• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طارق اشرف

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
سنڌي ادب ۾ طارق اشرف جي سڃاڻپ هڪ بهترين ايڊيٽر طور آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ ”سهڻي“ رسالي جو ايڊيٽر به هو. انهي ساڳي رسالي تي حڪومت پاران پابندي به لڳائي وئي آهي. جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي بهترين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڇپبيون هيون، جيتوڻيڪ هو هڪ ايڊيٽر هو پر سندس هڪ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور به آهي. هن سنڌي ٻولي ۾ ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪتابن ۾: ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ )ڀاڱو پهريون(، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“, ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ )ڀاڱو ٻيو(، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري، ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“, ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن. هو 1940ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪري ويو.

10612757_881863418509502_2809365340859272920_n.jpg
 
Back
Top