اردو جي ليڪچرار جو معني ڀريل نظرن سان تڪڻ ، پوءِ مرڪ شيرواني جو بٽڻ کوليندي . جناب ، سنده مين علاقائي تعصب ڪي وبا پهيلتي جارهي هي ، يه پاڪستان ڪي وجود ڪي لئي زهر قاتل هي ، جو هم ني بيشمار قربانيون سي حاصل ڪيا هي . ڏانهنس ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ماٺ ڪري ويٺل ، اوچتو وچ ۾ ڪٽيندي ، پروفيسر. جناب اوهان قربانيون ڏنيون آهن ! خوب ! جيڪڏهن ڪو پنهنجي غرض خاطر جان جوکي ۾ وجهي ، ۽ ٻين جي ڦٻائڻ لاءِ ، ڪجهہ وڃائي پوءِ عيوضي ۾ گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري ، ڦٻائي ، سوڀارو ٿي اُڀري ۽ ڦٻايل هنڌ تي پير کپائي ، اوچو ٿي بيهي ، ۽ لتاڙڻ شروع ڪري ، پوءِ چوي تہ ، مون هيءُِ سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ! قرباني تہ ڦورو ۽ ڌاڙيل بہ ڏيندا آهن ، جڏهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڌاڙو هڻندا آهن يا ڦر ڪندا آهن . انگريز بہ جڏهن هتي آيا هئا ، ننڍي کنڊ ۾ تہ جان جوکي ۾ وڌي هئائون ۽ قربانيون بہ ، هر نو آبادگار بيٺڪيٽ کي وسائڻ لاءِ قربانيون تہ ڏيندو ئي آهي جي نہ ؟ اوهان تہ اتان ڀڳا ... پاتال ۾ بغاوت ماڻڪ