سائين ابراهيم جويو: منهنجي زندگي بابا سائين محسن جويو مون کي اڄ به اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن بابا سائين (جويو صاحب) معمول پٽاندر هڪ شام جو اسان جي گهر آيا ۽ اچي منهنجي امان سانئڻ، پنهنجي سڀ کان وڏي ڌيءَ نيلوفر کي چيائون ته ”نيلو (پاڻ امان کي پيار مان نيلو سڏيندا هئا) ڇا اهو بهتر نه ٿنيدو ته پاڻ محسن کي سينٽ بوناونچر اسڪول ۾ ڪڍي، ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪريون ته جيئن هو سنڌيءَ ۾ پڙهي سگهي. منهنجي امان جويي صاحب جي بنهه گهڻي فرمانبردار هوندي هئي ۽ ان جي ڪابه ڳالهه نه ٽاريندي هئي. ان بابا سائينءَ کي چيو ته؛ ” بابا اوهين صحيح پيا چئو، اسان جا ٻار پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پڙهن ته چڱو آهي.“ ٻئي ڏينهن امان مون کي اسڪول لاءِ تيار ڪيو ئي پئي ته بابا سائين (جويو صاحب) به اچي پهتو، مون کي سنبرندي ڏسي، سندس مک تي، هڪ شفيق مرڪ پکڙجي ويئي. ان کان پوءِ، مون کي هٿ مان وٺي پيرين پنڌ وٺي، سڌو ماڊل اسڪول ڏانهن روانا ٿيا. آئون به ڏاڍو خوش هوس. مون کي اڄ ڏينهن تائين بابا سائينءَ جي هٿ جي اها نرماڻ به نه وسري آهي. اسين ماڊل اسڪول پهتاسين ۽ سڌو انصاري صاحب، جيڪو ان وقت پرنسيپال هو، جي آفيس ۾ وياسين. پاڻ بابا سائينءَ کي ڏسندي، وڏيءَ گرمجوشيءَ ۽ محبت سان مليا. منهنجو انٽرويو ورتائون ۽ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيائون. ان کان پوءِ، بابا سائين مون کي ڪلاس ۾ وٺي آيا. جيجي زرينا انهن ڏينهن ۾ ماڊل اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. پاڻ منهنجو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنائون. ان وقت ڪلاس ۾ ٻار وڏي آواز ۾ ” جھو جھو ماٽي، لسي پنهنجي گھاٽي“ نظم پڙهي رهيا هئا ۽ انهن جي گڏيل آواز ۾ پڻ مون کي مزو پئي آيو. جيجي زرينا مون کي پيار ڪيو، جيڪا مون کي اڳيئي سڃاڻندي هئي، منهنجي امان ۽ هوءَ پاڻ ۾ گهريون سهيليون هيون. بابا سائين، کيس منهنجي پارت ڪري وڃڻ لڳا ته مون ۾ اڪيلائپ جو احساس وڌيو ۽ آئون جيجيءَ کان پاڻ ڇڏائي، ڊوڙي وڃي، جويي صاحب کي ڀاڪر وجھي، چنبڙي پيس ۽ چوڻ لڳس ته ”بابا، بابا، مون کي ڇڏي نه وڃو.“ پاڻ مون کي سمجهائڻ لڳا ته آئون توکي ڇڏيو نه پيو وڃان. تون هتي ويهه پڙهه، جيئن اڳ ۾ اسڪول پڙهندو هئين. پر مون ڪابه نه مڃي، مون چيو ته اوهان اتي ويهندا ته آئون پڙهندس، نه ته، نه پڙهندس. بابا سائينءَ چيو ته ٺيڪ آهي بابا، آئون ٻاهر ويهان ٿو، تون ويهي پڙهه. پاڻ ٻاهر ورانڊي ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهيا ۽ موڪل تائين ويٺا رهيا. اهڙيءَ ريت پاڻ، ٽن ڏينهن تائين لڳاتار مون کي اسڪول وٺي ٿي هليا ۽ اتي موڪل تائين ويٺا ٿي رهيا. تيستائين آئون به ڪلاس جي ٻارن سان رلي ملي ويس، ۽ ڪجھ جيجي زرينا جي پيار مون کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ ان کان سواءِ، ميوزڪ واري استاد صادق علي، جيڪو ڀانت ڀانت جا گيت ٻڌائيندو هو، جي، مون کي گھڻا وڻندا هئا، سان ۽ مس ياسمين سان ريجھجي ويس. مون کي اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي آهي ته نيٺ جويي صاحب کي پنهنجن پوٽن ۽ ڏوهٽن ۽، پوٽين ۽ ڏوهٽين مان منجهان منهنجي باري ۾ ئي خاص خيال ڇو آيو. ان ۾ ڪا چڱائي هئي، ڪو قدرت کي مون کان ڪم وٺڻو هو. اڄ مون کي اهو اندازو آهي ته جيڪڏهن آئون سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ نه پڙهان ته شايد بابا سائينءَ جي خدمت نه ڪري سگهان ها، ڇاڪاڻ ته اها خدمت سنڌي ٻولي اچڻ سان ئي ممڪن هئي. ان کان سواءِ، مون کي اهو به اعزاز به حاصل آهي ته منهنجو نالو محسن به پاڻ وڏي پيار مان رکيو هئائون. تنهن زماني ۾ بابا سائين اسان جي گهر هڪ نه ٻئي ڏينهن ايندا رهندا هئا. سندن در مان داخل ٿيندي ئي امان سانئڻ جي مک تي مرڪ جا گل ٽڙي پوندا هئا ۽ سدائينءَ وانگي چوندي هئي ته؛ بابا اچي ويا. آئون ڊوڙي کين ڀاڪر وجھندس هوس. سندن اها ڳالهه مون کان نه ٿي وسري ته پاڻ جڏهن به ايندا هئا ته ڪونه ڪو ڪتاب ضرور کڻي ايندا هئا، انهن ڪتابن مٿان گهڻي ڀاڱي لکيل هوندو هو؛ پنهنجي پياري ڌيءَ، نيلو لاءِ“. منهنجيءَ امان کي گهر جي ذميوارين کان پوءِ به لکڻ پڙهڻ جو جنون هوندو هو. مون کيس گهر جي ڪم کان سواءِ، هر وقت لکندي پڙهندي ئي ڏٺو. پاڻ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار هئي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ” سرجييس تان سور“ جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن جي پيش لفظ، جنهن به پڙهيو هوندو، اهو ڄاڻندو هوندو ته بابا سائين ۽ منهنجي امان جي رشتي جي ڏور ڪيتري مضبوط هئي، پاڻ ڪهڙيءَ ريت، هڪٻئي سان دل جا حال احوال ڪندا هئا. تنهن زماني ۾ بابا سائين، منهنجي پڙهڻ لاءِ پڻ ٻاراڻا ڪتاب آڻيندا هئا. پاڻ جيڪو پهريون ڪتاب مون کي ڏنو هئائون، اهو ” ٽم ٽم ٽانڊاڻو“ هو، جيڪو اڄ به مون وٽ سانڍيل آهي. ان کان سواءِ، مون لاءِ گل ڦل، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب جا پڻ آڻيندا هئا، جيڪي آئون وڏي چاهه ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس. بابا سائين سنڌي بيت ۽ ٻاراڻن ڪتابن جا نظم مون کي جھونگاري ٻڌائيندا هئا ۽ آئون پڻ ساڻن گڏ جھونگارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. اهڙيءَ ريت منهنجي ڪل ڪائنات پنهنجي امان ۽ بابا سائينءَ تائين ئي پکڙيل هئي. انهن ٻن کان سواءِ، هن دنيا ۾ منهنجو ڄڻ ته ٻيو ڪوبه هو ئي نه. انهن ئي ڏينهن ۾، منهجي امان به ماڊل اسڪول ۾ استادياڻي ٿي آئي، تنهنڪري، مون لاءِ پڙهائيءَ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿي. امان ۽ جيجي زرينا جي پاڻ ۾ سنگت ۽ مون سان پيار هڪجهڙو ۽ هڪجيترو هو. جيجي زرينا جو پٺاڻ ڪالونيءَ وارو گهر، ڄڻ ته منهنجو پنهنجو گهر هو. مون کي پاڻ سان گڏ اتي وٺي ويندي هئي، جتي اياز سان آئون رانديون رهندو هوس. اياز مون کان عمر ۾ وڏو هو ۽ اڪثر ڪري، اسان ٻارن کي مختلف ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو. سندس ڪتاب جو انداز ايترو وڻندڙ هوندو هو، جو وقت گذرڻ جي ڪا خبر ئي نه پوندي هئي. بابا سائين پنڌ ڪرڻ پسند ڪندا هئا. سو، پاڻ صحافي ڪالونيءَ کان، اسان جي هيرآباد واري گهر تائين پنڌ ايندا هئا. پنهنجي هيرآباد واري گهر کي آئون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. هيرآباد جا گهر گهڻي ڀاڱي پراڻي طرز جا ٺهيل هئا، انهن مان اڪثريت انهن ئي گهرن جي هئي، جيڪي هندو خالي ڪري ويا هئا، انهن مان گهڻا. ساڳيءَ حالت ۾ اڄ به بيٺل آهن ۽ اڏاتي سونهن جا شهڪار آهن. انهن گهرن جون ڀتيون مضبوط ۽ ڇتيون مٿڀريون ۽ هوادار هيون. ڪمرا وڏا ۽ کليل هوندا هئا يعني انهن ۾ در دريون هونديون هيون. ان کان سواءِ، اڱڻ پڻ وڏا ۽ ويڪرا هوندا هئا، جتي گهر ڀاتي ۽ مٽ مائٽ کٽون وجهي ويهندا هئاسين، انهن جون پاڻ ۾ ڳالهيون جيتوڻيڪ، عام ۽ ساديون هونديون هيون، پر انهن جو پوءِ به مزو ۽ ساءُ سواد اڄ ڏينهن تائين وسريو ناهي. گهر ڀاتين جي ڪچهري ٻڌندي ٻڌندي، نه ڄاڻ ڪهڙي وقت، ننڊ اچي ويندي هئي. هيرآباد جون گهٽيون ويڪريون ۽ تربيب سان ٺهيل هيون، هر گهٽي، ڪنهن عاشق جي دل وانگي توڙ تائين ويندي هئي. جيتوڻيڪ، اوڙي پاڙي ۾ سنڌي به هئا ۽ مهاجر به هئا، پر ڪا روڪ ٽوڪ يا جھل پل نه هئي، هر ڪنهن گهر ۾ هليو وڃبو هو، هر ڪو پيو ڀانئيندو هو. سڀ گهڻي ميٺ محبت سان رهندا هئا. مون پنهنجي ٻالجتيءَ جا گهڻا ڏينهن ناناڻن ۾ گذاريا. بابا سائينءَ سان گڏ آئون پنهنجي نانيءَ جو پيار پڻ نه ٿو وساري سگهان. ان جو پيار به ڪهاڻين واري روايتي نانيءَ جهڙو ئي هو ۽ جيءَ ۾ ڏيندي هئي، گهور گهور پئي ويندي هئي. بابا سائين ۽ منهنجي امڙ جي پاڻ ۾ گهڻي ويجھڙائي انڪري به هئي ته سندن سڀني ٻارن منجهان منهنجي امڙ ئي سندن نقش قدم تي هلي. ادب سان کيس وڏي چاهه هو. هڪ عورت لاءِ ان جا ڳهه ڳٽا ئي سڀ ڪجھ هوندا آهن، پر منهنجي امان سانئڻ ان معاملي ۾ درويش هوندي هئي، کيس سون جي زيورن کان وڌيڪ ڪتابن سان پيار هوندو هو. اسان جي گهر ۾ هڪ پيتي رکيل هوندي هئي. جنهن کي ٿلهو تالو لڳل هوندو هو. مون لاءِ اها وڏي اسرار ڀري پيتي هوندي هئي. آئون ڄاڻڻ چاهيندو هوس ته ان ۾ ڇا آهي، جو امان ان جي ايتري سنڀال پئي ڪري. جڏهن مينهن وسندو هو ته ڇت ڪٿان ڪٿان ٽمندي هئي، امان گهر جي سامان مان سڀ اڳ ان پيتيءَ مٿان هڪ ٿلهي رلهي وجھندي هئي. امان جي اهڙي عمل منهنجي ان پيتيءَ ۾ دلچسپيءَ کي ويتر ٿي وڌايو. آئون اصرار ڪندو هوس ته مون کي اها پيتي کولي ڏيکار. نيٺ امان هڪ ڏينهن مون کي اها پيتي کولي ڏيکاري، جنهن ۾ ڪي به ڳهه ڳٽا نه هئا، رڳو ڪتاب ئي هڪ ٻئي مٿا سٿيا پيا هئا. هوءَ ڪهاڻيون لکندي هئي ۽ بابا کي ڏيکارڻ کان اڳ ڪنهن کي به نه ڏيکاريندي هئي ۽ نه ئي ڇپائيندي هئي. جڏهن سندس لکڻيون بابا سائينءَ جي نظر مان گذرنديون هيون ۽ پاڻ انهن کي درست ڪرڻ جون صلاحون ڏيندا هئا ته امان سانئڻ پوءِ ئي اهي ڪنهن رسالي ۾ ڇپائڻ لاءِ موڪليندي هئي. امان سانئڻ ڀڳوند هئي، جنهن کي جويي صاحب جهڙو مهربان ۽ عظيم پيءُ مليو هو، جيڪو کيس سدائين هٿائيندو هو. جويي صاحب جا امان سانئڻ ڏانهن جيڪي خط لکيل آهن، اهي پيءُ ۽ ڌيءَ جي رشتي جي تقدس ۽ محبت جا شاهڪار آهن. جڏهن ون يونٽ دوران پاڻ سنڌ بدر رهيا ته لڳاتار خطن وسيلي امان سان رابطي ۾ رهندا هئا. ان کان حال احوال وٺندا رهندا هئا. خاص طرح معلوم ڪندا هئا ته هن ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ هن ڇا ڇا لکيو آهي. پاڻ سدائين امان سانئڻ کي وڌ کان وڌ لکڻ ۽ پڙهڻ جي هدايت ڪندا رهندا هئا. منهنجي جيجل کي جڏهن ڪينسر جهڙو موذي مرض لڳو ته اسان جي گهر جون رونقون ويڙهجي ويون ۽ فضا اداس ۽ سوڳوار ٿي ويئي. اهو مرض وڌندو ويو، امان منهجين اکين اڳيان تڙپندي رهي، لڇندي هئي، دل چاهيندي هئي، آئون هن لاءِ ڪجھ ڪري سگهان، پر آئون مجبور هوس. آئون پنهنجي ٻاراڻي سوچ ۾ پيو سوچيندو هوس ته جادو هجي، جو امان کي هن تڪليف کان ڇوٽڪارو ڏياريان. جڏهن سندس بيماري گهڻي وڌي ويئي ته مون کي ڏسي هوءَ سدائين روئي پوندي هئي ۽ هن کي ڀاڪر وجھي، آئون به روئي پوندو هوس. هوءَ ڪينسر جي بيماريءَ جي ڪري گهڻي هيڻي ٿي ويئي هئي. ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو هو، دوا درمل ڪوبه اثر نه ٿي ڏيکاريو، بيماري پنهجي آخري اسٽيج تي پهچي ويئي هئي. مون کان اها اڀاڳي رات ڪڏهن به نه وسري سگهندي، جڏهن امان سانئڻ جي تڪليف گهڻي وڌي ويئي هئي. آئون سندس مٿو پنهجيءَ جھوليءَ ۾ رکي، کيس زور ڏيڻ لڳس ته جيئن کيس نند اچي وڃي، پر هن جي اجھامندڙ اکين مان وڇوڙي جا لڙڪ لارون ڪري هلي رهيا هئا. کيس اهو احساس ٿي ويو هو ته هاڻي موڪلاڻيءَ جو وقت اچي ويو آهي. هوءَ مون کي ورائي ورائي اهو چئي رهي هئي ته محسن بابا سائينءَ کي نه ڇڏجانءِ، بابا سائين ئي تنهنجو سڀ ڪجھ آهي. آئون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪري رهيو هوس ۽ منهنجين اکين مان لڙڪ ڪري، امان سانئڻ جي چهري ۽ ڳچيءَ تي ڪري رهيا هئا. تانجو، فجر مهل کيس منهنجيءَ ئي جھوليءَ ۾ ننڊ اچي ويئي ۽ هڪ ڊگهي ننڊ، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين ڪير به ڪنهن کي نه جاڳائي سگهيو آهي. ان واقعي منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. آئون هاڻي اڳي جيئن نه رهيس. منهنجي طبيعت ننڍي هوندي کان گهڻي حساس هوندي هئي. امان سانئڻ جي لاڏاڻي مون کي جھوري وڌو هو. ان واقعي مون ۾ سڀ کان پيارين شين کسجڻ جو الڪو پيدا ڪيو. اهوئي سبب هو، جو آئون جويي صاحب کي چنبڙي پيس، ڇاڪاڻ ته امان سانئڻ کان پوءِ منهنجي ڪل ڪائنات جويو صاحب ئي هو. ان واقعي کان پوءِ منهنجي دلچسپي پنهنجن دوستن مان ۽ رولاڪين مان دلچسپي ختم ٿي ويئي ۽ آئون پورو پورو وقت جويي صاحب سان گذارڻ لڳس. بابا سائينءَ جي ڪل زندگي علمي ۽ ادبي قسم جي هئي. ڪتاب، گڏجاڻيون، علمي بحث، مختلف پورگرام ۽ مختلف پنڌ. سندن دوست گهڻي ڀاڱي اديب، استاد، شاعر، عالم ۽ پڙهيا لکيا ماڻهو هئا، جيڪي ادب جي باري ۾ ۽ علم ادب مان سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن جي پوندڙ فائدن جي باري ۾ سوچيندا ۽ ڳالهائيندا هئا. مون ڪجھ ڪتاب ضرور پڙهيا هئا، پنهنجي امان جون ڪهاڻيون توڻي امر جليل ۽ خليل جبران وغيره جا ڪتاب پڙهيا هئا، پر هي ڳالهيون منهنجي سمجھ کان مٿاهيون هيون، ڳوڙهيون به هيون ته نيون به هيون. بابا سائينءَ سان جڏهن ان جا دوست ڪچهريون ڪندا هئا ته آئون سندن ڳالهيون وڏي ڌيان سان ٻڌندو رهندو هوس. توڻي جو، انهن کي اهو خيال نه هوندو ته انهن جي ڀر ۾ ويٺل نوجوان ڪيتري ڌيان سان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي، پر منهنجي سکيا ايئن اڻ لکي نموني هلندي رهي. مون کي بهرحال، اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي ته بابا سائينءَ جي لکڻ پڙهڻ جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم آهي. پاڻ مون کي مختلف ڪتاب ڏيڻ وٺڻ لاءِ موڪليندا هئا ۽ مختلف مضمون ۽ ڪتابن کي ٽائيپ ڪرائڻ جو ڪم ڏيندا هئا. جويي صاحب سان ويجھي رهندي، مون کي اهو احساس ٿيو ته جيڪي به ماڻهو ساڻس ملڻ اچن ٿا، اهي سڀ سندس هم خيال نه آهن ۽ نه وري سندس دوست آهن. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن ميڊيا تي جويي صاحب خلاف محاذ کڙا ڪيا ويا. آئون ان تي حيران هوس ته هي سڀ ته جويي جا دوست آهن، پوءِ هن جي خلاف ڇو ٿا لکن ۽ بابا سائين انهن کي ڇو نه ٿو جواب ڏئي. بهرحال، مون کي اهو اندازو ٿيو ته جويي صاحب خلاف اخبارن کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اتان ئي جويي صاحب جي حق ۾ راءِ جوڙي سگهجي ٿي. جڏهن ڪوڙ کي ايترو مان ملي رهيو آهي ته سچ کي ڇونه ملندو. انڪري، مون شروع ۾ جويي صاحب کان چوري چوري سندس مضمون ڪمپوز ڪري، اخبارن ۾ ڇپايا، ڇاڪاڻ ته جويو صاحب اهو پسند نه ڪندو هو ته سندس مضمون اخبارن ۾ ڇپجن. سندن گهڻو تڻو زور ڪتابن ڇپائڻ تي هوندو هو. مون محسوس ڪيو هو ته هڪ ڪتاب ايندي وڏو وقت لڳيو وڃي، تيستائين، جويي صاحب خلاف ڪيترائي مضمون اخبارن ۾ اچي ٿي ويا ۽ سندن سموري زندگيءَ جي بي عيب پورهيي کي لوئيو ٿي ويو ۽ سندن بي داغ ڪردار کي بگاڙڻ جي، شعوري ڪوشش ڪئي پئي ويئي. شروع ۾ جڏهن آئون مضمون اخبار ۾ ڇپائي، بابا سائينءَ ڏانهن کڻي ويندو هوس ته پاڻ ان کي پسند نه ڪندا هئا، پر هوريان هوريان، جڏهن دوستن پاران کين موٽ ملڻ لڳي ته پاڻ مون کي نه روڪيائون ۽ ڪمپوز ٿيل مواد ۾ غلطيون سڌاري مون کي ڏيڻ لڳا. ان طرح، جويي صاحب پنهجي پاڻ کي، پنهنجن پڙهندڙن ۽ مداحن لاءِ، نئين سري کان ڀرپور نموني اظهاريو ۽ پڙهيو ۽ پڙهايو. اهڙيءَ ريت، منهنجو رشتو جويي وسيلي سنڌ سان جُڙيو، ان کي به مون پنهنجي سمجھ آهر سمجھيو آهي ۽ سنڌ سان جڙيل ان رشتي جي بلندين تان، جڏهن مون بابا سائينءَ کي ڏٺو ته پاڻ سنڌ جو وڏو Savior نظر آيو. ان کان پوءِ اسان جي رشتي ۾ اڃا به مضبوطي آئي ۽ هاڻي اهو رڳو ناني ۽ ڏوهٽي وارو جذباتي رشتو، نه پر ، نئين سنڌ جي اڏيندڙ ۽ ان اڏيندڙ جي ننڍڙي خدمتگذار وارو شعوري رشتو به هو. اهو ئي سبب هو، جو سندن حصي جون ڪجھ ڀوڳنائون ۽ درد منهنجي پلئه پيو آهي. ان هوندي به، آئون جيڪي ڪجھ به اڄ، اڀرو سڀرو ٿي سگهيو آهيان، اهو بابا سائينءَ جي پيار، رهنمائي ۽ همٿائڻ جو ئي ڪرشمو آهي. ان نئين رشتي جي لڙهيءَ ۾ پوئجندي، اڄ ڪي چوڏنهن پندرنهن ورهيه گذري ويا آهن ۽ اهو سلسلو هلندڙ آهي. هن سال 13 آگسٽ تي جويو صاحب 99 ورهيه پورا ڪري 100 ورهين ۾ داخل ٿيندو، ان نسبت سان، سڄي سال ۾ جويي صاحب جي سئو سالا جشن جي حوالي کان مختلف تقريبون رٿيل آهن، جن کي پڻ ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. آخر ۾ دعا آهي ته بابا سائين اڃا به وڏي ڄمار ماڻين ۽ اسان مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهن.