڻ ئي ٻُڌايو ته ڪهڙو شخص وڌيڪ ڪارآمد آهي؟ اُهو جنهن جي سيني ۾ اوهان سڌيون سڌيون گوليون هڻو يا اُهو جنهن جي ڪن پٽيءَ ڀرسان زوردار گولي گذاريو. مري ويل کان اوهان ڪو ڪم نه وٺي سگهندئو، پر دهشت زده اوهان جو احسانمند غلام ٿي ويندو. احسانمند ائين ته اوهان گولي سندس ڪن ڀرسان گُذاري هُن کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو. ٿي سگهي ٿو ته هي سڀ ڳالهيون ٺيڪ هُجن ۽ صدين جي سچائيءَ جو نچوڙ هُجن. پر جنهن، پارٽي هُجي يا پارليامينٽ، يا معيشت يا آرٽيڪل 245، سڀ مان غليل ٺاهي هُجي، اُن کان اِها توقع رکڻ ته اُهو وڏيون وڏيون ڳالهيون سمجهي ويندو، وڏي زيادتي آهي. اوهان ڪجهه به ڪريو، ڀلي غليل کسي اُن ۾ ڳوڙهي بجاءِ کيس ئي وجهي پري اُڇلايو، اُهو جتي به ڪرندو غليل ئي ٺاهيندو. اوهان جو ڇا خيال آهي ته اهڙي هڪ-رُخي جنوني ٻار کي ڏنڊو ڏيڻ کان پوءِ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ سوچ آهي اوهان جي، اڳيون ته اُن کان به وڏو جنوني غليل باز آهي. پوءِ به هي سڀ ٻار قابل برداشت آهن. سڀ پنهنجا ئي آهن. پاڻ ۾ ئي غليل بازي ڪن ٿا. اُنهن کي ڳوڙهو هڻڻ جي ته اجازت آهي، پر ڳوڙهو لڳائڻ جي نه. بظاهر جيترا شرارتي سهي پر ايتري خبر آهي ته هڪ ٻئي سان ڪيتري مستي ڪرڻي آهي ۽ ڪڏهن ڪنهن جي کنگهڪار ٻُڌي غليل چيلهه جي پُٺيان لڪائي ڇڏڻي آهي. نه ته ٿوري دير جي لاءِ غليل کسي مٿي رکي ويندي آهي، ايتري سزا اڪثر ڪافي هوندي آهي. ڇا ڪريون جو ٻارن جي تربيت ته ائين ئي ڪرڻي پوندي آهي.