• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بنديا آرٽ سرڪل حيدرآباد طرفان سنڌي فنڪار گل حسن خاصخيلي سان شام ملهائي وئي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
چند ڏينهن پهرين هڪڙو دعوت نامون پوسٽ ٿي آيو منهنجي نالي تي موڪليل هو جنهن ۾ سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان مونکي دعوت ڏني وئي هُئي ته پريس ڪلب حيدرآباد ۾ بنديا آرٽ سرڪل طرفان جهوني سنڌي فنڪار محترم گُل حسن خاصخيلي سان شام ملهائي پئي وڃي، جيئن ته ادا نثار ابڙو کي منهنجي حيدرآباد وڃڻ ۾ دال ۾ ڪالا ڇا پر سموري دال ڪاري نظر ايندي آهي سو ڏڪي ويس پر وري سوچيم ته سنڌ سلامت جي نمائندي طور دعوت ملي آهي سو ٿي سگهي ٿو منهنجي سنڌ سلامت جي ساٿين کي انهي خالص ادبي تقريب جو حوال تصويرن جي صورت ۾ ملي وڃي سو هڪڙي نثار ابڙي جهڙي دل گهري دوست کان صرف سنڌ سلامت جي نالي تي ڪجهه اُڌار وٺي حيدرآباد روانو ٿي ويس رستي تي عبدالغفور سمون کي موبائل جي مس ڪال ڏني ادا عبدالغفور سمون فوري موبائل ڪال ملائيندي چيو ته سائين اهو دعوت نامون مون ڏياريو آهي توهان کي هن وقت توهان ڪٿي پهتا ، غفور کي چيم يار غفور تو ڪڏهن کان اسان واري جادوگر رشيد سمي وارا جادو سکيا آهن توکي ڪيئين خبر پئي ته مان هن تقريب ۾ اچڻ لاءِ پنهنجو شهر ٽنڊو محمد خان ڇڏي چُڪو آهيان چيائين ته سائين جيتوڻيڪ مونکي ڪمپيوٽر ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي ديدار ڪرڻ جو موقعو تمام گهٽ ملندو آهي پر سائين ادا رشيد سمي جي جادو وارا ڪارناما توهان جي واتان ٻُڌي ٻُڌي ايترا اثر انداز ٿي ويا آهن جو توهان جي هر قدم جي خبر مونکي بلڪل پئجي ٿي وڃي چيو مانس ته عبدالغفور سمان يار تون ته هاڻي ڪافي عقلمند ۽ جادوگر ٿي ويو آهين ٻيلي پنهنجي منهن کي ٻڌي ڇڏ نه ته جي اهو تو وارو عقل جادو وهي ويو ٻي کي ڪجهه ٿئي يا نه پر مان ته ڏاڍو ڏکيو ٿنيدس ۔ کيس چيم ته مان بدين بس اسٽاپ حيدرآباد ڪراس ڪري چُڪو آهين ڏهن منٽن ۾ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ تنهنجو مهمان آهيان، عبدالغفور سمون تمام گهڻو خوش ٿيو خير سان پريس ڪلب پهتس باقي ڇا ٿيو هنن خالص سچين تصويرن جي تصويري ڪهاڻي پيش ٿو ڪريان دوستو توهان سان هڪڙي ڳالهه ٻي به شيئر ٿو ڪريان ته هن جهوني سنڌي فنڪار گُل حسن خاصخيليءَ سان هڪڙي اردو زبان جي آرٽ سرڪل طرفان شام ملهائي وئي کيس ايڏو ته زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو جو منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا ڪافي وڊيو هن تقريب جا ورتا ويا آهن پر هاڻي مونکان انهن وڊيو جي ايڊيٽنگ بلڪل ڪانه ٿي ٿئي پوڙهو مڙس آهيان جيڪڏهن ٽائم مليو ته انهي تقريب خاص ڪري فل پردي تي ڏيکاريل محترم گُل حسن خاصخيلي ءَ جا وڊيو ڪلپ جنهن ۾ هُن جواني کان وٺي اسٽيج فلم وغيره ۾ پرفارمنس ڏني هُئي اهي ضرور توهان سان ونڊ ڪندس پر دُعا ڪريو ته ان ڳالهه جي صحت اجازت ڏي ڪافي ڏينهن کان روز روز جا فنڪشن سنڌ سلامت لاءِ رپورٽنگ ايڊيٽنگ وغيره اصل جهوري وڌو اٿم پر جڏهن سنڌ سلامت جي پيار ڀريل اڱڻ ۾ ويٺل سڀني دوستن کي ڏسندو آهيان ته سڀ دک درد دور ٿي ويندا اٿم خير پيش آهن سنڌي فنڪار محترم گُل حسن خاصخيلي سان ملهايل شام جو تصويري جهلڪيون

gul%2019.jpg

محترم گُل حسن خاصخيلي کي سنڌ جي مشهور فنڪار شهباز دُراني طرفان هار پارايو پيو وڃي

gul%2016.jpg

سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس پاران چاچي گُل حسن خاصخيلي کي هار پارايو پيو وڃي

gul%2014.jpg

پاڻ وارو ادو عبدالغفور سمون به محترم گل حسن خاصخيلي کي هار پارائڻ کان پوءِ ڀاڪر پائي رهيو آهي

gul%2017.jpg

ميڊم ملاح به محترم گل حسن خاصخيلي کي هار پارايا پاسي ۾ ٻيا ماڻهو به بيٺا آهن​

gul%2015.jpg

اسان وارو دوست وڪيل منڱريو پنهنجو ۽ محترم گل حسن خاصخيلي واري هڪڙي اسٽيج ڊرامي جي تصوير تحفي جي صورت ۾ گل حسن خاصخيلي لاءِ کڻي آيو هو

gul%2020.jpg

فلم ۽ ٽي وي جا سنڌي فنڪار پڻ هن تقريب ۾ شامل هُئا

gul%209.jpg

نئين سنڌي اڀرندر فنڪاره پارس علي پارس جو هڪڙو دلڪش انداز

gul%208.jpg

چاچو گل حسن خاصخيلي مهمانن جو شڪريو ادا ڪري رهيو آهي سندس پاسي ۾ شهباز دراني ، رفيق عيساڻي ۽ لغار ي ويٺو آهي

gul%2012.jpg

اي ڊي ناريجو پڻ گل حسن خاصخيلي کي هار پارائي رهيو آهي

gul%2024.jpg

حيدرآباد شهر جي ڪنهن به فنڪشن ۾ خواتين جي شرڪت تقريبن يقيني هوندي آهي​
 
جواب: بنديا آرٽ سرڪل حيدرآباد طرفان سنڌي فنڪار گل حسن خاصخيلي سان شام ملهائي وئي

gul%2026.jpg

بلڪل سائين خواتين جي شرڪت يقيني هوندي آهي

gul%2021.jpg

هن ملهايل شام ۾ هڪڙو فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي

gul%2023.jpg

ڪافي سارا مهمان شريڪ آهن هن ملهايل شام ۾​

gul%2022.jpg

ميڊم تهذيب ۽ پارس علي پارس خوشگوار موڊ ۾​

gul%2025.jpg

محترمائون شريڪ آهن

gul%2030.jpg

فنڪاره رضيه سولنگي ۽ فنڪاره مس بلوچ پڻ شريڪ ٿيون

gul%2029.jpg

رفيق عيساڻي جو خوبصورت انداز

gul%2032.jpg

هن همراهه جي خبر پئي ته هي به فنڪار قبيلي جو دوست آهي

gul%2031.jpg

هن محترما جي نالي جي خبر ڪانهي​

gul%2028.jpg

ٽي وي جو مڃيل فنڪار​
 
Back
Top