• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جشن آزادي پاڪستان مبارڪ

گلزار احمد

سينيئر رڪن
سڀني دوستن کي جشن آزادي پاڪستان مبارڪ هجي،
اڄ جي ڏينهن اسان انگريزن کان آزادي حاصل ڪئي هئي، ۽ اسان لا الڳ ملڪ پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو، جتي اسين پنهجن ريتن رسمن ۽ اسلام مطابق آزادي سان زندگي گذارڻ لا آزاد آهيون.
ڪاش... جيڪر اڄ سنڌ سلامت جو هيڊر يوم آزادي ني نسبت ساڻ هجي ها جيئن ٻين ڏهاڙن تي هوندو آهي.
نوٽ. منهجني را سان انتظاميه جو متفق هجڻ ضروري نه آهي (هوندي به ڪونه)
مونکي ته هن مبارڪ لا ڪو مناسب ڌاڳو به نظر ڪونه آيو، اگر هجي ته انتظاميه هن کي مناسب ڌاڳي ۾ رکي سگهي ٿي.
 
پياري پاڪ وطن کي آزادي مبارڪ

10599304_809567309065103_4745886305230348707_n.jpg



رشيد جي ٿورن سان
 
اوهان کي سڀني کي آزادي مبارڪ ،،،

پر ڪڙو سچ اهو آهي ته اسان انگريزن کان آزادي ته حاصل ڪئي پر ساڳين زنجيرن ۾ قيد آهيون ... نه امن آهي نه اسلامي معاشرو آهي ۽ نه ئي وري جمهوري معاشرو. اسان وري جاگيردارن، وڏيرن، بيوروڪريٽس ۽ فوجين جي غلامي ۾ آهيون .....

ڪو مڃي يا نه مڃي پر حقيقت اهائي آهي ..... پر پوء به رسمي طور جشن آزادي مبارڪ
 
ڪاش... جيڪر اڄ سنڌ سلامت جو هيڊر يوم آزادي ني نسبت ساڻ هجي ها جيئن ٻين ڏهاڙن تي هوندو آهي.

سنڌ سلامت جي پاڪستان سان ناراضگي جو سبب ته خبر ڪونهي،
پر منهنجي طرفان سڀني سنڌين، سنڌ سلامت جي ساٿين ۽ اهلِ وطن کي مبارڪ هجي

121zcj7.png
 
هڪ انتظامي رُڪن طور وضاحت ڏِبي ته ڪُجهه شيون شروع ته ٿيو وڃن پر اهي اڳتي هلائڻ ڏُکيون هونديون آهن. سنڌ سلامت جي هيڊ کي مختلف موقعن جي مناسبت جا رنگ ڏيڻ جو سلسلو به ڪُجهه ايئن آهي. اوهان کان علاوه ٻيا به ڪافي دوست اهڙيون تقاضائون ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي سڀ پوريون ٿيون ته پوءِ روز ڪنهن نه ڪنهن وجهه سان هيڊ تبديل ڪرڻا پوندا. اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته انتظامي ميبرن جي گڏيل راءِ اها آهي ته جيڪي اڳ هيڊ تبديل ڪيا ويا هاڻ انهن ڏهاڙن تي به اها روايت ختم ڪئي وڃي. هي فورم سڀني جو آهي. ڪنهن هڪ نظرئي جي پرچار نه ٿي هُئي نه ٿيندي.
هاڻ اچون ٿا آزادي ڏهاڙي طرف. هي مؤقف منهنجو ذاتي آهي. بلڪه رات ئي پڙهيل هڪ حقيقت سان اتفاق آهي. ڳالهه هي آهي ته پاڪستان 14 آگسٽ 1947 کان اڳ هو ئي ڪونه. جيڪا شئي هُئي ئي ڪانه ته ان جي ڪهڙي محڪومي ڪهڙي غُلامي ته ڪهڙي آزادي. هي مُلڪ وجود ئي 1947ع ۾ آيو. هن کي آزادي نه پر سالگرهه جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ گهُرجي بهتر ٿيندو.
 
اوهان کي سڀني کي آزادي مبارڪ ،،،

پر ڪڙو سچ اهو آهي ته اسان انگريزن کان آزادي ته حاصل ڪئي پر ساڳين زنجيرن ۾ قيد آهيون ... نه امن آهي نه اسلامي معاشرو آهي ۽ نه ئي وري جمهوري معاشرو. اسان وري جاگيردارن، وڏيرن، بيوروڪريٽس ۽ فوجين جي غلامي ۾ آهيون .....

ڪو مڃي يا نه مڃي پر حقيقت اهائي آهي ..... پر پوء به رسمي طور جشن آزادي مبارڪ
اسين چاهيون ٿا ته اهي ڪم به شل اسانکي ٺهيل ٺڪيل ملن
 
تمام سٺي ڳالهه ڪئي عبدالحفيظ لغاري

پاڪستان 14 آگسٽ 1947 کان اڳ هو ئي ڪونه. جيڪا شئي هُئي ئي ڪانه ته ان جي ڪهڙي محڪومي ڪهڙي غُلامي ته ڪهڙي آزادي. هي مُلڪ وجود ئي 1947ع ۾ آيو. هن کي آزادي نه پر سالگرهه جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ گهُرجي بهتر ٿيندو.
 
پاڪستان بي شڪ 14 آگسٽ 1947 کان اڳ دنيا جي نقشي تي ڪونه هو. ليڪن هندوستان جا مسلمان ته هئا نه جيڪي انگريزن جي غلامي هيٺ هئا، انهن ته آزادي حاصل ڪئي نه انگريزن کان ۽ هڪ نئون ملڪ اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو.
 
Back
Top