آهي ڪا ئي اميد؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    عباس ناصر
    هن وقت ماڻهن جي توجه اسرائيل جي غزه تي ڪيل حملي ڏانهن آهي، پر جلد يا دير مسلمانن ملڪن کي پنهنجي اندر جي داخلي انتشار جو جائزو وٺڻو پوندو، جيڪا سڀني مسلمان مُلڪن جي امن ۽ استحڪام ۽ هم آهنگي لاءِ خطرو بڻيل آهي.

    اسرائيل پنهنجي پاڳل پڻي ۽ وحشياڻن حملن جي ڪري هرطرف کان سخت ردعمل جو شڪار آهي، جيڪو اڃان ان کان به وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي. ڇو ته غزه تي ڪيل حملن ۾ شهري وڏي تعداد ۾ شهيد ٿيا آهن، جن ۾ ٻار به شامل آهن، جيڪي هوائي حملن ۽ توپن جي بمباريءَ جو نشانو بڻيا آهن. مغرب ۾ ڪيترائي ماڻهو هي سوچي خائف هئا ته جيڪڏهن هو اسرائيلي رياست تي تنقيد ڪندا ته انهن کي يهودي دشمن سمجهيو ويندو، آهستي آهستي يقيني طور تي غزه مان آيل ان دردناڪ تصويرن، ماڻهن ۾ هي مطالبو ڪرڻ جي همت پيدا ڪئي ته اسرائيل هي قاتلاڻا حملا بند ڪري ۽ لڳي ٿو ته يهودي رياست، عام ماڻهن جي محاذ تي به جنگ هاري رهي آهي. غزه جي موجوده ٽريجڊي ماڻهن کي هڪ آواز بڻائي متحد ڪري ڇڏيو آهي. مثلاً آمريڪا ۾ عوامي راءِ جا ليڊر ۽ عقيدن ۾ ورتل يهودي، سڀ پاڻ ۾ ملي ويا آهن ۽ ائين لڳي ٿو ته ڪيترائي باضمير ماڻهو هاڻ هي سمجهندا آهن ته اسرائيلي رياست جي خود سري ايتري حد تئين مجرماڻا آهي، جو هاڻي خاموشيءَ جي ڪا به گنجائش ناهي، پر هي ڳالهه اڃا تائين واضح ناهي ته ان حلقن ۾ عوامي راءِ جي هي تبديلي، جيڪي اسرائيلي مؤقف جا حامي هوندا هئا. غزه جي رهواسين کي ڪهڙي نموني سڪون پهچائين، جتي هڪ خاندان به اهڙو ناهي بچيو، جيڪو صدمن مان نه گذريو هجي، نه ئي هڪ به گهر، جيڪو غزه تي حملي جي شدت کان متاثر نه ٿيو هجي.

    وحشي قيادت جي بي حس ۽ غرور ۾ ورتل اسرائيلي حڪومت کي به هي سوچڻو پوندو ته اهڙي قتل و غارت گيري هميشه ائين ئي نه ٿي هلي سگهي ۽ هنن کي به جنگبندي جي ڪنهن طريقي جي باري ۾ سوچڻو پوندو. ڇو ته اندروني طور فلسطينين جي خلاف انهن هڪ سخت سياسي مؤقف حاصل ڪري ورتو آهي. غزه خبرن جي شهه سرخين کان هٽي ويندو، ڪڏهن ڪڏهن واپس اچڻ لاءِ. جڏهن تشدد ۾ اضافو ٿيندو يا جڏهن مرده امن ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پر هي ڪهاڻي ٻيهر وساري ويندي. جيئن پوين ڪجهه سالن کان ٿي رهيو آهي.

    ۽ جڏهن ائين ٿيندو رهندو ته مسلمان ملڪن کي هڪ دفعو ٻيهر داخلي اختلافن ۽ زهريلي نظرين تي توجه ڏيڻي پوندي، جيڪي جهنگ جي باهه وانگر ملڪ جي غير مطمئن حصي ۾ ڦهلجي رهيا آهن. اسان انهن تي جيترو جلدي توجه ڏئي سگهون، اوترو ئي بهتر آهي. حقيقت ۾ غزه کان اسان کي سبق سکڻ گهرجي، ڇو ته يقينن ان جي ليڊرن جي ڪمزوري، جن مان گهڻو ڪري حماس ۽ اخوان المسلمين جي سياسي اسلام کان خوفزده آهن، اتان جي عام مردن ۽ عورتن کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي، جنهن جي ڪري هڪ اشتعالي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

    هن وقت هي سڀ ڏسڻ جو ڪو فائدو ناهي ته پوري مسلم دنيا ڪهڙن مسئلن ۾ ورتل آهي، پاڪستان جي باري ۾ سوچڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ عسڪريت پسندن خلاف هڪ آپريشن جاري آهي. عدم برداشت جو ماحول موجود آهي.

    ڪوئيٽا جي رستن تي ٻن نوجوانن جي لاشن جي عبرت انگيز تصوير، زخمن مان ان وقت به وهندڙ رت سان گڏ، جنهن کي غلطيءَ مان غزه جي تصوير به سمجهي سگهجي ٿي.

    انهيءَ اخبار جي شروع ۾ سنڌ رينجرز جي رٽائرڊ ٿيڻ واري ڊائريڪٽر جنرل، ميجر جنرل رضوان اختر جو قول، جيڪو هڪ صاف گو شخص هو، پر ضروري ناهي ته گهڻو مؤثر به رهيو هجي، شايع ڪيو هو ته فرقيوارانه قتل و غارت هڪ پيچيده صورتحال آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سببن کي ڏسڻو پوندو ۽ هي صرف امن امان جو ئي مسئلو ناهي.

    هي ته خير جنرل صاحب جو طريقو هو، جڏهن هو رينجرز جو سربراهه هو ۽ جنهن سان ان شايد پنهنجي پاڻ کي غالباً درجن شيعن جي قتل جي ذميواري کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، جيڪي ڪراچيءَ جي رستن تي ماريا ويا هئا.

    هي ڳالهه يقينن ان لاءِ بيحد ندامت جو باعث رهي هوندي ته ايترن بي حساب وسيلن جي باوجود، هُو ان فرقيواراڻه قاتلن تائين پهچي نه سگهيو.

    بلوچستان ۾ اسان جي خاڪين جي ڪهاڻي تمام گهڻي ئي مختلف ناهي، جتي لاپتا ماڻهن ۽ عليحدگي پسندن جي قتل ۾، جن جا لاش آئي ڏينهن صوبن ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ملندا رهندا آهن، انهن تي لشڪري جهنگويءَ سان شامل ٿيڻ ۽ ملي ڀڳت جا الزام لڳايا وڃن ٿا، تحريڪ طالبان سان جنگ ۾ اسان جي فوجين جون قربانيون قابل تعريف ۽ اسان جي تمام محبتن جي مستحق آهن، ان فوج جي ليڊرن جي دلين ۾ هڪ مخصوص مذهبي فرقي سان تعلق رکڻ وارن دهشتگردن جي لاءِ نرم گوشو رکڻ، هڪ خطري جي گهنٽي آهي.

    ان جي لاءِ صرف فوج جي انٽيليجنس جي شعبي کي الزام ڏيڻ غلط ثابت ٿيندو، پي ايم ايل (ن) جي حڪومت به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي طرح جا عمل ڪندي آهي، جنهن مان هي محسوس ٿيندو آهي ته هوءَ به اهڙا ئي خيالات رکندا آهن، جيئن ته خبرن جي مطابق ديوبندي اسڪول سان تعلق رکڻ وارن مدرسن مان فارغ التحصيل ماڻهن کي پنهنجي اسڪولن ۾ استاد طور نوڪري ڏيڻ جي پيشڪش ڪرڻ وغيره.

    ان کان علاوه مسلم ليگ (ن) جي ليڊرن جي فرقاپرست ليڊرن سان تعلق هُجڻ لڪل ڳالهه ناهي. سچ ته هيءَ آهي ته صرف هڪ فرقي تي عدم برداشت جو الزام لڳائڻ به صحيح نه آهي، جنهن پوري ملڪ ۾ پنهنجو گهر بڻائي ڇڏيو آهي.

    آخر، ڪو ڪيئن وساري سگهي ٿو ته پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي قاتل کي بريلوي مذهبي اڳواڻن ڪهڙي نموني ساراهيو هو ۽ ڪيئن ان جج کي جنهن ان جي خلاف فيصلو ڏنو هو، جان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان ڇڏڻو پئجي ويو هو.

    ڪجهه وقت اڳ گجرانوالا ۾ خوف ۽ دهشت سان احمدين جا گهر ساڙڻ جي باري ۾ پڙهڻ جي لاءِ، ملا جهڙي هڪ جنوني گروهه نچندي ۽ ڳائيندي رک جو ڍير بڻائي ڇڏيا هئا، جنهن ۾ هڪ معصوم عورت ۽ ٻار به ماريو ويو، ان جي ردعمل ۾ هڪ شيعا اداري سوشل ميڊيا تي ”لبرل“ حضرات تي تنقيد ڪئي، جنهن کي پڙهي ڪري صدمو پهتو.

    ان جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ”لبرل ماڻهن“ ڏانهن هئي ته اُهي ڄاڻي واڻي احمدين ۽ شيعا ٻنهي تي ٿيندڙ ظلمن کي هڪٻئي سان ملائي رهيا آهن ۽ هي سازش ڪري رهيا آهن ته مسلمانن جي هڪ فرقي ۽ پارليامينٽ جي طرف کان غير مسلم قرار ڏيڻ واري هڪ اقيلتي گروهه جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي ان کي ختم ڪري ڇڏيو اٿن.

    هڪ لمحي جي لاءِ به ان اداري هي نه سوچيو ته ٻنهي جو ذڪر بي رحم قاتلن جي معصوم شڪار جي طور ڪيو ويو هو ۽ اهڙي طرح جي سوچ جيڪڏهن سڀني جي هوندي ته اُميد جو ڪو ڪرڻو به باقي نه رهندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو