لائبريري جي اهميت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    امبيا سهتو
    لائبريري لفظ، لاطيني ٻولي جي لفظ (Liber) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ”ڪتاب“ آهي. الحاج مهم شفيع لکيو آهي ته: ”ڪتاب ۽ ان قسم جي سامان جو منظم مجموعو، جيڪا مُطالعي ۽ حوالي طور استعمال ٿئي، اُن کي لائبريري چوندا آهن.“ لائبريري اُها عمارت آهي، جنهن ۾ ڪتاب، رسالا، فوٽوگراف جو رڪارڊ ۽ نقشا وغيره رکيل هُجن. لائبريري پنهنجي طور تي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻمرادو تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، جنهن مان هر مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

    لائبريري قائم ڪرڻ جو تصور، هر دؤر ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هو. لائبريري جو تصور، قديم زماني کان به پهرين جو هو، جڏهن اڃا ڪاڳر به ايجاد نه ٿيو هو ته ماڻهو، علم کي سيني به سيني منتقل ڪندا هئا ۽ حفظ ڪري ڇڏيندا هئا. ڪاڳر جي ايجاد کان پهرين کجيءَ جي ڦرهن، جانورن جي کَلن، مِٽي تي لِکي، اُن کي باهه ۾ وجهي پَڪو ڪري ذخيرا ڪندا هئا ۽ انهن سڀني شين کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري محفوظ ڪرڻ کي لائبريري جو نانءُ ڏنو ويو. اڳوڻي دؤر ۾ لائبريري مان مُراد، اُها جڳهه، جتي ڪتاب ذخيرو ڪري سگهجن ۽ اهي ماڻهو پنهنجي پڙهڻ جي لاءِ جمع ڪندا هئا. لائبريري هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن ۾ ڪتاب، مواد ۽ موضوع جي هڪ خاص ترتيب سان هر ڪنهن جي لاءِ، حوالي طور ۽ پڙهڻ جي لاءِ هُجن.

    لائبريري جو اصل مقصد، معلومات، ڄاڻ، علم ۽ شعور کي پکيڙڻ آهي. لائبريري جو مقصد علم جي روشني سان جهالت جي انڌيري کي ختم ڪرڻ آهي. هي هڪ سوشل ادارو آهي، جيڪو سروس مهيا ڪندو آهي معاشري جي هر هڪ فرد کي، اُستاد، شاگرد، ٻار، پوڙها، عورتون، ريسرچ ڪندڙ اسڪالر ۽ هر اُهو شخص، جنهن کي علم جي اُڃ هُجي. لائبريري جي ذريعي ماڻهن کي پنهنجي حال، ماضي ۽ مستقبل جي خبر پوندي آهي ۽ هن جي ذريعي ماڻهو ماضي ۾ ڪيل غلطين بابت پڙهي، پنهنجي حال ۽ مستقبل کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

    تعليمي ترقي لاءِ ماڻهن ۾ شعور پهچائڻ لاءِ ۽ معاشري ۾ صحتمند دماغ پيدا ڪري معاشري جي اصلاح ۾ لائبريري هڪ ڊائنامڪ رول ادا ڪندي آهي. لائبريري شعور پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي، جنهن جي ذريعي دنيا جي تهذيبن، سياست، مذهب، ٻولي ۽ ادب جي بابت ڄاڻ به ملندي آهي.

    اڄوڪي جديد دؤر ۾ لائبريري جو استعمال، تمام گهڻو وڌي رهيو آهي، ڇو ته ڪمپيوٽر جي مختلف سافٽ ويئر جي مدد سان لائبريري جو استعمال، اڃا به آسان ٿي ويو آهي. ماڻهو پنهنجي ضرورت جون شيون سيڪنڊن ۾ سرچ ڪندا آهن، جنهن سان وقت جي پڻ بچت ٿيندي آهي. دنيا ۾ اڄ جيڪي ترقي يافته مُلڪ آهن، انهن ۾ لائبريرين کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ لائبريرين مان علم ۽ شعور پرائي اُتان جا ماڻهو نه رڳو پنهنجي شعور کي وڌائي رهيا آهن پر اُهي صحتمند معاشرو پڻ جوڙڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اسان جا شاگرد، لائبريرين ۾ پڙهڻ جي لاءِ تمام گهٽ ۽ ڪچهرين ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ويندا آهن. سُڌريل مُلڪن جي وڏين وڏين لائبريرين ۾ سوين ۽ هزارين پڙهندڙ هوندا آهن پر مجال آهي جو اُهي اُتي ويهي، ڪو لفظ ڳالهائين. جي ڪو اُتي ٿورو ڳالهائيندو به آهي ته ٻيا پڙهندڙ اُنهن کي اهڙين نظرن سان ڏسندا آهن، جو ڳالهائيندڙ لڄي ٿي ماٺ ٿي ويندو آهي. اسان جي معاشري ۾ بلڪل اُن جي اُبتڙ قصو آهي. لائبريري ۾ ڪتاب پڙهندڙن کي ڪيترو به چئجي، ڪيترو به سمجهائجي، پر هو پنهنجي عادت کان مجبور هوندا. انهيءَ ڪري لائبريري ۾ ڪتاب پڙهندي به ويٺا پاڻ ۾ ڳالهائيندا. انهن سان ٻين پڙهندڙن جي پڙهائي به متاثر ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ به بي ڌياني سان ڪتاب پڙهندو آهي، جنهن ڪري ڪتاب ۾ اهو لاڀ نه پرائي سگهندو آهي، جيڪو هُن کي پرائڻ گهرجي ها. ٻيو ته سُڌريل مُلڪن ۾ حڪومتون به لائبريرين ڏانهن ڌيان ڏينديون آهن ۽ لائبريرين کي وڌ کان وڌ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ پنهنجون پاليسيون جوڙينديون آهن. اسان وٽ وري حالت اها لڳي پئي آهي جو، جيڪي لائبريريون اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قائم ٿيل آهن، اُنهن جا ڪتاب، استاد صاحبان پنهنجن گهرن ڏانهن کڻي ويندا آهن. نتيجي ۾ اسان جي معاشري ۾ اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جون لائبريريون شاگردن جي لاءِ بي فيض بڻيون پيون آهن ان جو واحد سبب، انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيشيور لائبريرين جو نه هُجڻ آهي. پيشيور لائبريرين ئي لائبريريون هلائي سگهندا آهن، انهيءَ ڪري جنهن به اسڪول، ڪاليج يا پبلڪ لائبريري ۾ ڪو پيشيور لائبريرين ناهي ته اها حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي ته اها ان کوٽ کي پوري ڪرڻ جي لاءِ لائبريرين ڀرتي ڪري جيئن نوجوان نسل ۽ شاگردن جو ڪتابن پڙهڻ ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اُهي پنهنجو قيمتي وقت اجاين ڪمن ڪارين ۾ وڃائڻ بجاءِ لائبريرين کي استعمال ڪري، ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪن ۽ اُهي اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۽ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو