”نرمل“ کوهارو سنڌي شاعري جي صنف هائيڪو جو تعارف ”هائيڪو“ سوال: هائيڪو ڪهڙي ٻوليءَ جي صنف آهي؟ جواب: جپاني. سوال: ”هائيڪو“ ڇا آهي؟ جواب: هائيڪو جپاني لفظ ”هيڪو“ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي مفرد يا اڪيلو ڪلام، هائيڪو هڪ عڪس آهي، جذبي سان ڀريل اهو معروضي عڪس آهي، جيڪو وٿ (Object) کي وقت ۽ ماڳ ۾ متعين ڪري ٿو ۽ ان جي موسم جو عنصر ضروري آهي. سوال: هائيڪو جي بناوت بيان ڪريو؟ جواب: هائيڪو ۾ ٽي سٽون هونديون آهن، پهرين ۽ ٽئين سٽ پاڻ ۾ هم قافيو هونديون آهن ۽ وچين سٽ قافيي کان آزاد هوندي آهي. سوال: هائيڪو ۾ گهڻيون ماترائون ٿينديون آهن؟ جواب: 34 ماترائون يعني 5-7-5 ٻٽيون ماترائون هونديون آهن؟ سوال: مثال طور ڪو به هائيڪو ٻڌايو؟ جواب: نيٺ ته ويندا ڏک موٽي پنهنجي ماڳ تي سرتيون ايندا سک سوال: سنڌيءَ ۾ هائيڪو کي ڪنهن متعارف ڪرايو؟ جواب: نارائڻ شيام. سوال: نارائڻ شيام ”هائيڪو“ کي ڪهڙو نالو ڏنو آهي؟ جواب: تصويرون. سوال: سنڌيءَ ۾ هائيڪو کي ڪنهن چوٽ تي رسايو؟ جواب: شيخ اياز. سوال: سنڌيءَ ۾ ”هائيڪو“ جو پهريون مجموعو ڪهڙو آهي؟ جواب: ”پن ڇڻ پڄاڻان“. سوال: ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ڪنهن جي هائيڪن جو مجموعو آهي؟ جواب: شيخ اياز. سوال: هائيڪو جي شروعات ڪهڙي صديءَ ۾ ٿي؟ جواب: چوڏهين صديءَ ۾. سوال: ”هائيڪو“ جو بنياد ڪنهن وڌو هو؟ جواب: مارتيڪ ۽ سوڪن. سوال: ”هائيڪو“ جپانيءَ جا چار اهم شاعر ٻڌايو؟ جواب: باشو، بوسن، ايسا ۽ شيڪي. سوال: هائيڪو جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ جواب: 1. هائيڪو روش، 2. جمالياتي پروڙ، 3.هائيڪو پل، 4. هائيڪو فطرت. سوال: هائيڪو ۾ ڪهڙن عنصرن کي گهڻي اهميت حاصل آهي؟ جواب: ٽن عنصرن، 1. زمان، 2. وٿ، 3. مڪان.
جواب: سنڌي شاعري جي صنف هائيڪو جو تعارف اڄ ئي ادي نثار ناز جا هائيڪو يا جنکي ٽيڙو چيو اٿس پڙهڻ لئه مليا، مٿان وري اوهان هي سوال جواب ڏئي اصل هائيڪو اسانجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو آهي ۔۔۔
جواب: سنڌي شاعري جي صنف هائيڪو جو تعارف محترم نرمل کوهارو صاحب شال جُڙيا هُجو، توهان جاپاڻي صنف واري شاعري جِي مختصر مگر جامع وصف سوالن ۽ جوابن واري نموني هتي لکي اسان جهڙن ٽي درجي وارن شاعرن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي آهي، خاص ڪري 5 7 5 واري فارمولي وارو وزن لکي، هائڪو۾ شيخ اياز مرحوم پنهنجو پاڻ ملهايو پر محترم تاجل بيوس مرحوم به هائڪو ۾ خوبصورت ترين شاعري تخليق ڪئي ۔ مثال طور آءُ ڪريون تخليق آزاديءَ جي قلم سان ڳاڙهي پائي ليڪ۔ رت لڳل چولو ٺٽي جي بازار ۾ ارغوني ٽولو۔ پڇاڙيءَ جو پنڌ موٽِي ويو مڱڻو ڪنهن نه آڇيو ڪنڌ۔ دودي جو پهراڻ ڌوءِ نه ڌوٻِيءَ گهاٽ تي ڦاٽل ڪلهن ساڻ۔ جهولِيءَ رتا گُل مُکڙيون ناهن مُرڪيون مُرڪي آ مُومل۔ سوڍِي ٿِي سنڀري ڪاري ڄڻ ڪڪر مان سج پيو نِڪري۔ چُني اوٽ ڪري، نينگر منهنجي نار تان پاڻِي ٿِي ڀري۔ اسان جو اعلان، پالهو جيڪو پيار کان اڌورو انسان۔ ٿڪو هان ٺاهي ايڏو نقشو سنڌ جو! ڪير پيو ڊاهي۔ موج ڀريو مهراڻ، موکِي ! واري مڌ ۾ چنڊ ستارن ساڻ۔ توهان جا لک ٿورا جو سنڌ سلامت جي ادبي صُفحي ۾ ٽيڙو بابت خوبصورت سمجهاڻي ڏني۔
جواب: سنڌي شاعري جي صنف هائيڪو جو تعارف واه ادا نثار ناز واه ۔۔۔ سائين تاجل جا اهي ٽيڙو به پنهنجي مٽ پاڻ آهن ۔۔۔ يار مونکي ته هاڻ خبر پئي ته ٽيڙو شاعريءَ جي اهڙي خوبصورت صنف آهي، جنهن ۾ مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه چئي وڃجي ۔۔۔ جيتوڻيڪ سائين تاجل جي چيل هر ڳالهه مطلب کان خالي ناهي پر هيٺ هي ٽيڙو ته اصل ڪمال جا آهن؛ 1 ٿڪو هان ٺاهي ايڏو نقشو سنڌ جو! ڪير پيو ڊاهي۔ 2 اسان جو اعلان، پالهو جيڪو پيار کان اڌورو انسان۔ 3 آءُ ڪريون تخليق آزاديءَ جي قلم سان ڳاڙهي پائي ليڪ۔