• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ماڻهو

جڏهن سنڌي ماڻهو 50 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي ۾ رونبو ڪري سگهي ٿو، هوٽلن جي تندور تي مانيون هڻي سگهي ٿو، سرن جي بٺي تي سرون پچائي سگهي ٿو، سنڌ جي عورت ڳوٺ ۾ ٻني، مال ۽ گهر جو سڀ ڪم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ دنيا جو هر ڪم ڪري سگهون ٿا. ڳالهه آهي ٺهڪندڙ ماحول ۽ موقعا ملڻ جو، چائنا ۾ ڪروڙين هيروني ۽ آفيمي هئا هاڻي چائنا سپر پاور آهي، ڏکڻ ڪوريا غريب ملڪ هيو هاڻي ٽيڪنالاجي پيو ايڪسپورٽ ڪري، ملائيشيا جهنگ هوندو هو، مهاتير ان کي دنيا جو بهترين ملڪ ٺاهي ڇڏيو، ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجهه ممڪن آهي.. سنڌ ۾ به سڀ ڪجهه ممڪن آهي، رڳو سٺي تعليم، ۽ موقعا ملن. ترقي لاءِ ماحول ۽ موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي پر افسوس ته اڄڪلهه پ پ جي حڪومت آهي، ڇا
 
سائين پ پ جي حڪومت آهي صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ لا، هي سنڌ امڙ جو درد، دانھون، ڏک انهن کي نظر نه پيا اچن. اسين وري هر دفعي انهن کي ئي ووٽ ڏيندا آهيون، افسوس سنڌي قوم افسوس!
 
Back
Top