مان اعتراف ٿو ڪريان ته مونکي جيڪو ۽ جيترو ڪم ڪرڻ کپندو هئو، اهو نه ڪري سگهيو آهيان شوبز ۾ انٽري منهنجي نهايت وڏي غلطي هئي. ڇاڪاڻ ته اتي مون پنهنجا قيمتي سال بيوقوف ۽ جاهل قسم جي لالچي پروڊيوسرن جي حوالي سان ضايع ڪيا. جن تي هاڻي افسوس اٿم. اڄ سوچيان ٿو ته جيڪڏهن مان ان سموري عرصي ۾ پنهنجو تخليقي ڪم ڪريان ها ۽ ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيان ها ته ادب جي دنيا ۾ ڪجهه وڌيڪ خدمت ڪري سگهان ها.