• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان هون پيار جا پانڌي

غزل

اسان هون پيار جا پانڌي

اسان هون پيار جا پانڌي اسان وٽ سڪ سفر آهي
اسان محبت سندا ماڻهو اسان وٽ عشق امر آهي
ائين هت جيءَ ۾ جانب اوهان لئه جام جهوري آ
اسان وٽ ڳاله ڳڻتين جي سوا تو سڀ ڪفر آهي
اهي سب پور تنهنجا پاڻ سان سانڍي رکيا آهن
اها ميراث منهنجي آ الله جو شڪر آهي
اميدن جاجداين سان سدان جهيڙا ۽ جهڙپون هن
اسان وچ ۾ ڳرون پيا يار ڏسو چاهت چڪر آهي
اهو ئي قرب آ جنهن ۾ سسئي ڪيا سفر ڏورانهن
ڏٺل ڪا واٽ نه هئي جنهن اڳيان جنهن کي ٽڪر آهي
ڪٿي نوري ڪٿي هو ڄام نوڙت نينهن ڪيڏي ڪئي
کڻي ڄارا ڪري مارا مڇين جو مڪر آهي...


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top