• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاتال ۾ بغاوت

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
اردو جي ليڪچرار جو معني ڀريل نظرن سان تڪڻ ، پوءِ مرڪ شيرواني جو بٽڻ کوليندي .
جناب ، سنده مين علاقائي تعصب ڪي وبا پهيلتي جارهي هي ، يه پاڪستان ڪي وجود ڪي لئي زهر قاتل هي ، جو هم ني بيشمار قربانيون سي حاصل ڪيا هي .
ڏانهنس ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ماٺ ڪري ويٺل ، اوچتو وچ ۾ ڪٽيندي ، پروفيسر.
جناب اوهان قربانيون ڏنيون آهن !
خوب !
جيڪڏهن ڪو پنهنجي غرض خاطر جان جوکي ۾ وجهي ، ۽ ٻين جي ڦٻائڻ لاءِ ، ڪجهہ وڃائي پوءِ عيوضي ۾ گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري ، ڦٻائي ، سوڀارو ٿي اُڀري ۽ ڦٻايل هنڌ تي پير کپائي ، اوچو ٿي بيهي ، ۽ لتاڙڻ شروع ڪري ، پوءِ چوي تہ ، مون هيءُِ سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن !
قرباني تہ ڦورو ۽ ڌاڙيل بہ ڏيندا آهن ، جڏهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڌاڙو هڻندا آهن يا ڦر ڪندا آهن . انگريز بہ جڏهن هتي آيا هئا ، ننڍي کنڊ ۾ تہ جان جوکي ۾ وڌي هئائون ۽ قربانيون بہ ، هر نو آبادگار بيٺڪيٽ کي وسائڻ لاءِ قربانيون تہ ڏيندو ئي آهي جي نہ ؟ اوهان تہ اتان ڀڳا ...
پاتال ۾ بغاوت
ماڻڪ
 
Back
Top