محمد ابراهيم جويو هڪ تاريخ ساز شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي نامياري عالم، اديب، ليکڪ ۽ مفڪر سائين محمد ابراهيم جويي جي 99 سالگهرهه تقريب ۽ سئو ساله جشن ولادت جي تقريب ريجنٽ پلازا ڪراچي ۾ ٿي. ان موقعي تي ڪيترن ئي ساڃاهه وندن، ليکڪ، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي. هن پيوگرام جي خاص مهمان ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي هئي. ان موقعي تي ڊڪٽر غلام علي الانا، مهتاب اڪبر راشدي، مظهر الحق صديقي، سيد مظهر جميل، جامي چانڊيو ۽ سليم ميمڻ، جويي صاحب جي زندگي، سندس علمي ۽ ادبي ڪم تي روشني وجهندي سندس شخيت بابت ڳالهايو ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. امداد حسيني ۽ مسلم شميم پاران جويي صاحب کي منظوم خراج عقيدت پيش ڪئي وئي.

    ان موقعي تي ڪيترن ئي تنظيمن، ادارن ۽ شخصيتن پاران محمد ابراهيم جويي کي مڃتا شيلڊ، اجرڪ ۽ تحفا پيش ڪيا ويا. ابراهيم جويو ڪميٽي پاران اهو اعلان ڪيو ويو ته هي سال ابراهيم جويو جو سال ڪري ملهايو ويندو ۽ سڄو سال تقريبون ٿينديون رهنديون. ڪوشش ڪبي ته هن ئي ڌاڳي ۾ جويي صاحب جي شخصيت تي لکيل مضمون به شيئر ڪندا رهون.

    [​IMG]


    ان موقعي تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران محمد سليمان وساڻ مانواري سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي اجرڪ پارائي رهيو آهي.


    [​IMG]

    [​IMG]
    هن تقريب جي وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو




     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاريخ ساز شخصيت تاريخ جي آئيني ۾ – پروفيسر سليم ميمڻ

    سائين محمد ابراهيم جويو، 13 آگسٽ 2014ع تي پنهنجي زندگيءَ جا 99 سال مڪمل ڪري، 100 سال ۾ پير پائيندو. سنڌي ادب جي حوالي سان اها نئين تاريخ جڙي رهي آهي، جنهن جي سانڀيان ٿيڻي آهي. پنهنجي زندگيءَ جا اهي 99 سال، جويو صاحب، سنڌ، سنڌي ادب، علم، ٻولي، سياست ۽ سماج کي ارپي ڇڏيا، بنان ڪنهن شرطن شروطن ۽ معاوضي جي. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي هميشہ ڏيندو رهيو آهي، ۽ حقيقت ۾ ڏيڻ ته ڪو کانئس سکي.

    99 سالن واري زندگيءَ ۾ هن گهڻي ڀاڱي ڏک ڏاکڙا سٺا، تڪليفون برداشت ڪيون ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ بيمارين کي به منهن ڏنو. هن بيمارين کي به گهڻو ڪجهه ڏنو، پر کانئن ڪجهه ورتائين ڪونه. دل جي بيماري به کيس ڪجهه نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته جويو صاحب بظاهر ته سنهڙو سيپڪڙو آهي، پر دل مضبوط اٿس، جنهن کي نه ڪو لهر نه ڪو لوڏو.

    جويو صاحب جي هڪ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ جڏهن هو جويو صاحب کي چڪاسڻ ويندو هو ته ان کان اڳ جو هُو جويو صاحب کان سندس طبيعت بابت پڇي، جويو صاحب کانئس سندس طبيعت بابت پڇندو هو. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته اهڙو مريض مون ان کان اڳ ڪونه ڏٺو هو.

    جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1938ع ڌاري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ ان پيشي کي مقدس سمجهي، ان کي ڳنڍ ڏيئي ڇڏيائين. جيتوڻيڪ پاڻ اٺن سالن کان پوءِ انتظامي عملدار طور ٻئي کاتي ۾ مقرر ٿيو، پر سندس استاد واري حيثيت اڃا به برقرار آهي. هن ڪڏهن شاگردن کي سبق پڙهايا ته ڪڏهن اديبن ۽ عالمن جي رهنمائي ڪئي. ڪڏهن سياسي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جي تربيت ڪئي ته ڪڏهن ٻولي پڙهائيندڙن جي رهنمائي ڪئي ته ڪڏهن صحافين کي به سکيا ڏني. وٽس جيڪي ڪجهه به آهي، هُو اُن مان هميشہ ٻين کي ڏيڻ واري روش تي عمل ڪندو نظر اچي ٿو. ساڻس گڏ 1938ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ جيڪي ماستر مقرر ٿيا، سي منزلون ماڻي وڃي وڏي حيثيت کي پهتا ۽ وڏا پيسي وارا ٿيا، پر ابراهيم جويو پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي مشن طور کنيو ۽ ان تي سڄي ڄمار عمل ڪندو رهيو. اهو مشن اڄ به جاري آهي. هزارين ۽ لکين ماڻهن سندس ان مشن مان لاڀ پرايو آهي، ۽ اڄ به پرائيندا چن ٿا.

    سنڌي ٻوليءَ جي ترقي پسند ادب تي اڪثر ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن، جڏهن ته ترقي پسند، باغي، تڙيل ۽ اڻ قبوليل اديب، ترقيءَ جي راهه کي نئين ۽ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، جن ۾ جويو صاحب به شامل رهيو آهي، پر ان عمل ۾ ترقي پسندن کي انعام ۾ فقط ڏک ڏاکڙا ۽ سختيون مليون آهن.

    جويي صاحب تي مختلف دورن ۾ الزامن جي ڀرمار رهي آهي، سندس سوچ کي ملحدانه ۽ ڪافراڻي سوچ ڪوٺيو ويو آهي، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي جواب ڏيڻ جي ڪانه ڪيائون. جي جوابن ڏيڻ جي عمل ۾ ڦاسن ها ته پنهنجا ٻيا ڪم نه ڪري سگهن ها، البت اڻ سڌي طرح ڏاڍ ڪندڙن کي جواب به ڏيندا رهيا آهن.

    جويو صاحب جي ادبي خدمتن تي، جي نظر وجهبي ته اٿاهه سمنڊ نظر ايندو. هت فقط مختصر لفظن ۾ سندس علمي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان خدمتن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

    بنيادي طور تي سندس زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي روشني پکيڙڻ لاءِ جتن ڪرڻ، اهو ئي سندس زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي. سندس علمي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ فڪر جي بلندي جي جهلڪ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن، مهاڳن، تنقيدي نوٽن ۽ تقريرن مان پسي سگهجن ٿا. خاص طور تي شيخ اياز ۽ ٻين ليکڪن جي ڪتابن جي مهاڳن تي نظر وجهبي ته سندن علميت جي پروڙ پوي ٿي.

    جويو صاحب، مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جو زبردست حامي آهي. سندن چواڻي ”پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو، سا هن جي ماءُ جي ٻولي آهي، تنهن ڪري تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان مؤثر پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي.“

    اهو سبب آهي، جو جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ٿيندڙ نصابي ڪتابن جي تياريءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اها ڳالهه فقط نصابي ڪتابن تائين محدود ناهي، بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي مختلف ڪتابن جي اشاعت جي مرحلن تي پاڻ انهن ڪتابن کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. جويي صاحب جن ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن، انهن ۾ گهربل درستيون پڻ ڪندو رهيو آهي، نتيجي ۾ ڪتاب کوري مان پڪل پختي ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچي ٿو. اهو حال ادبي بورڊ کان سواءِ جي ڪتابن ۾ به رهيو آهي.

    تعليم جي اهميت کي ذهن ۾ رکندي پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي مالا مال ڪيو اٿس.

    سائين محمد ابراهيم جويو جي انهن عظيم ڪارنامن جي مڃتا ۾ سنڌي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ علم دوستن 13 آگسٽ 2014ع کان 13 آگسٽ 2015ع کي سائين محمد ابراهيم جويو جو سال ڪري ملهائڻ جو رٿيو آهي ۽ ان لاءِ سائين محمد ابراهيم جويو سو ساله جشن ڪاميٽي جوڙي آهي، جنهن جي سرواڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي ڪري رهيو آهي. اها ڪاميٽي مختلف ادارن، علمي ۽ ادبي تنظيمن سان گڏجي پروگرام ڪرائيندي ۽ اهڙيءَ ريت سائين محمد ابراهيم جويو جي علمي ۽ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان خدمتن جي مڃتا ۾ کين ڀيٽا پيش ڪندي.

    ڪاميٽي جي ميمبرن ۾:

    محترم مظهر الحق صديقي چيئرمين

    پروفيسر محمد سليم ميمڻ سيڪريٽري

    ميمبر:

    محترمه مهتاب اڪبر راشدي، محترم سيد مظهر جميل، ڊاڪٽر فهميده حسين، منظور احمد قناصرو، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، محترم محمد احمد شاهه، محترم جامي چانڊيو، محترم شوڪت حسين شورو، محترم شمس جعفراڻي، محترم ذوالفقار هاليپوٽو، محترم رفيق احمد جعفري، محترم محسن جويو، محترم نصير مرزا، محترم الله ڏتو وگهيو، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، محترم تاج جويو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، محترمه امر سنڌو، [B]ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، [B]محترم مدد علي سنڌي، [B]محترم مسلم شميم ، [B]محترم اياز گل، ڊاڪٽر امجد سراج، [B]پروفيسر انيس زيدي، [B]ڊاڪٽر ادل سومرو، [B]ڊاڪٽر ناهيد پروين[/B][/B][/B] ۽ [B]ڊاڪٽر آفتاب ابڙو.
    [/B][/B][/B][/B][/B]

    محمد ابراهيم جويو سو ساله جشن کي ملهائڻ لاءِ پروگرامن ۽ ڪتابن جي اشاعت جي ڏس ۾ جن ادارن جو سهڪار شامل آهي، تن ۾:

    ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ
    سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد
    سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
    سنڌي ادبي سنگت
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
    انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان
    پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس
    آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي
    سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
    سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
    بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي، لياري، ڪراچي
    پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر. ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي

     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جديد سنڌ ۾ نئين سجاڳيءَ جو اهڃاڻ - جامي چانڊيو

    ڪي ماڻهو پنهنجي غيرمعمولي ڪردار سبب پنهنجيءَ هستيءَ ۾ ئي قوم ۽ سماج لاءِ نِسورو ڀاڳُ هوندا آهن ۽ اُنهن جي صُحبتَ جن به فردن ۽ دورَن کي نصيب ٿيندي آهي، اُنهن جي سڀاڳَ جي ڪَٿَ ئي نه ٿي ڪري سگهجي. مان پنهنجي ۽ سنڌ جي فڪري استاد سائين محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ جي آدرشي حياتيءَ کي به ايئن سمجهان ٿو، جنهن جو اڄ نوانوي هون جنم ڏينهن آهي. هونئن ته انسان جي حياتي ڏاڍي مختصر آهي پر ان هڪ حياتيءَ کي ڪي آدرشي مُحرڪَ ايڏو ته مُتحرڪ، ڪارائتو ۽ بامقصد بڻائي سگهن ٿا، ان جو هڪ وڏو مثال جديد سنڌ جي تاريخ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي زندگيءَ جو آهي. هونئن ته “پارس” هڪ ڏند ڪٿا آهي پر جيڪڏهن اُنَ جي ڪا حقيقي صورت دنيا ۾ ٿي سگهي ٿي ته اُها سائين محمد ابراهيم جويي جهڙن آدرشي ۽ فڪري پورهيتن ۽ سُونهَنِ جي صُحبت ئي ٿي سگهي ٿي. تڏهن ته لطيف سائينءَ چيو هو ته:

    “ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي،
    تُون! تَنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    مون کي سائين جويي صاحب سان ملڻ ۽ کيس روبرو ڏسڻ جي اُڪيرَ ننڍپڻ کان هئي، جو هن جي ڏاهپ ۽ ڪردار جون ڳالهيون ننڍپڻ کان پنهنجي والد کان پيو ٻُڌندو هئس، جو هو ٻئي دوست به هئا ته هم خيال به هئا. ڀانئيان ٿو ته نومبر 1987ع جو ڪو ڏينهن هو جو گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ عوامي ڪتاب گهر تي جويي صاحب کي بيٺل ڏٺم. مون کي اڄ به اُها ڪيفيت ياد آهي، جنهن ۾ مان جويي صاحب سان مليو هئس ۽ کيس پنهنجو نالو ٻُڌايو هوم. منهنجي تصور ۽ گُمان ۾ به نه هو ته ڪو جويو صاحب اُن زماني ۾ منهنجي نالي کان واقف هوندو. نالو ٻُڌڻ شرط مون کي وڏيءَ شفقت سان ڀاڪر پاتائين ۽ لطيف سائينءَ تي لکيل منهنجي هڪ ادبي مضمون جي واکاڻ ڪيائين ۽ ڪجهه سوال ڪري غيرمحسوس طريقي سان اِها پَڪَ به ڪيائين ته اُهو مضمون سچ پچ منهنجو ئي لکيل هو. مون کي اڄ به چِٽيءَ طرح ياد آهي ته جويو صاحب مون کي عوامي ڪتاب گهر تان پهرين نظام لاج ۾ عمر ميمڻ جي عظمت ادبي پبليڪيشن جي آفيس ۾ وٺي هليو ۽ پوءِ سندس گهر هلي وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ لاءِ چيائين. پنهنجي لاءِ جويي صاحب جو اِهو قُربُ ۽ شفقت ڏسي مان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس، اصل دل ئي دل ۾ هوائن ۾ ٿي اُڏاميس. مان ننڍپڻ کان ئي تمام گهڻو پڙهندو هئس ۽ نوجوانيءَ ۾ ادب، شاعري ۽ فلسفو منهنجا پسنديده شعبا هئا ۽ جويي صاحب ان پهرين پر طويل ڪچهريءَ ۾ اِهو محسوس ڪري ورتو هو ۽ شايد هن دل ئي دل ۾ منهنجي سُونهين ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو جو هن مون سان هڪ عجيب ڳالهه ڪئي، جنهن منهنجي زندگيءَ جا رُخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا. وڏيءَ فڪري شفقت وِچان هُن مون کي چيو هو: “ڇا پاڻ دوست ٿي سگهون ٿا؟” مون اُنَ سَڏَ کي ان وقت به پنهنجو ڀاڳ سمجهيو هو ۽ جڏهن اَڻ مَيي اُتساهه ۽ حيرت سان کيس ها چئي هئم ته جويي صاحب جي ٻي ڳالهه اڃا وڌيڪ عجيب هئي جو چيائين ته هڪڙي دوستي رسمي ۽ رواجي هوندي آهي، اُها ڪَچي دوستي هوندي آهي، ۽ پڪي دوستي اصل ۾ آدرشن، علم، نظرين ۽ فڪر توڙي عمل جي هوندي آهي. سو جويي صاحب جي ان فڪري شفقت سان منهنجي سنڌ جي هن عظيم فڪري استاد سان “پڪي دوستيءَ” جي شروعات ٿي، جنهن کي سچ پچ به مان پنهنجو ڀاڳ سمجهان ٿو. لطيف سائينءَ اهڙن سُونهن لاءِ ئي چيو آهي ته:

    مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينءَ کي،
    رَهِي اَچِجي راتَڙي، تَنِ جُنگَنِ سَنديءَ جاءِ،
    اُنهِين جي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئي تارِ ۾.

    منهنجي ننڍيءَ وَهيءَ ۾ سائين جويي صاحب سان اِهو دلي ۽ فڪري سُٻنڌ ايئن جُڙيو جنهن کي لطيف سائينءَ “سَڌرَ سين سَڱَُ” سان تعبير ڪيو آهي. اهو جويو صاحب هو، جنهن جي فڪري شفقت ۾ مون ٿنڪرس لائبريريءَجا انيڪ ڪتاب پڙهيا. يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جي دورَ، عقليت پسندي ۽ مذهبي اصلاحات جي تحريڪ، ماديت پسندي ۽ سيڪيولرازم بابت نئين گِهرائيءَ سان وسيع ۽ ڳُوڙهو اڀياس ڪيو. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب “وحشي جِيوت جا نشان” منهنجا فطرت ۽ انساني زندگيءَ بابت ويچار نه رڳو لوڏي ڇڏيا پر مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيا. مون کي خوشي آهي ته مون پنهنجي شعوري زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌ جي هن عظيم فرزند ۽ فڪري پورهيت جي صُحبت ۾ گذاريو. پنهنجي بابا کانپوءِ جويو صاحب، پليجو صاحب ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو منهنجا اُهي اُستادن جهڙا دوست هئا، جن جي صُحبت ۾ مون کي سائنسي علميت ۽ ڏاهپ سان عشق جي سُتي پئي. اِهي سنڌ جا اَملهه ماڻڪ اُهي آڳڙيا هئا، جن جي قُربت سمجهه ۽ شعور جي مٿان روايتي سوچ جي چڙهيل صدين جي ڪَٽُ لاهي ڇڏي. لطيف سائين اهڙن سُونهن کي آڳڙيو ۽ سُڄاڻ ڪوٺيو آهي.

    اڄُ آڳڙيا آئِيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
    لاهِيندا مورياڻَ، رُڪُ ڪرِيندا پَڌرو.

    13 آگسٽ 1915ع جي ڏينهن سَنَ جي ڀرسان هڪ ڳوٺَ “آباد” ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن ڏاهي انسان جي زندگي رڳو هڪ فرد جي حياتي ناهي پر سراج الحق ميمڻ جي چوڻ مطابق هڪ پوري دور جي ترجماني آهي. مان ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ پنجن ماڻهن (سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو ۽ شيخ اياز) کي سنڌ ۾ شعورسازيءَ جا بنيادي سرجڻهار سمجهان ٿو ۽ سائين جويو صاحب اُنهن ۾ به منفرد حيثيت رکي ٿو. سائين جي ايم سيد جا لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب جويي صاحب ايڊٽ ڪيا ۽ اُنهن جي ٻوليءَ ۽ خيالن جي ترتيب ۾ وڏي سُونهن پيدا ڪئي، شيخ اياز سڄي ڄمارَ ڇپائيءَ کان اڳ هُنَ کي ئي پنهنجا ڪتاب ڏيکاريندو هو ۽ شيخ اياز پاڻ لکيو ته جڏهن جويو صاحب اُنهن کي پسند ڪندو هو ته ڄڻ اُنهن تي اَبديت جي مُهرَ لڳي ويندي هئي. پليجو صاحب جويي صاحب سان ڪيترن معاملن تي سياسي اختلافَ رکڻ باوجود هميشه کيس پنهنجي اُستاد جو درجو ڏيندو آهي ۽ مون کي ڪيترائي ڀيرا پاڻ چيائين ته جيڪڏهن هن کي ابتدائي دور ۾ سائين جويي صاحب جهڙو روشن خيال ۽ ترقي پسند اُستاد نه ملي ها ته جيڪر هو سخت ۽ روايتي مذهبي ماڻهو هجي ها. جي ايم مهڪريءَ ۽ ايم ايڇ پنهور صاحب جهڙن وڏن اسڪالرن جون لکڻيون ۽ ڪتابَ سدائين سائين جويي صاحب ايڊٽ ڪيا. 1994-95ع ۾ سنڌ جو يگانو ڏاهو ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ۽ مان اڪثر جويي صاحب وٽ گڏ ويندا هئاسون ۽ مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر ٻوهيو جويي صاحب کي پنهنجي فڪري اُستادن ۾ شمار ڪندو هو. ايئن سنڌ ۾ سراج الحق ميمڻ، ف.م. لاشاريءَ کان وٺي ويندي نوجوان مارڪسي دانشور عاصم آخوند تائين ٽنهي نسلن ۾ انيڪ ماڻهو آهن، جن جي زندگيءَ کي جويي صاحب پنهنجي فڪري سُونهائپَ سان پارس وانگي ڇُهي سونُ ڪري ڇڏيو.

    جويو صاحب بنيادي طور هڪ مفڪر ۽ اُستاد آهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ هن جي فڪر جي مٽي بنيادي طور ٽن ڌارائن مان ڳوهيل آهي. سڀ کان پهرين هو پنهنجي قوم ۽ وطن جو عاشق آهي. مون سندس ان عشق جو جمال گذريل پاءُ صديءَ کان سندس صحبت ۾ پاڻ پئي پَسيو آهي. اُن ڪري ئي سراج لکيو هو ته، “قوم ۽ وطن سان عشق ئي جويي صاحب جو مذهب آهي.” حقيقت اِها آهي ته سڄي ڄمار هن شخص دنيا جا سڀ عظيم اُصول، آدرش، قدر ۽ روايتون سامهون رکي سنڌ لاءِ خواب ڏٺا آهن ۽ رڳو خواب نه ڏٺا آهن پر اُنهن جي ساڀيان لاءِ فڪر، ادب، قلم ۽ علمي جاکوڙ سان اورچ پنڌ ڪيو آهي. نوانوي سالن جي ڄمار ۾ به هن سان ملبو، ويهبو ته هن جا موضوع سنڌ سان جُڙيل هوندا. اِهو اُهو ئي عشق آهي، جنهن جو اظهار سُر سُهڻيءَ ۾ لطيف سائينءَ هيئن ڪيو آهي:

    پَلِيان پَليو نه رَهي، نِرِتُون نِينُهن نِبارُ،
    گهِڙان، گهوريو جندڙو! اُٿلَ مون اَپارُ،
    جنِين مَنَ ميهارُ، هَلَڻُ تنين حَقُ ٿيو.

    جويي صاحب جي فڪر جي ٻِي ڌارا ماديت پسندي (سائنسيت) ۽ عقليت پسندي آهي. ارڙهين صديءَ جي ماديت پسندي ۽ اُڻويهين صديءَ ۾ ان ۾ ٿيل جدلي ۽ تاريخي ماديت جا واڌارا جويي صاحب جي فڪر جي رَڳَ رَڳَ ۾ سمايل آهن. مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ جويي صاحب جي سطح جو ٻيو ڪوبه دانشور آهي، جيڪو ايئن سڄي ڄمار ماديت پسنديءَ جي فڪر جي ڦهلاءُ ۾ جُنبيل رهيو هجي. اِهو ئي سبب آهي جو اڄ هو جهُور پوڙهو هوندي به سنڌ ۾ رجعت پسند قوتن جي اَکَ ۾ فڪري ڪَنڊي جيان چُڀندو نظر اچي ٿو. جڏهن ته جويي صاحب جي فڪر جي ٽئين ڌارا سيڪيولر سوچ آهي. جويو صاحب جنهن انسان ۽ معاشري جي اڏاوت چاهي ٿو ۽ جنهن لاءِ هن سڄي ڄمار سوچيو، لوچيو ۽ لکيو آهي، اُهو هڪ اهڙو فرد ۽ سماج آهي، جنهن ۾ آزادي، سائنسيت، عقليت پسندي ۽ سيڪيولرازم ان جا فڪري بنياد هجن. اهو ئي سبب آهي جو سڄي ڄمار هن کي “پنهنجن” کڻي پوريءَ ريت نه به سڃاتو هجي پر روشن خياليءَ جي ويري رجعت پسند قوتن هميشه کيس نه رڳو سُڃاتو پر جهالت، توهم پرستيءَ ۽ عقيده پرستيءَ جي پٿرن سان کيس فڪري طور سنگسار ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايو، پر جويو صاحب هو جو پنهنجي سائنسي فڪر کان نه هٽيو سو نه هٽيو. جاهلانه الزامن جي سنگ باري ڪندڙن جا هَٿَ ڏَڪيا ۽ ٿَڪيا هوندا، سندن تحرڪ وقتي طور ماٺو ۽ شڪست خورده ٿيو هوندو پر سنڌ جي هن ڏاهي ڏاتار ڪڏهن به پنهنجي فڪري وِکِ پوئتي نه کنئي. سبب؟ ڇو ته هو ڪو ڪُوڙو ويڄُ نه هو، هن جو فڪر ڪچي رنگ جو نه هو، لطيف سائين هوبهو اهڙن سالڪن لاءِ چيو آهي:

    رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪِينَ اوٻاٽِجَن اوءِ،
    کُنڀُ نَه کاري تِنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تَهِين نهَ لَهي.

    جن جي فڪر جا رنگ ڪچا هئا، سي زماني جي اوڀارين لهوارين جي ڪجهه “ڌوپن” ۾ ئي ڦِٽي ويا، جويي صاحب جي فڪري واٽ اڄ به نِجُ نِبار آهي، ڇو ته اُها سائنسي، عقلي ۽ منطقي آهي.

    جيتوڻيڪ سائين جويو صاحب ننڍي کنڊ جي مارڪسي دانشور ايم اين راءِ جي سياسي پارٽي “ريڊيڪل هيومنسٽ پارٽيءَ” جو ورهاڱي کان اڳ باقاعده رُڪن رهيو پر مجموعي طور هو ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو حصو نه رهيو، ان باوجود هڪ حقيقي قومي دانشور طور هو ڪڏهن به قومي سياسي حالتن کان لاتعلق نه رهيو. سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين ۾ اهڙو هڪ به نظرياتي ۽ سنجيده ڪارڪن نه هوندو، جنهن جي سوچ ۽ فڪر تي سائين جويي صاحب جي فڪري ڪتابن ۽ لکڻين جو گِهرو اثر نه رهيو هجي. ساڳيءَ ريت سنڌي ادب ۾ پڻ جويي صاحب جو ڪردار هڪ سُونهين وارو رهيو آهي. هن سڌيءَ ريت ادب گهڻو تخليق نه به ڪيو هجي پر هن ادب جا ترقي پسند ۽ فڪري لاڙا تخليق ڪيا، ادب جي پرک جا معيار تخليق ڪيا، ادب ڏانهن نئون رويو تخليق ڪيو ۽ ادب جي پرک جا پيمانا تخليق ڪيا. سنڌي ادب ۾ پڻ شايد ئي ڪو/ ڪا ترقي پسند اديب، شاعر، نقاد هجي، جيڪو سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت جويي صاحب جي ترقي پسند ادبي فڪر ۽ مادي شعور کان متاثر نه ٿيو هجي.

    سنڌي ادب ۾ ترجمن جي روايت ورهاڱي کان اڳ به گهڻي سَگهاري هئي ۽ رڳو هڪ اديب مرزا قليچ بيگ ئي ادارن کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو پر ورهاڱي کانپوءِ سائين جويو صاحب اُهو واحد ماڻهو هو، جنهن نه رڳو دنيا جا ڪيترائي بي مثال ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا پر ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ نوان موضوع متعارف ڪرايا. فلسفو، فطرت شناسي، سياسي ۽ فڪري ادب، ايم اين راءِ، روسو، والٽيئر، هارورد مور، اسٽيفن زويگ، برٽالٽ بريخت، اينڊ بلائٽن، پائلو فراري، اليگزينڊر چاتيان، لارڊ بائرن، فونيسڪا پائينڊل، ڪارل مارڪس سميت انيڪ موضوع ۽ مفڪر سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ابتدائي طور جويي صاحب پنهنجن ترجمن ذريعي متعارف ڪرايا.

    انساني ڪمزوريون هر انسان ۾ ٿين ٿيون پر مون پنهنجي حياتيءَ ۾ سائين جويي صاحب جهڙو اڻ ورچ فڪري پورهيت، مهربان اُستاد، شفيق ۽ سٻاجهو ڏاهو نه ڏٺو. خودپسنديءَ جي نرگسيت هڪ روڳَ جيان مشهور ماڻهن ۾ عام هوندي آهي پر سائين جويو صاحب سدائين خودپسنديءَ ۽ خودنمائيءَ کان پري رهيو. سنڌ جي فڪري، سياسي، علمي ۽ ادبي ميدان تي اهڙا بيشمار ڪم ڪيل اٿس، جيڪي سندس نالي سان رڪارڊ تي ئي ناهن. هن هميشه پنهنجيءَ ذات بجاءِ پنهنجن ويساهن، آدرشن ۽ اُنهن جي ساڀيان لاءِ جاکوڙ کي بنيادي اهميت پئي ڏني آهي. سڄي عمر جنهن شعبي ۽ اداري ۾ ويو، اُن کي نئين روشن خيال سنڌ جي اڏاوت جي هڪ مورچي ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. پنجاههَ ۽ سَٺِ جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ مهراڻ رسالو ان جو هڪ وڏو مثال آهي. مان سمجهان ٿو ته يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جي دور (Age of Renaissance) کان فڪري طور متاثر سنڌ جي هن ڏاهي پنهنجي سڄي حياتي سنڌ ۾ نئين سجاڳيءَ جو دور اُڀارڻ لاءِ نه رڳو سوچيندي، لکندي ۽ فڪري رهنمائي ڪندي پر عملي طور جاکوڙيندي گذاري آهي. هو هڪ آدرشي زندگيءَ جو سنڌ ۽ ننڍي کنڊَ ۾ هڪ چِٽو اهڃاڻ آهي. ويهين صديءَ جي سنڌي سماج ۾ هو اُنهن چند ماڻهن مان آهي، جن کي سنڌ ۾ وطن دوستيءَ، عوام دوستيءَ، روشن خياليءَ، سائنسي عقليت پسنديءَ ۽ سيڪيولر سوچ جا اَڏيندڙ چئي سگهجي ٿو.

    ڪنهن به غلام، پسمانده ۽ زماني جي لتاڙيل قوم ۽ معاشري جيان سنڌ جي آزاديءَ، روشن خياليءَ، عقليت پسنديءَ جي اُڀار ۽ جاهلانه اوهام پرستي ۽ خودفريب عقيده پرستيءَ مان نجات جو سفر پڻ ڊگهو ۽ پيچيده آهي ۽ نسلن کان نسلن تائين منتقل ٿيندو پر ان لاءِ اسان کي سائين جويي صاحب جهڙن سُونهنِ ۽ سنڌ ۽ سائنسي سُرِت جي عاشقن جي ڇڏيل فڪري رَندَنِ جا پيرا کڻڻا پوندا ۽ اُنهن کي پنهنجي هم عصر ۽ ايندڙ دور جي تخليقي ۽ سائنسي واڌارن سان هم آهنگ ڪري اڳتي وڌڻو پوندو.

    لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي آدرشي حياتي پوري ڪندڙ سنڌ جي هن املهه ماڻڪ کي سندس نوانوي هين جنم ڏينهن تي مان کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس ئي رهبر لطيف سائينءَ کان لفظ اُڌارا ٿو وٺان، جنهن اهڙن کاهوڙين لاءِ ئي چيو هو ته:

    رهيا اَٿيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندا صابرِي،
    لُئن لُئن مَنجهه لَطِيف چَئي، ڪَر تَنِين جي تاتِ،
    سَندي جوڳِن ذاتِ، ٻئي ڀيري مَسَ مِڙي.
    تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آهين اوطاقُنِ ۾،
    ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گهورِ،
    وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَ مِ مِلندَءِ ڪاپڙِي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري – شيخ اياز

    ابراهيم سان منهنجي پهرين ملاقات، حشوءَ کان به اڳ، سال 1944ع ۾ مننهنجي دوست جمال صديقيءَ ڪرائي هئي، جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ بي. اي پڙهندو هوس. اُن وقت ابراهيم سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو، ۽ بندر روڊ تي ’سعيد منزل‘ جي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ابراهيم مون کي پهريون ڀيرو ’ٿنڪرس لئبريري‘ (Thinkers’ Library) جا ڪتاب ‘Martyrdom of Man’ (انسان جي شهادت) وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، جي مون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُنهن مان هڪ ڪتاب ‘Illusion of National Character’ (قومي ڪردار جو خبط) جو مون تي ايترو گهرو اثر ٿيو هو، جو ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ ايتري دلچسپيءَ باوجود مان اُن جي Chauvinistic trends جي لپيٽ ۾ نه آيو آهيان.

    مان ابراهيم کي پنهنجا نظم ٻڌائيندو هوس، پر هِن کي انهن ۾ حد کان زياده فارسي لفظ پسند نه ايندا هئا.

    1945ع ۾ مان ۽ منهنجو دوست عبدالرزاق راز، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ’سنڌي سرڪل‘ ۾ ويندا هياسين، جتي مون پنهنجو نظم ’او باغي، او راج دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني‘ پڙهيو هو ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويا هئا. اُهو نظم پوءِ ’لهرون‘ جي نالي سان سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام پنجواڻيءَ ان کي ڪيئي ڀيرا منهنجي مٺڙي آواز ۾ گهڙي تي ڳايو هو. انهيءَ سرڪل ۾ منهنجي نارائڻ شيام سان واقفيت ٿي هئي.

    ’او باغي، او راج دروهي‘ ۾ ڪم آندل ٻولي، ابراهيم جي صحبت جو اثر هئي. ابراهيم سان جڏهن مان گهرو ٿيو هوس، تڏهن هن مون کي ايم. اين. راءِ جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. جمال صديقيءَ به انهن مان ٻه ٽي ڪتاب اڳ ئي پڙهيا هئا، ۽ ابراهيم سان گڏ ايم. اين. راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ (Radical Democratic Party) گڏجاڻين ۾ به ويندو هو. ابراهيم مون کي پارٽيءَ جي هفتيوار اخبار ‘Independent India’ (آزاد هندستان) جا شمارا به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. هڪ ڀيري مان به پارٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ويس. *

    اِهو سارو وقت منهنجو ابراهيم جويي سان ميل جول رهيو، اهو دؤر مون لاءِ نشي جو دؤر هو. جُوانيءَ جو ڀرپور نشو، نون خيالن سان لهه وچڙ جو نشو، مطالعي جو نشو، شاعريءَ جو نشو، دوستيءَ جو نشو. مون سوين ڪتاب پڙهي ڇڏيا. **

    *. ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘، ص: 49-70 ۽ 171

    **. ساڳيو ڪتاب، ص: 173
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو – سراج الحق

    هنن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي، سو اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساه پورا ٿين ته حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي، جيڪا انسان کي ملي آهي، ان کي بامقصد بڻائڻ ئي انسان کي ٻين ساهوارن کان اتم ۽ اعليٰ بنائي ٿو، ۽ اهو مقصد آهي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي وٺي وڃجي. ٻڌڌرم جي حوالي سان، اهو ئي هنن جو نرواڻ آهي.

    اڄ جويو هونئن ته بنهه ضعيف، سنهڙو، ننڍي قد جو هڪ پَريو مڙس آهي، پر جيڪڏهن سندس ڄاڻ ۽ ڪم جي همه گير پهلوئن کي خيال ۾ آڻجي ته هو هڪ سگهارو، قدآور ۽ جواڻ جماڻ ذهن آهي، جنهن جي گهڻ ڏسي شخصيت جو احاطو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جڏهن سندس ڦوهه جواني هئي، تڏهن وري هن جو ذهن، تجربي ۽ مطالعي جي لحاظ کان پيرسن ۽ پريو مڙس هو، جيڪو پنهنجي هڪ جيڏن ۽ پاڻان ننڍن جي رهبري ڪندو هو. ناظم حڪمت، ترڪيءَ جي ڪنهن ڏاهي لاءِ هڪ هنڌ چيو هو ته ’جڏهن جوان هو ته اشاري سان صحيح منزل ڏانهن رهنمائي ڪندو هو، جڏهن پيرسن ٿيو ته هٿ کان جهلي صحيح منزل تي پهچائي ايندو هو؛ ابراهيم جويي سان به اِها ئي ڪار آهي. جڏهن ننڍو نيٽو هو ته لاتعداد اشارن سان سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي صحيح منزلن جي نشاندهي ڪندو هيو. جڏهن پيرسن ٿيو ته ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ عملي طرح اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريائين، جيڪو خود هڪ منزل جي حيثيت رکي ٿو. ان کي هيئن سمجهيو ته جڏهن اڃا جوانيءَ جو پُور شروع ڪيو هئائين ته ‘Save Sindh, save the continent’ لکي، اهڃاڻ ۽ پار پتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن رٽائر ٿيو ته ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ لکي ڏيکاريائين. هن جي ان ذهني سفر کي سمجهڻ لاءِ ايشيا کان سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ تاريخ کي هڪ ’وطن پرست‘ احساس جي حوالي سان سمجهڻو پوندو. آءٌ جڏهن ’وطن پرست‘ جو فقرو ٿو ڪتب آڻيان، تڏهن محض هڪ خوبصورت اصطلاح استعمال ڪونه ٿو ڪريان، پر ان جي اکري معنيٰ ڏانهن اشارو ٿو ڪريان. ابراهيم لاءِ وطن پرستي، پرستش جي حد تائين اونهو ۽ روحاني تجربو آهي. ساڳئي وقت اها حد درجي جي جانبداريءَ جي ’پوزيشن‘ پڻ آهي، جيڪا اقبال جي وطن کي ’ڪوڙو خدا‘ سڏڻ منفي روايت کي رد ڪري، شاهه جي ’واجهائي وطن کي . . . ڪج پنوهارن پاس‘ واري مثبت روايت اختيار ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ آهي. وطن هن لاءِ پارس به آهي ته ڪسوٽي به. جماليات جو معيار به اهو ئي آهي ته روحانيت جو حوالو پڻ اهو ئي آهي.

    مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اتمچنداڻي، سنڌ گهمڻ آئي هئي ۽ هڪ شام، ابراهيم، اياز، رباني ۽ آءٌ، سندري ۽ اتم سان گڏجي، ڪلفٽن جي سمنڊ ڪناري گهمڻ آياسون. روحانيت تي بحث ڇڙي پيو. اياز، تصوف ۽ ويدانت جي روايت سان روحانيت جي تعلق تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته ان جي معنيٰ ۾ هو پنهنجي روحانيت جو قائل آهي. ابراهيم به سندس حمايت ڪندي چيو هو ته روحانيت کي هرو ڀرو ڪا تنگ معنيٰ نه ڏيڻ گهرجي. ان وقت ڪونجن جي هڪ ڊگهي قطار هڪ ڪڪريءَ وٽان نڪري شفق جي لالاڻ ۾ گم ٿيڻ لڳي. سندريءَ ان نظاري ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو. واقعي منظر اهڙو ته دل کي جهوٻو ڏيندڙ هو، جو ڀانيان ٿو ته اسان سڀني جون دليون گائون مائون ٿيڻ لڳيون، سڀ ماٺ ٿي وياسون. مون ڏٺو ته ابراهيم جويي جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ’الا، سنڌ جو آسمان ڪيڏو نه سهڻو آهي!‘ ۽ پوءِ پنهنجي لڙڪن کان پريشان ٿيندي، ڳالهه لنوائڻ لاءِ ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ”اسان جي روحانيت ته اِجهو اها آهي!“
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نئين سنڌ جو اڏيندڙ محمد ابراهيم جويو

    ڊاڪٽر مخمور بخاري


    جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻئو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرري!

    (شاهه)

    سائين محمد ابراهيم جويي ’شاهه، سچل، سامي‘ ڪتاب ۾ هنن ٽنهي شاعرن بابت لکيو آهي ته: ”هي ٽئي شاعر، نئين سنڌ جا نقيب آهن!“ آءٌ ان ڳالهه کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻ جي همٿ ڪريان ته چئي سگھجي ٿو ته: شاهه سچل ساميءَ کان اڳتي هڪ جديد ۽ نئين سنڌ جا اڏيندڙ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ ابراهيم جويو آهن. هنن ٽنهي شخصيتن جدا جدا مورچن تي ويهي هڪ نئين سنڌ کي اڏيو آهي. سائين جي. ايم. سيد هزارن سالن کان خودمختيار رهندڙ سنڌ جي ’قومي حيثيت‘ کي مڃرائڻ لاءِ عملي ڪم به ڪيو ته ان سان گڏ قلمي پورهيو به ڪيو. ’پيغامِ لطيف‘، ’ديار دل، داستانِ محبت‘، ’سنڌ ڳالهائي ٿي‘، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘، ’سنڌ جا سورما‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ’سن جي سيد‘، سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ تصنيف ڪري سنڌ آڏو ڪيا. ان کان اڳتي ادب جي مورچي تي سائينءَ جي ڪم جي تسلسل ۾ شيخ اياز، سنڌ جي وجود ۾ پنهنجي پُراثر شاعريءَ ذريعي هڪ نئون روح ڦوڪيو، اهڙو روح، جنهن ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي پيدا ڪندي، انهن کي اٿڻ ۽ جاڳڻ تي مجبور ڪيو:

    · منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!

    · مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سُرخ گلاب!

    · ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

    سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.

    · هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي، تئن رُڪ ٿيا

    ادب جي هن مورچي تي هڪ اهڙو شخص به بيٺل/ڄميل نظر اچي ٿو، جيڪو ڪڏهن به زماني جي لاهن چاڙهن، جھَڪُن جهولن، لڱ ساڙيندڙ گرمين ۽ ڄاتل سڃاتل چهرن جي بي حسيءَ کان مايوس نه ٿيو، دل نه لاٿائين، پر هميشه اڳي کان اڳڀرو نظر ايندو رهيو. ارادي جي پختگي، حوصلي ۽ همٿ سان ڌرتيءَ طرف ايندڙ هر طوفان کي منهن ڏيندو، سهندو رهيو آهي. اهو ارڏو، اٽل، باهمت، بردبار، فهم فراست ۾ برجستو، مخلص، سچو، ساڃاهه ۽ سُرت رکندڙ، ڌرتي جو کرو سپاهي، حفاظت ڪندڙ اسان جو سائين محمد ابراهيم جويو آهي. جنهن کي ڏسي، مون کي ڪنهن ڏاهي جا هي لفظ ياد پوندا آهن:

    ”جسمن جو ٿڪ ڪابه حيثيت نه ٿو رکي، رڳو روحَ نه ٿڪجڻ گھرجن“

    سو، اها حقيقت آهي ته جن به جسم جي ٿڪ کي ڪجهه نه سمجھيو، انهن جو روح هميشه تازو توانو رهيو. اهڙن فردن جا حوصلا پهاڙن جيان اٽل ۽ مضبوط رهيا آهن. هو ڀٽائي سائينءَ جي هنن سٽن جا ڄڻ ته هوبهو عڪس ٿي پيا آهن:

    · سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،

    ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏڻا؟

    · ماءُ کاهــوڙي هليــــا، دُکائــي دونــــهان،

    ڇپر جا ســونهان، ڏوٿين ڏٿ چِتائــيو!

    · گنجو ڏونگر گام، پيهي ڄڻ پروڙئــــو،

    ڪري تن تمام، لوچــي لاهوتــي ٿئا!.

    سائين ابراهيم جويي لاءِ چئي سگھجي ٿو ته هو سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز سان گڏ ’نئين سنڌ جو اڏيندڙ‘ آهي. هن جديد سنڌي ادب جي سونهين، مرزا قليچ بيگ کانپوءِ نيون راهون گهڙيون، ‘ٽماهي مهراڻ‘ ڪڍڻ کان وٺي شيخ اياز جي ڪتابن جي مهاڳن لکڻ تائين ئي فقط ڏسجي ته جويي صاحب جو ڪم موتين جيان جرڪندي نظر ايندو. اياز جي ڪتابن جا مهاڳ رڳو ڪي سطحي مهاڳ ناهن، بلڪ اهي سنڌي ادب جا اهي شاهڪار ’تنقيدي مهاڳ‘ آهن، جن جي حيثيت سنڌي ادب ۾ انتهائي اهم آهي. اهو سچ آهي هر شاعر پنهنجي ماضيءَ سان ڳنڍيل هجڻ باوجود پنهنجي دور جو عڪس هوندو آهي. هو جنهن دور ۾ زندهه رهندو آهي، اهو دور مٿس وڏيون ذميواريون عائد ڪندو آهي، ان صورت ۾ پنهنجي دور جي. اهو ئي شخص اڳواڻي ڪندو آهي ۽ پنهنجي پٺيان ايندڙن لاءِ نم جي ٿڌيءَ ڇانوَ سمان ثابت ٿيندو آهي.

    جويي صاحب، شيخ اياز جي شاعريءَ جي جيڪا اوک ڊوک ۽ پرک پروڙ ڪئي آهي، اهو ڪم به شاعر جي ڪم کان گھٽ ناهي. چوڻي آهي ته: ”هيري جو ملهه جوهري ئي ڪٿيندو آهي“، ان صورت ۾ ’هيرو‘ ۽ ’جوهري‘ ٻئي برابر جي حيثيت جا مالڪ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ’هيري‘ جي اهميت جو ڪاٿو ڪٿندڙ خود به خداداد صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي- اهو سچ آهي ته جڏهن شيخ اياز معاشري جي بيقدري ڏسي لکيو ته:

    ”ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبوءِ ئي اجائي وئي!

    سنڌ جي هن سُرهي گُل جي سُڳنڌ کي محسوس ڪرڻ ۽ گل جي نرم پتين کي ڇهڻ جو احساس ڪنهن گداز جسم کي آڱرين سان ڇيڙڻ ۽ مَڌ جي سرور جھڙو محسوس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، اهو رڳو محمد ابراهيم جويو هو، جنهن اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکي کيس سڃاڻپ ڏني.سائين جويي صاحب، شيخ اياز جي نون (9) ڪتابن جا مهاڳ لکيا، ڏسڻو آهي، اياز پنهنجن اٺن ڪتابن جا مهاڳ فقط جويي صاحب کان ئي ڇو ان ڳالهه جي شاهدي جويي صاحب جي مهاڳن مان ملي ٿي، جنهن انداز سان هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حسناڪي ۽ اهميت هنن مهاڳن ۾ بيان ڪئي وئي آهي، انهن اياز جي شاعريءَ تي امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي. جويو صاحب، اياز جي ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ جي مهاڳ ۾ سنڌي شعر جي مزاج بابت ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي: ”شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحروزنن ۽ هندي ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً: زير نظر سڀ گيت (ڪتاب ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ ۾ شامل گيت) ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحروزن تي به انهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو پوي، جيئن فارسي بحروزن جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو آهي، بلڪ انهن کي اڳتي نيئي ، اُنهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن.“ (شيخ اياز جو سڄو شعر-جلد1-ص850).

    اُن ئي مهاڳ ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي: ”اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو (جلد 1-ص 846). – ۽ اهو به سچ آهي ته اياز نئين دور ۾ ڪلاسيڪل صنفن کي وري لکيو، پر کيس ان جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ – ان جو جواب ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ ۾ خود اياز پاران لکيل هنن سٽن مان اسان کي ملي ٿو:

    ”بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم-قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي“. (جلد 1، ص 13)

    هتي جڏهن سائين ابراهيم جويي جي ذڪر ۾ شيخ اياز جي بيت جو ذڪر نڪتو آهي ته پوءِ ڇو نه ٿورو ٿورو؛ سنڌي ٻوليءَ جي انهن خوبصورت جديد بيتن جو ساءُ به چکجي، جنهن جو ذائقو يقيناً روح ۾ نئين تازگي ڀريندو:

    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
    رُتيــــن رتيــــون راتــڙيون، اُڏاڻــــا اِحســــاس،
    چِتِ ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
    پريان پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳُجهه جون.

    اياز سنڌي شاعريءَ ۾ فڪري تجربا ڪيا. هن ڪلاسيڪل صنفن: بيت ۽ وائيءَ ۾ جديد رنگ ڀريو ۽ اُنهن کي انتهائي خوبصورت بڻايو ۽ ان ئي اياز جي شعر کي جڏهن تز ۽ تيز تنقيد مان گذرڻو پيو ته اها ڏاهپ سائين ابراهيم جويي جي ئي هئي. ’ڪي جو بيجل ٻوليو‘ جي مهاڳ ۾ سائين جويو صاحب لکن ٿا:

    ”فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean Cocteau) کان ڪنهن پڇيو ته ’جيڪڏهن ڪنهن گھر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟‘ جواب ڏنائين ته ’آءٌ اتان باهه کڻي ايندس!‘ اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر اُن ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اُها باهه ڏاڍ ۽ ڪُوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گھري ٿو، ڇو ته اُتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گھڙيا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا.“

    (’مون ڏات انوکي آندي آ‘، ص 63-62)

    هنن مختصر اقتباسن مان شيخ اياز جي ڪلام جي هر دور ۾ اهميت جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو. هر شاهڪار تخليق پنهنجي دور کان گھڻو پوءِ به ايتري ئي معنيٰ دار هجڻ سبب عام مقبول هوندي آهي، جيتري کيس پنهنجي دور ۾ مقبوليت حاصل هوندي آهي.

    سائين ابراهيم جويو جنهن کي ”سٻاجھو ساڃَهوَندُ“ به سڏيو ويو آهي ان جي شفقت، علميت، شخصيت ان ميوي دار گھاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي محبت ۾ رهندي ڪيترائي وڏا ذهن پيدا ٿيا. ائين کڻي چئجي ته سائين جويي صاحب اهڙن ذهنن کي سراڻ تي تکو ڪري، سنڌ، سنڌي ٻولي، ثقافت، تعليم ۽ تهذيب جي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ لاهي، علمي ۽ عملي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو هَذف مقرر ڪري ڏنو آهي.

    سائين ابراهيم جويي متعلق شيخ اياز صاحب جا هي لفظ اسان حوالي طور آڻي سگھون ٿا، جيڪي مٿن هوبهو ٺهڪي اچن ٿا:

    ’ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهو جي تشريح آهي!!‘

    ڪــــيرت ڪاڻياريون گھڻيون، ڪــــنهن ڪنهن منجھه ڪَلا؛
    جنهــــن ۾ جــــيءَ جلا، ڪــــانکي تنهــــن جو ڪــــــــينرو. (اياز)
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد ابراهيم جويو هڪ رهنما روح 99 سالن کان سنڌ جي سرزمين تي

    عبد الغفور الستي

    اُن روح پنهنجي خاڪي جسم ۾ 99 سال سنڌ جي سرزمين تي گذاريا اهن. هِن 13 آگسٽ تي سندس 100ئون سال شروع ٿيندو، جيڪو محمد ابراهيم جويي جو، 13 آگسٽ 1915ع تي ڳوٺ آباد ضلعي دادوءَ (هن وقت ڄامشوري) ۾ ڄمڻ جو ڏينهن اهي. اچو ته سڀ سنڌ دوست، انسان دوست، خدا دوست کيس گڏجي هن ”ڄمڻ جي ڏينهن“ تي مبارڪون ڏيون. هُو پنهنجي لاءِ ڪونه جيو، پر سڀني انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ جيو. ان جو ثبوت اُهو فوٽو آهي، جنهن ۾ مون گھڻن کي سڏ ڏنو، پر هوو اڪيلي سر سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀني سڄاڻ ماڻهن مان هيروشيما تي ڪيرايل ائٽم بم جي ڏهاڙي 6 آگسٽ تي، مونسان ۽ ٻين غريب سنڌي مردن عورتن ۽ ٻارن سان امن مارچ ۾ اچي شريڪ ٿيو. هيءَ امن مارچ آءٌ گذريل ڪيترن سالن کان ڀٽ شاهه موري (هالا روڊ) کان وٺي ڀٽ شاهه شهر تائين پنهنجي ‘Society of World Peace’ يا SOW PEACE طرفان هر سال ڪندو آهيان. سائين جويو صاحب اڳي به هڪ دفعو ان مارچ ۾ اچي شريڪ ٿيو هو، وري جڏهين پاڪستان ۽ هندستان وٽ ائٽم بمن اچڻ ڪري دنيا ۾ ائٽمي جنگ جو خطرو وڌي ويو، ته 2004ع وري اچي شريڪ ٿيو. سندن عمر جو نوي سال پورو ٿيڻو هو، تنهنڪري پنهنجيءَ شرڪت سان اسان سڀني سنڌين ۽ ٻي کي اهو پيغام ٿي پهچائڻ چاهيائين ته انسان ذات جي هن اولين خير ۽ ڀلائيءَ جي ڪم ۾ ته ’دنيا تان ائٽمي ۽ ٻيا خطرناڪ هٿيار ختم ٿين، ڀرپور حصو وٺو ۽ پوئتي نه پئو. پاڻ اسان سان 3 ميل گڏ رهيو ۽ پڇاڙيءَ لطيف سائينءَ جي درگاهه تي امن محبت ۽ انساني برادريءَ لاءِ دعا ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ حيدرآباد واپس ويو.

    هي به اُن رهنما روح جو هڪ طريقو هو سڀبي انسانن تائين سندس پيغام پهچائڻ جو، پر اسان سنڌين جي ته رهنمائيءَ هُوسڄي ۽ سموري شعروي زندگي ڪندو ايو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هتي پيدا ٿيو هو. رب تعاليٰ هُن کي سنڌي قوم جي رهنمائيءَ لاءِ سنڌ ۾ پيدا ڪيو هو، جئين ٻين اهڙن رهنما روحن کي ٻِن هنڌن تي.

    شيخ اياز هن رهنما روح لاءِ جويي صاحب جي انساني صورت ۾ هيئن لکيو اهي” …جڏهين سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهين ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس هُن جي آڏاڻي ۾ اُڻيل اهي. هُو اُهو آدي جڳادي الوپ ماڻهو آهي، جو نؤ ورنيءَ جي سينڌ ۾ستارا سجائي گم ٿي ويندو آهي…“ (حميد سنڌيءَ کي اياز جي لکيل خط تان).

    رسول بخش پليجو جويي صاحب لاءِ هيئن لکيو آهي، جنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پاڻ هڪڙو شاگرد هو. ٻيو استاد هو: ” …استاد هجڻ لاءِ جيڪي خوبيون کپن، سي منجھس حد درجي موجود هيون، پر لڳو ٿي ته هُن لاءِ رڳو بهترين استاد ٿيڻ ڪافي نه هو. هُن جي سوچ جي دنيا اُن کان وڌيڪ پراسرار، وڌيڪ ڪشادي، وڌيڪ دلڪش ۽ نرالي ٿي لڳي. هن جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيون، سي اسان مان (شاگردن مان) ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هُيون:

    ڪا جا آندي ڪيچين، وڻڪاران وائي،
    سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وِهه ٿي (شاهه)

    [​IMG]

    آءٌ به اهڙو خوش قسمت شاگرد هُئس جويي صاحب جو. پر مون تي سندن Extra-Curriculum (نصابي ڪتابن کان الڳ) تقريرن اهڙو اثر ڪيو، جو مون سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندي، هاسٽل ۾ رهندڙ سڀني شاگردن لاءِ هڪ هٿ سان لکيل ماهوار اخبار ڪڍي، جنهن جو نالو ريکم ”جمهور“ -۽ اُها سڀني کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هوس. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هڪ ڏينهن جيئن اسڪول مان موڪل ملي ته مون ڊوڙي وڃي هاسٽل جي ڪمري مان پنهنجي اخبار جو پهريون پرچو کنيو ۽ جيئن جويو صاحب اسڪول جي ميدان تي آيو ٻاهر وڃڻ لاءِ، ته اچي اُها اخبار کيس ڏيکاريم. پاڻ پوءِ ڪلاڪ کن اُتي بيهي رهيو. سڄي اخبار جا چار صفحا هٿ جيلکت ۾ لفظ به لفظ ڪري پڙهيائين. ٻيا شاگرد به گڏ ٿي ويا هُئا، انهن کي به پڙهي ٻڌائيندو ويو ۽ پوءِ مونکي ڀاڪر وجھي اهڙي وٺي منهنجي تعريف ڪيائين، جو آءٌ پاڻ هڪوٻڪو ٿي ويس. مون ته رڳو ”جمهور“ جو نالو اخبار کي ڏييئ ان ۾ ڪي غير جمهوري ڳالهيون به لکي ڇڏيون هُيون. هڪڙو مئٽرڪ جو شاگرد پنهنجي سمجھه آهر ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. پر هُن اسان کي ٻڌايو ته جمهو معنيٰ عوام، جمهوريت معنيٰ عام يا گھڻن ماڻهن جي راءِ مطابق عام ماڻهن جي حڪومت عام ماڻهن لاءِ حڪومت، عام ماڻهن جي پاران حڪومت. هي ابراهم لنڪن جو قول هو، جيڪو کولي اسان کي سمجھايائين (Government of the people, for the people, by the people). اُها ئي انصاف جي حڪومت ٿي سگھي ٿي. غريبن جي حڪومت، پورهيتن جي حڪومت، جيڪي گھڻائيءَ ۾ آهن ۽ نه انهن جي جيڪي عام ماڻهن کي غريب ۽ جاهل رکي انهن جو پورهيو کائن ٿا ۽ انهن تي حڪومت ڪن ٿا. جهالت ئي غربت ۽ غلاميءَ جو اصل سبب آهي، تنهنڪري پنهنجي قوم کي جهالت مان ڪڍو ته پاڻهي پوءِ پنهنجا انساني ۽ ملڪي حق وٺندي. پر اُن سان گڏ اهڙا ديب به پيدا ڪريو، جيڪي وري پڙهيل ماڻهن کي دنيا جي جديد ادب جي روشنيءَ ۾ جديد يا نئين سنڌ جو شعور ڏين، جيڪا بنيادي طرح انساني آزادي، انساني ڀائپيءَ ۽ انساني برابريءَ جي راهه آهي. اهي خيال جويي صاحب جا اُن وقت، 1947ع ڌاري هُئا، جيڪي پوءِ پاڻ ‘Save Sindh: Save the continent.’ ڪتاب ۾ به لکيائين جيڪي ساڳيا خيال پوءِ پڪا پختا ٿي سندس ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ 1985ع ۾ شايع ٿيل جلد پهرينءَ جي سندس لکيل مهاڳ تان ڏجن ٿا:

    ”علم ۽ ادب جي دائري ۾ منهنجي سڄي ڪم ۽ ڪردار جي وٿ يا ڪارج جي اوهان کي (اسان کي) جيڪڏهن ڪٿ ڪرڻي آيه ته اُن سَڀ ۾ منهنجي آڏو جيڪو مقصد رهيو آهي اُن جي ماڻ ۾ اوهان کي (اسان کي) اهڙي ڪٿ ڪرڻ گھرجي. اُن مقصد جو شعور پهريائين هلڪو ۽ فطري طرح جو ۽ پوءِ تجربي ۽ ڄاڻ جي وڌڻ سان جيئن پوءِ تيئن رچندو پڪو ۽ پختو ٿيندو ويو ۽ اڄ اهو راس ٿيل منهنجي ذهن ۾ موجود آهي. اهو آهي زندگيءَ سان Commitment سِسِيتائي-سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي اُن سان commitment ته ان ۾ پورهيت جو لوڪ راڄ قائم ٿئي، جنهن م اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت (انساني ڀائپي) ۽ مساوات (انساني برابري) عمل ۾ هجن.“

    هن ڪتاب تي تاج جويي جو تبصرو:

    [​IMG]
    ”هي ڪتاب سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ جي روشن مستقبل واري دڳ ڏانهن رهنمائي ڪري ۽ سڀاڻي جي سنڌ جو وڄ ورنو چهرو پسائي سگھي ٿو.“

    ڪتاب جي مهاڳ ۾ پاڻ خود ئي واضح ڪري ڇڏيو اٿس ته اهو سندس زندگيءَ جو مقصد ته سنڌ ۾ پورهيت جو راڄ قائم ٿئي ۽ اُن راڄ ۾ انساني آزادي، ڀائپي ۽ بربريءَ جا بنيادي اصول عمل ۾ هجن، اهو سندن مقصد فطري هو يعني ته قدرت جي طرفان يا خدا جي طرفان هو، جيڪو سندن زندگيءَ جي اوائلي در ۾ هلڪو شعوري هو ۽ پوءِ وڌيڪ تجربي ۽ (خدائي) ڄاڻ جي ڪري پڪو ۽ پختو ٿي ويو.

    هن سندن ئي ڏنل معلومات کانپوءِ هاڻ ان ڳالهه جي ڪابه گنجائش ڪانه ٿي رهي ته هُو اهو ناهي، جيڪو اهي، پر اُهو اهي، جيڪو اهي “I am what I am” يعني خدا تعاليٰ طرفان ايل اهو رهنما روح، جيئن مون پهرين ذڪر ڪيو ته هن عظيم ۽ قديم قوم جي رهنمائي ڪري جيڪا اڳيان هلي دنيا ئي مسئلن ۾ جڪڙجي ويندي ۽ دنيا کي امن، محبت ۽ انساني برادريءَ جو پيغام ڏيئي نه سگھندي، جيڪو اصل هن قوم جو خدائي ڪارج آهي. خدا کي هر علم آهي ماضيءَ جو مستقبل جو، تنهنڪري هُن، هِن روح کي انساني صورت ۾ 99 سال اڳ ۾ موڪليو ته ڳوٺ آباد سنڌ ۾ وڃي جنم وٺي ۽ اُتان اُٿي پوءِ سنڌ جي سڄي اُجڙيل گلشن جي روحاني آبياري ڪري.

    جويي صاحب جي اٽڪل 70 سالن جي بي لوث ۽ اڻٿڪ تعليمي، علمي، ادبي ۽ صوفياڻي جدوجهد، ڇا اسان جي هن اجڙيل گلشن جي آبياري ڪانه هُئي؟ هُن پنهنجي روح جو آب حيات پياري، لکن سڪل وڻن کي سائو ڪيو ۽ هزارن ساون وڻن کي ميويدار بنايو، جن جي سايي ۾ اڄ سنڌ جا ٿڪل مسافر اچيو ساهه کڻن ۽ سندن ميوا کائن. ڇا انهن ۾ تمام وڏا سايه دار ۽ ميوي دار اهڙا وڻ ڪونهن، جن کي جويي صاحب پنهنجين اکين جو نُور نچوئي ايڏو وڏو ۽ ڦلدائڪ بنايو، جو اهي هاڻي ڪڏهن به پنن، گلن، ميون کان خالي نه رهدنا ۽ هميشه هميشه لاءِ سنڌ جي سرزمين تي قائم دائم رهندا، جتي سدائين سنڌ جا مسافر ٿڪ ڀڃي انهن جا ميوا کائي وري سنڌ جي سفر تي روانا ٿيدا. انهن ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سراج الحق، شمشير الحيدري ۽ ٻيا جيڪي سون جي تعداد ۾ سندن اکين جي امرت سان پليا وڏا ٿيا. مون کي هتي غلام رباني آگري جي اها ڳالهه ياد آئي آهي، جنهن ۾ هُن ٻڌايو ته پاڻ ۽ جويو صاحب هڪ دفعي گڏجي ڀٽ شاهه تي ويا. اُتي جويي صاحب جي اکين مان ڳوڙها وهي اُٿي هليا، جڏهين راڳي فقيرن شاهه جي هيءَ سٽ پنهنجي راڳ دوران امالڪ وٺي ڳائي (اها سانجھيءَ ويل به هُئي):

    آءُ نه گڏِي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سڄَ!

    شايد لطيف سائينءَ گھرايو ئي کيس درگاهه تي ان ڪري هو ته کيس اها سٽ ٻڌراي، انهيءَ ويل ٻڌرائي، هُن کي ياد ڏياري ته اهو روح انهيءَ بدن ۾ ڇا جي ڪري سنڌ ۾ موڪليو ويو اهي. متان بدن جواب ڏي ۽ روح سکڻو موٽي وري پنهنجي مالڪ ڏانهن اچي. جويي صاحب جا اهي لڙڪ پوءِ سنڌ جي گلشن جي وڌيڪ آبياري ڪندا رهيا. اڄ سنڌ جي هزارن لکن پڙهيلن مان ڪوبه هڪ اهڙو نه آهي، جنهن جي جويي صاحب سڌي يا اڻ سڌي طرح تعليمي، ادبي، سياسي ۽ صوفياڻي مَد ۾ رهنمائي نه ڪئي هجي. اٽڪل مُني صديءَ جي طويل ۽ سرگرم جدوجهد ۾ هُن شعوري طور به ائين ڪيو ۽ پنهنجو خدائي فرض سمجھي به ائين ڪيو ۽ پنهنجي ڄمڻ جو مقصد به سمجھي ائين ڪيو. وري وڏي محبت سان ائين ڪيو، وڏي نهٺائيءَ سان ائين ڪيو، جو ڪنهن کي احساس نه ٿئي ته هو هُن جي رهنمائي ڪري رهيو آيه يا هُن کان برتر آهي. سوين هزارين نجي ملاقاتون، اجتماعي ملاقاتون، جلسا، سيمينار سندس اڪيچار تحريرون، تقريرون سڀ انهيءَڳالهه جون شاهد آهن ته هو هڪ اوتار آتما آهي، رهنما روح آهي، جنهن اونداهيءَ مان سنڌين کي ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو اهي ۽ انهن کي نئين سنڌ جي راهه ڏيکاري آهي. ”پورهيت جو راڄ، جيڪو انساني آزادي، ڀائپي ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجي.“

    مون کي هاڻي ڪابه هٻڪ ڪانهي، جو هي بيت سندس لائي ئي چوان:

    بُرو هو ڀنڀورِ، جو آرياڻيءَ اجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
    ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پُنهون ڪيائون پور،
    آيو سو اَتورِ، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون. (شاهه)

    نئين سنڌ لاءِ مستقبل جو نقشو جيڪو هُن آتور (املهه) ماڻهوءَ اسان کي ڏُکن مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو. فرق اهو آيه ته جويي صاحب ان نظرئي کي چٽو ڪري بيان ڪيو آهي. پهريائين هڪڙي سٽ ڀٽآئيءَ جي، جنهن ۾ هُن رب تعاليٰ کان دعا گھري آهي:

    پورهيو پورهيت جو والي ڪِيمَ وِڃاءِ

    پوءِ هي آسماين نظري سنڌ لاءِ دنيا جي سرزمين تي:

    نڪا جھَل نه پَلَ، نه ڪو رائر ڏيهه ۾،
    آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رَتا گَلَ،
    ماڻهو پاڻ اَمُلهه، مليرونِ مَرڪڻو(سُر مارئي)

    يعني سنڌ جي خطي تي مثالي خدا جي بادشاهي، جيڪا سوين صديون اڳ ۾ موهن جي دڙي ۾ هُئي، موهن معنيٰ سهڻو، يعني سُهڻي خدا جي بادشاهي هُئي، يعني سونهن سچ ۽ سٺائيءَ جي بادشاهي. پاڪستاني آثارِ قديمه وارن سنڌ ۾ خدا کي به سمهاري ڇڏيو آهي.

    ”مون جي دڙي“ ۾ يعين ”مُئلن جي دڙي“ ۾ سمهاري ڇڏيو آهي!

    [​IMG]

    هيستائين مون جويي صاحب جي انساني مِشن متعقل ٻڌايو آهي ته ڪيئن هو لکن سنڌين جي اندر ئي اندر ’نئين سنڌ‘ لاءِ رهنمائي ڪندو رهيو، پر سندس، سنڌ مدرسي جي شاگردن تي گھڻي مهرباني هئي. انهن مان رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، آءٌ ۽ ٻيا ڪئين سوين هزار سڄيءَ سنڌ مان هُئا، جيڪي مدرسي ۾ پڙهندا هُئا ته ان جي هاسٽلن ۾ رهندا به هئا. ٻين وانگي مون ۾ به اهڙو سنڌ سان، سنڌين سان محبت جو سوداءِ وڌائين جو مدرسي مان نڪرڻ کانپوءِ (1947ع) ۾ آءٌ سڄي عمر پننجي وِت ۽ سمجھه آهر سنڌ ۽ سنڌين جيخدمت ڪندو رهيو آهيان. ڪڏهن به ان ڳالهه کان غافل نه رهيو آهيان. ساڻن به وقتاً فوقتاً ملندو ۽ سندن رهنمائي وٺندو رهيو اهيان. ڪڏهن ڪڏهن سندن رهنمائيءَ جي خلاف به هلندو رهيو آهيان، پر وڏا ڌڪ کاڌا اٿم. هاڻي گھڻن تجربن کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جويو صاحب هڪ خدائي ماڻهو اهي، اُهو هن کانپوءِ مونکي جيڪا به راهه ڏسيندو، ان تي ئي هلندو رهندس، اُن ۾ ئي منهنجي ۽ سڀني سنڌين جي نجات آهي، ڀلايئآهي ۽ اُها ئي خدائي راهه آهي.

    تنهڪري اچو ته اسان سڀ سنڌي هاڻي سڀ ويڇا وساري، سندن رهنمائي حاصل ڪريون، ۽ ان تي هلون. اسان کي هاڻي هڪ وڏو موقعو به آهي ته 13 آگسٽ تي سندن 100ئون جنم ڏينهن آهي، ان تي هڪ قوم جي حيثيت ۾ کيس مبارڪون ڏيون، پاڻ کي مبارڪون ڏيون ته رب تعاليٰ پنهنجي مهر سان اهڙو رهنما روح خدائي انسان جي خاڪي جسم ۾ موڪليو، جنهن اسان کي نئون شعور ڏنو ته ’نئين سنڌ‘ لاءِ جدوجهد ڪريون، سنڌ ۾ وري خدا جي بادشاهي، سونهن سچ ۽ سٺائيءَ جي بادشاهي قائم ڪريون، اچو ته سندس مانِ ۾ هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۾ جلسا ڪريون، جلوس ڪڍون، خوشيون ملهايون، جهمريون پايون، گيت ڳايون، سندس اسان وٽ اچڻ تي:

    ڀلي آئين ڀلا پرين، اسان جا تَنَ مَنَ ڌَنَ!
    سموري سنڌ جا محسن، سموري سنڌ جا محسنَ!

    ۽ اهڙا جلسا هاڻ روزانو سنڌ ۾ هر هنڌ ڪندا رهون، جيسين پاڻ اسان وٽ حياتي آهن دنيا ۾!

    ويا جي وڻڪارَ ته ڪرمَ ملندءِ ڪاپڙي!

    انهن جلسن ۾ کانئن، هن عظيم روح کان جيئن ٻارڙا پنهنجي ڪنهن محبوب ماڻهوءَ کان Autograph (سندس هٿ سان لکيل ٻه چار لفظ) وٺندا آهن، تيئن سندس اڳيان نوٽبڪ جھلي، کانئن پنهنجي لاءِ، سڄي قوم نصيحتون ۽ وصيتون وٺو. اهي آٽوگراف، سندن هٿ سان لکيل لفظ، اڳيان هيل اسان جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا. لطيف سائينءَ جي چوڻ موجب:

    لکين ڪيا لسان سين، لاهوتين لوڙا،
    گھوڙا ڙي گھوڙا، آءٌ نه جيئندي اُن ري!

    جويي صاحب لِسان/اسان جي زبان جا لفظ هزارين صفحن ۾ اسان لاءِ لکي، ڏيئي ڇڏيا آهن، اهي اسان جو جيئدان آهن، پر اهي ذاتي ورتل لکيتون (آٽوگراف به) اسان کي ذاتي طرح ۽ اجتماعي طرح جيارينديون. اهي سندن آخري عمر جون اسان سڀني لاءِ وصيتون هونديون، اسان جو قومي سرمايو هونديون.

    هڪ ٻيڳالهه به سندن باري ۾ ٻڌاي ڇڏيان. پاڻ ڪيترا دفعا ٺٽي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ هلندڙ منهنجي تنظيم ’الست‘ طرفان نياڻين جي اسڪولن تي به وڃي چُڪا آهن. ٻهراڙين جي نياڻين کي پوري سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پڙهندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا رهيا آهن. هميشه اتي وزٽ بوڪن تي نوٽ به لکندا رهيا اهن ۽ زباني چوندا به رهيا آهن: ”الستي! ٻهراڙيءَ جي سنڌي ماءَ جيڪڏهن پڙهي پئي، جيڪا هينئر 99 سيڪڙو اڻ پڙهيل اهي ته هن قوم جي تقدير جلدي بدلائي ڇڏيندي، ڇاڳڪاڻ ته ٻين مائن کان هُوءَ وڌيڪ سٻاجھي، ساڃهه وند ۽ سگھاري آهي. ٻين سک ڏٺا آهن، هن رڳو ڏک ڏٺا آهن. ٻين ٿوريون نا انصافيون سٺيون آهن، هنن رڳو ظلم سٺا آهن. علم جڏهن انهن جي عقل کي روشن ڪندو، ”لکيل لفظ“ جڏهن هُن جو ساٿ ڏيندو، جيڪو ”خدا“ آهي ته پوءِ هُوءَ ظلم جا ڪوٽ سڀ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيند. تنهنڪري ’پڙهاءِ پڙهاءِ‘- سنڌي ماءُ کي شهرن ۾ پڙهاءِ، ٻهراڙين ۾ پڙهاءِ….“ ۽ آءٌ اڃا تائين پنهنجي وس آهر کين پڙهايان پيو.

    سنڌيءَ ۾ لکيل لفظ جي گھڻي ۾ گھڻي خدائي طاقت يا روحاني طاقت توهان کي ڏسڻي آيه ته شاهه جي رسالي کي کڻي پڙهو يا محمد ابراهيم جويي جي ڪنهن مضمون يا ڪتاب کي هڪڙو توهان جو ”من وڃي پريان سندي پار ڏانهن لائيندو“، جيڪو پار تمام پري آهي، ٻيون اوهان جو من وڃي اهڙيءَ پار سان ملائيندو، جيڪو بنهه ويجھي کان ويجھو آيه؛ اوهان جو پنهنجو وطن، پنهنجي سرزمين سنڌ. پر ٻنهي ۾ خدا جي پار ۾ ۽ سنڌ جي پار ۾ ڪهڙي ڳالهه ساڳي آهي، جيڪا شاهه جي ٻوليءَ ۾، جويي جي ٻوليءَ ۾، هڪ ازغيبي طاقت پيدا ڪريو ڇڏي؟ محبت، والهانه محبت، هڪڙي روح جي ازلي وطن لاءِ، ٻي روح جي دنيائي وطن لاءِ ٻنهي وططن کي محبت جي روحاني ڌاڳي ۾ ڳنڍڻو آهي. مادر وطن مان ئي روحاني وطن جي راهه ٿي ملي. تنهنڪري شاهه کي به خاڪي وطن سان بي انتها محبت هئي ته جويي صاحب کي به سنڌ جي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت آهي. وري جيئن شاهه کي دنيا ئي وطن مان روحاني وطن جي ياد آئي، اُن جي ڄاڻ ملي، ’الست بربکم جڏهن ڪن پيوم‘… ته چئي اُٿيو:

    ڪِي ڌرتتي ماءِ، ڪي ڄَرَ سنڌي سڄڻين،
    هلِي ۽ واجھاءِ، ٻنهي ڄِرن وچ ۾.

    ڌرتيءَ (ڀلي اها ڌرتتي هجي) سان به محبت ڪر، پر اُن اصلي روحاني دنيا جي مالڪ سان به محبت ڪر، جنهن توکي هتي پنهنجي بادشاهيءَ لاءِ موڪليو اهي. سچ سونهن ۽ سٺائيءَ جي بادشاهيءَ لاءِ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي اُها قائم ڪر، اُن لاءِ جدوجهد ڪر. تڏهين ته جويو صاحب پنهنجي هر لکت ۾ اها ئي نشاندهي ڪري ٿو ته سنڌ ۾حق ۽ انصاف جي حڪومت قائم ٿئي، سنڌي پورهيت جي حڪومت قائم ٿئي، جيڪا انساني آزادي، ڀائپي، برابريءَ تي ٻڌل هجي. ان ڪري ٻنهي جي ٻوليءَ، شاهه ۽ جويي جي ٻوليءَ ۾، صداقت آهي، سچائي آهي، جيڪا هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجو ڪريو ڇڏي. ان تي روحاني طرح اثر انداز ٿئي ٿي.

    مون حقير فقير کي نظر ۾ جيڪڏهن شاهه کانپوءِ سنڌ جي بقا، ترقي يا خوشحاليءَ جو ڪو ضامن هوندو ته اهو محمد ابراهيم جويو ۽ ان جون لکڻيون هونديون ۽اُن جيڪي لکها شاگردن، اديبن، شاعرن، سياسي ۽ سماجي ورڪرن جون کيپون پيداڪيون آهن ۽ ٿينديون رهنديون، انهن مان ئي ڪي هوندا ۽ ٻيا نه!

    هاڻي آءٌ پڇاڙيءَ ۾ سندس خدمت ۾ ڪي گل رکي سگھان ٿو ته اُهو جلسو آهي، جيڪو مون ڪجهه سال اڳ ۾ ’عورتن جي عالمي ڏينهن‘ تي مڪليءَ تي ڪوٺايو هو، ۽ اُن ۾ سوين ٻهراڙين جون ننڍڙيون نياڻيون، جيڪي منهنجن اسڪولن ۾ پڙهنديون هُيون، گھرايون هُيون جويي صاحب جي استقبال لاءِ، جيڪو اُن جلسي جو مهمان خاص هو. انهن ڇوڪرين مان ڪيترين کيس سندس اسڪول ۾ وزٽ ڪندي ڏٺو هو. اهي خوشيءَ مان سندس چوڌاري جھمريون پائڻ ۽ سنڌي گيتن جي ڌنن تي نچڻ لڳيون هيون، جيڪو منظر اڃا تائي مون کي وسري ڪونه ٿو ۽ نه وسرندو: ڇاڪاڻ ته مون جويي صاحب کي ڪڏهين به اهڙو خوشٿيندو ڪونه ڏٺو هو. هو سندن پڙهڻ تي خوشيون ڪرڻ تي خوش ٿي رهيو هو. اهو منظر اڄ وري سندن خدمت ۾ عقيدت جي گلن طور (روحاني طور) يپش ڪريان ٿو.

    اهڙا سوين هزارين منظر، سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ سنڌ جي هن عظيم محسن جي آمد تي هاڻي عام ٿيڻ گھرجن، جن ۾ سڀ مرد، زالون، ننڍا وڏا، پوڙها، ٻار، هُن جي چوڌاريءَ نچن، جھمريون پائن، گھورون وڃن، خوشيون ڪن، هن کي اهو احساس ڏيارين ته هن جو مني صديءَ جو، ڏينهن رات جو پورهيو، پنهنجي قوم لاءِ اجايو نه ويو آهي، جنهن ۾ هن پاڻ کي پوئتي رکي سنڌي قوم کي اڳتي وڌايو ايه، اها هاڻي جيئندي جئيندي ۽ جيئندي…. او اچو ته اسين سڀ ائين ڪريون جيسين هو جسم خاڪيءَ ۾ اسان وٽ آيه. ههڙو رهنما روح، لطيف سائينءَ کانپوءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به ڪونه آيو آهي. هي خاڪي جسم ڇڏڻ کانپوءِ به هُو اسان وٽ جيئرو رهندو. اسان کي سندس لکيل لفظن ذريعي روحاني طاقت بخشيندو رهندو. اسان کي زندهه قومن ۾ نه فقط زنده رکندو، پر انهن ۾ عزت جو مقام به وٺي ڏيندو، پر اسين به ته پنهنجي زندگيءَ جو ثبوت ڏيونل

    وٽن ويٺي آهيان، ڏِسيو ڪِينَ ڏِسانِ،
    جنهن جھِو ئِي ناه ڪِي، سا ڪا سُونهن سنديانِ،
    پسيو ڪِينَ پسيانِ، آءُ نه جيئندي اُن ري

    (شاهه)
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندڙ سورج! محمد ابراهيم جويو

    رکيل مورائي

    هيءُ شخص جيڪو محمد ابراهيم جوئي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سو
    هڪ شخص نه آهي!
    هڪ ادارو نه آهي،
    هڪ ڏيئو نه آهي،
    ڏينهن ۽ رات ٻرندڙ، ڌرتيءَ کي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين روشنيءَ جو آڪار ڏيندڙ سورج آهي.
    سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندڙ سورج.
    هڪ صديءَ کي روشن رکندڙ سورج.

    لڪي جي پهاڙن ۾ جتي ڏينهن جو روشني ڏيندڙ سورج شام جو الهي ويندو آهي، انهن پهاڙن جي جهول ۾ هڪ رات ڄائو هئو هيءُ سورج.جنهن ڳوٺ ۾ هيءُ ڄائو هئو ان کي علي آباد چيو ويندو آهي.۽ جنهن رات هن جنم ورتو ان جي ٻئي صبح کي چوڏهين آگسٽ اوڻيهه سئو چوڏهن چيو ويندوآهي.

    اڳتي هلي ان چوڏهين آگسٽ تي اهو کنڊ جنهن ۾ هن جنم ورتو هئو، ٽٽڻو هئو، اها سُڌ شايد هن کي جنم جي پهرين ڏينهن ئي پئجي وئي هئي، جنهن ڪري ئي پنهنجي شعور جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هئو، جنهن جو نالو آهي ”سيو سنڌ“ سيو سب ڪانٽيننٽ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“

    سچ پچ هن جي اندر جي سرشٽيءَ ۾ هڪ کنڊ جي ڀڃ ڊاهه جا عنصر جاڳي اٿيا هئا ۽ انهن کي هن لکي عالم آڏو اها ڳالهه واضح ڪئي هئي ته کنڊ ٽٽي رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌ جو سياسي شعور ان وقت ڪٿي بيٺل هئو، اهو هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جي جواب لاءِ سنڌ اوسيئڙو ڪري رهي آهي، اها سنڌ جنهن سنڌ ۾ هو پاڻ به آهي ۽ جيڪا هن چواڻي ”سندس خوابن جي سنڌ به آهي.“

    اهي خواب جيڪي هن پنهنجي شعوري عمر کي رسڻ کان وٺي ڏسڻ شروع ڪيا هئا ۽ اڄ هڪ سئو سالن جي ڄمار کي رسڻ وقت پڻ ڏسي رهيو آهن، پر سندس خوابن واري سنڌ جيڪا اڃان اڏجڻي آهي، جنهن جو اسان سڀ اوسيئڙو ڪري رهيا آهيون.

    ها! اسان اوسيئڙو ڪري رهيا آهن پر اها خوابن واري سنڌ ڏسڻ لاءِ ۽ اڏڻ لاءِ هن جيڪا علمي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي آهي، اها سموري سنڌ جي آڏو آهي، ان لاءِ جن جن پيچرن تان هن سفر ڪيو آهي ڀٽائي جي لفظن ”سي سڀ سونهارا هنڌ“ بڻجي پيا آهن.

    لڪي جي جبلن جي ڇانو مان اڀرندڙ ان روشنيءَ، سموري سنڌ جي شعور کي ڪيئن روشن ڪيو اهو هڪ معجزو آهي. هن پنهجي عمر جا پهريان سبق سن جي اسڪول مان حاصل ڪيا ۽ ان کانپوءِ هن سن جي سائينءَ کان سنڌ سان عشق ڪرڻ جا سبق پڙهيا. درسي تعليم لاءِ هن کي سنڌ جو شان ڀريو ادارو سنڌ مدرست السلام مليو، استاد ٿيڻ لاءِ به کيس اهوئي آبرودار ادارو نصيب ٿيو ۽ اتان ئي هن جي سفر جي شروعات ٿي. سفر جيڪو اڄ تائين هو جاري رکيون اچي ،توڻي جو ڪيترن ئي موقعن تي هن جا پير پٿون به ٿيا آهن، پر هن حوصليمند شخص پنهنجي حوصلن سان سدائين پهاڙي پيچرن تان سفر ڪيا ۽ آڏو ايندڙ هر مصيبت کي اهو چئي هٽائي ڇڏيو آهي ته:

    آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين .

    ائين هن پنهجو سفر جاري رکيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هن جي پير ن جا نشان هر ان رستي تي اڄ به چٽا آهن، جتي هن جا پير پڳا آهن . هن جوسفر فقط ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ کان شروع ٿي ” منهنجي خوابن جي سنڌ “ تائين ڪتابي صورت ۾ نطر نٿو اچي پر اهو سفر انهن ادارن جي صورت ۾ به ظاهر آهي، جن ۾ هن سنڌ جي اڻ مئي، خدمت ڪندڙ ڏاهي ڪي گهڙيون گهاريون آهن.هڪڙو سفر سندس اهو به آهي، جيڪو ظاهر ڏسڻ ۾ نٿو اچي،فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو، اهو سفر انهن سوين هزارين ڪتابن جي صفحن تي ڦليل آهي،جيڪي ڪتاب ٻين ليکڪن ۽ ايڊيٽرن جي نالي ۾ ڇپيل آهن.ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جا اهي سڀ ڪتاب به ڏسي سگهجن ٿا،جيڪي سندس نظرداري هيٺ ڇپيا آهن. مهراڻ جا اهي پرچا پڻ ڏسي سگهجن ٿا جيڪي سندس هٿن ترتيب ڏنا آهن،سائين جي ايم سيد جا اڳاٽا ڪتاب به اهڙي شاهدي ڏيندا ته شيخ اياز جا شروعاتي شاعراڻا توڻي نثر اڻا ڪتاب پڻ ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا، ۽ ذڪر هيٺ آيل مٿيان ٽئي نالا اڄ جي نئين سنڌ جي شعور جي ضمانت آهن.شخصي طور مونکي اها ڳالهه اڄ تائين محسوس ٿيندي رهي آهي ته سنڌ جي ڪابه لئبر يري ، ايستائين مڪمل نه آهي ، جيستائين سائين جي ايم سيد ،سائين محمد ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز صاحب جا سڀ ڪتاب ان لئبريري ءَ ۾ موجود نه آهن. مونکي پڪ آهي ته سنڌ جي وطن دوست شعور ۾ ، سيد جي سياسي ڪتابن ۽ جوئي صاحب جي فڪري ڪتابن اياز جي شاعراڻن ڪتابن جو هڪ جيترو عمل دخل آهي.

    سنڌ جي نوجوانن کي عالمي ادبي ۽ فڪري شعور جوئي صاحب جي ترجمو ڪيل ڪتابن ڏنو آهي. ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ”وحشي جيوت جا نشان“ ” فڪر جي آزادي“ ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ۽ ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ سندس ترجمو ڪيل اهڙا ڪتاب آهن، جن جو مٽ نه آهي. انساني ارتقا کان وٺي تهذيب جي ارتقا تائين جو علم جيڪو جوئي صاحب جي معرفت سنڌ کي نصيب ٿيو، ٻئي ڪنهن جي هٿان نه ٿيو، ۽ جيڪڏهن ٿيو ته ايتري معيار يا مقدار ۾ نه ٿيو ، ان ڪري اها ڳالهه چوڻ ايمانداري ٿيندي ته سنڌ ۾ روشن خيالي جوئي صاحب جي ڪتابن معرفت آئي، ۽ اها اهڙي شعوري روشني هئي جنهن ۾ سنڌي نوجوان ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن محسوس ڪيو ته: ستارون ڪي آگي جهان اورڀي هين.

    هڪ وقت ڪن ننڍڙي دائري ۾ سوچيندڙن جو چوڻ اهو به هئو ته جوئي صاحب جو ترجمن کانسواءِ ڪهڙو ڪم آهي؟ سوال ننڍڙو آهي / وڏو آهي، اهم ان وقت به نه هئو هن وقت به نه آهي.

    ان وقت جوئي صاحب جو اصلوڪو ڪم سهيڙيل نه هئو.

    اڄ جي تاريخ تائين جڏهن ان جو ڪجهه حصو گڏيل صورت ۾ڪتابن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي يا ظاهر ٿي رهيو آهي ته انهن ڪتابن جو انگ سندس ترجمو ڪيل ڪتابن جي انگ کان گهڻو وڌي ويو آهي، هتي ڪتابن جي فهرست ڏيڻ مقصد نه آهي. جوئي صاحب جيڏو ڪم ڪيو آهي اوتريون فهرستون نه جڙيون آهن، جيڪي سڀاڻي جي سنڌ ۾ ضرور ٺهڻيون آهن ٻي صورت ۾ فهرستن ۾ رکيو ئي ڇا آهي. سنڌ جي روشن خيال شعور ۾ سڀاڳ جي علامت سمجهيو ويندڙ سائين محمد ابراهيم جوئي نئين سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر تي جيڪي،فڪر انگيز مهاڳ/ليک لکياآهن، اهي ئي سنڌي ادب جواهڙو حصو آهن ، جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪري سگهي ٿو پر جڏهن سنڌ شيخ اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪندي، اهو وقت اڃا اچڻو آهي. ساڳيءَ طرح اڄ جڏهن هر ايندڙ نوجوان جيڪو ادب ۾ ڪجهه خاص ڏيڻ چاهي ٿو اهو جوئي صاحب کي پڙهڻ کان سواءِ ڪجهه خاص نه ڏيئي سگهندو، ۽ مان پنهنجي سموري اعتماد سان ايئين به چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جي نسل مان جيڪي جوئي صاحب کي ڪنهن به سبب جي ڪري نه پڙهي سگهيا اُهي ڀاڳ وار انه هئا، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به تخليقڪار کي ڪوبه فڪر ئي سگهه بخشيندو آهي . ائين جوئي صاحب سنڌي ادب کي جيڪا روشن خيال فڪري سگهه ڏني ان جو مثال ايازجي شاعريءَ، سنڌي ادبي بورڊ جي ترجمو ٿيل ڪتابن ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ ڳولي سگهجي ٿو.اڄ جڏهن نوجوانن فڪري ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن، تڏهن منجهائن مظبوط لکڻ جي سگهه ڇڏائي وئي آهي ۽ نون لکندڙن ۾ اها سگهه اچي نه سگهي آهي.

    ياد ڏيارڻ ٿو گهران ته مان فڪري ڪتابن مان فقط (مارڪسي فڪر ) جي معنيٰ وٺڻ /ڏيڻ کان پرهيز ڪيان ٿو. تخليقي ادب جون سڀ ڌارائون ۽ نظريا .فڪري ڪتابن ۾ شامل هجڻ کي اهميت ڏيان ٿو، ان ڪري ڪنهن خاص نظرياتي / سياسي فڪر جي لاءِ لکڻ ڪنهن به تخليڪار لاءِ، ڪنهن به حالت ۾ مناسب نٿو سمجهان .ائين جوئي صاحب لاءِ به ڪا پابندي نه هجڻ جو ور وڌي آهيان هن کي ڪنهن مخصوص دائري ۾ ڏسڻ ۽ پڙهڻ مناسب نٿو سمجهان. هو گهڻ پاسائون سوچيندڙ ۽ لکندڙ آهي. هُو سنڌ کي عالم سان ڳنڍيل ڏسي ٿو ان ڪري هو ساري عالم جو ادب سنڌي نوجوانن لاءِ اهم سمجهي ٿو . پر هن جا خواب عالم سان گڏ / جدا، سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ آهن . جيڪي هر ڌرتيءَ جي حلالي پٽ لاءِ اهم هوندا آهن ائين اهي جوئي صاحب لاءِ به اهم آهن،

    جوئي صاحب سموري عالم جا انساني ارتقا، تهذيبي ارتقا ۽ شعوري ارتقا بابت جيڪي به چونڊ ڪتاب /مضمون/ نظم ترجمو ڪيا آهن، انهن مان سندس مراد سنڌ جي نوجوان کي اهڙي تعليم ڏيڻ هئي جيڪا سندن پير ڌرتي تي مظبوط ڪري ۽ عقل جي اک سان پنهنجي سماج جو سموريون ناڪاري رسمون رواج ۽ قدر ٻاهر ڪڍي ڦٽا ڪري ۽ انهن جي جڳهه تي هڪ اهڙو معاشرو اڏي جنهن ۾ سڀ انسان ڪنهن به اونچ نيچ، رنگ نسل، گروهه ۽ قوم جي وڇوٽيءَ کان سواءِ هڪ برادريءَ جيان هن ڌرتيءَ تي رهي سگهن ۽ هڪ ٻئي سان سٺو ۽ نيڪ ورتاءُ ڪري سگهن، سڀ هڪ ٻئي جي ڏک توڻي سک کي پنهنجو ڏک ۽ سک سمجهن! ائين رهڻ سان هو نه رڳو پنهنجي آس پاس کي گهڻي چڱائي ۽ سٺائي ڏيئي سگهندا پر سموري انسان ذات لاءِ هو لاڀائتا ٿيندا.

    جوئي صاحب پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جي نوجوانن کي آزاد ذهن سان سوچڻ جو علم ڏنو. هن ڪنهن به تقليد پسنديءَ کان پاسي رهڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت هن سنڌ نوجوانن کي اهو پڻ سمجهايو ته هو پاڻ کي انهن ماڻهن جهڙو اعليٰ ۽ اتم ٿيڻ جي لاءِ جدوجهد ڪن، جن ماڻهن دنيا جي وچ ۾ موهن جي دڙي جهڙي تهذيب جوڙي ورتي. جنهن تي اڄ به دنيا حيران آهي ۽ جنهن کي دنيا سنڌو سڀيتا جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هن سنڌ جي نوجوانن کي دنيا جي علمن ۾ ڀڙ ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن محسوس ٿي ڪيو ته جيستائين سنڌ جو نوجوان تعليم۾ ڀڙ نه ٿيندو. تيستائين هو عالمي طور تيزي سان اڳتي ڊوڙندڙ دنيا سان گڏوگڏ هلي نه سگهندو، هو پنهنجي تعليم ۾ جيترو ڪارائتو ٿيندو اوترو انسان ذات لاءِ ڪارائتو ٿيندو.

    اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي. هن دنيا جو ادب ترجمو ڪيو. جوئي صاحب جا ترجمو ڪيل ڪتاب ته اهم آهن ئي آهن پر انهن جو ترجمو جنهن تخليقي ٻوليءَ ۾ آهي، اها اهڙو گمان ئي نٿي ڏياري ته ڪتاب ترجمو ٿيل آهي، سندس سڀ ڪتاب نهايت تخليقي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن، جن جي هڪ هڪ سٽ بيمثال آهي. اسان جي ٽهيءَ لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته اسان ان سنڌ ۾ جي رهيا آهيون، لکي رهيا آهيون ۽ پڙهي رهيا آهيون جيڪا شعوري طور جوئي صاحب جي ٻڍڙين آڱرين سان لکيل تحريرن مان مليل روشنيءَ واري سنڌ آهي. اڄ جي دور کي شعوري روشني ڏيندڙ سورج سنڌ جي آڪاش مٿان فقط هڪ آهي، جنهن جو نالو محمد ابراهيم جويو آهي ۽ بس!

     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ابراهيم جويو: سنڌين جو هر دور جو سونهون دانشور

    سرويچ ساريو

    سنڌ جي شعور جي آڪاش تي 13 آگسٽ واري سهائي پرهه ڦٽي پرڀات ڦٽڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن بچيا آهن. ان پرڀات جو جنم، اسان کي سئو ورهين جو جشن ملهائڻ تي دلي آسودگي، سڪون، شانتي، قرار ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کي نئون جوڀن عطا ڪندو. ۽ اهو سئو ورهين جو جشن، سچائيءَ جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، فرض شناسي ۽ پنهنجو پاڻ ارپنا ڪري ڇڏڻ جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، سادگيءَ جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، ڪلپنا مزاج ۽ ڪونئري رويي جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، نهٺائپ، لاڳاپي، اَڏيکاءَ جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، ويساهه، اتساهه ۽ نئين سنڌ جي جيئري جاڳندي اتهاس جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، پنهنجي ذات ۾ هڪ پوري تنظيم ۽ تحريڪ جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، اورچائي، تخليق، تحقيق، ۽ نئين سنڌ جي خوشحاليءَ جي تخيل جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، ان عظمت ۽ اڏولتا جي صدي پوري ٿيڻ جو جشن هوندو، جيڪا عظمت ۽ اڏولتا، اجرا ڪپڙا پائيندڙ ۽ ماٺيڻو ڳالهائيندڙ، اڇن وارن واري ان هاري جي پٽ کي ملي آهي، جنهن ڪڏهن پيٽ ڀري نه کاڌو آهي، ۽ بنا ٻوڙ جي من جي پوري شانتيءَ ۽ مزي سان ڪڻڪ جي رکِي ماني کائڻ ۽ ڪم ڪرڻ واري ، اياز جي لفظن ۾ ان ”آدي جڳادي ۽ الوپ“ ماڻهوءَ جي جنم جي هڪ صدي پوري ٿيڻ جو جشن آهي، جيڪو پنهنجي ڄمار ، تحرير کان ”زمهرير“ جي برف جو ڪم وٺڻ بدران، جهنم جي آڳ جو ڪم وٺندو آيو آهي، ۽ جنهن جو ويساهه، پوري صدي اهو ئي رهندو آيو آهي ته جهنم جي باهه جا شعلا تيز ٿي وڃڻ سان ئي جنت جا دروازا کلي پوندا آهن. ۽ جهنم جي باهه سان جنت جا دروازا کولڻ واري ان همراهه کي پوري سنڌ، سڃاڻي ٿي ته اهو محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن جي قوم، سنڌي، مذهب، وطن پرستي آهي.

    ڏونگر منجهه ڏياٽ، صبح ڏٺم سڃ جي،
    کاهوڙين کاٽ، هنيون درِ حق جي. (لطيف )

    13 آگسٽ 1915 ع ۾ دادوءَ جي هڪ واهڻ، آباد ۾ جنميل جويي صاحب، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ، لڪي ٽيرٺ ۽ سنَ مان پرائڻ کانپوءِ سنڌ مدرسي مان دادو ضلعي ۾ ( ان وقت ڪراچي به دادو ضلعي ۾ شامل هئي ) ميٽرڪ ۾ ٻيو نمبر اچي، اسڪالرشپ حاصل ڪئي. ڊِي جَي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي اي ڪري سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيل سائين ابراهيم جويو، اٺن ورهين کان پوءِ ان وقت جي وڏي وزير، پير الاهي بخش جي حڪم تي تڏهن وڃائي ويهي ٿو، جڏهن ”سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو“، جو نعرو هڻي، نئين ملڪ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ، پوءِ ٿيندڙ دوکن کان، ”غازي“ بڻيل سنڌ جي تڏهوڪن سياستدانن کي سُڌِ ڏئي ٿو. 1951 ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ گهڙڻ کانپوءِ 1961 ع ۾ وري درس ۽ تدريس جي ڪرت ۾ جُنبِجي ويل جويو صاحب، 1963 ع ۾ سنڌي ادبي بورد جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ اضافي چارج تي فائز ٿيو، ۽ ڪڻڪ جي رکي ماني کائي، اڌ ڍائو رهي، دنيا جي ادب، فلسفي، سائنس، سماج، سياست، معشيت ۽ ٻين علمن جا ماڻڪ موتي لال، سنڌ جي چمن ۾ آڻيندو رهيو. ان عرصي دوران ”مهراڻ“ جو مورچو به جويي صاحب جي ڪمانڊريءَ هيٺ هو ۽ هو پوري منظم رٿابنديءَ سان نئين سنڌ جي اوسر پيڙهيڪا ڪري رهيو هو، ۽ ان جو احساس، هاڻي سئو سالن جي ڄمار تي پهتل ان جهوني ۽ سندس هم خيال، هم سفر، ماڻهن کانسواءِ اڃان ٻيو ڪنهن کي به نه هو، ته ڪاغذن ۾ هر وقت گم رهندڙ اهو ماڻهو، سنڌين کي صدين جي غلاميءَ ۽ مفلسيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان پنهنجو نور نچوئي رهيو آهي!.

    سنڌي ٻوليءَ جي حسن، هڳاءَ ۽ جوڀن ۾ رس ۽ چس ڀري، پوري دنيا جي علمن جي ستن سمونڊن مان پاڻيءَ لپون آڻي، پنهنجن جي اڃ اوتيندڙ سائين ابراهيم جويو، سنڌ جي هڪ ٻي وڏي ماڻهوءَ سراج جي لفظن ۾، ورهاڱي کان پوءِ اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن ترجمن جي اهميت ڄاتي هئي. جويو صاحب ته سراج جي نظر ۾، ”علم ۽ ڄاڻ جو پروهت“ هو. روايت آهي ته علم ۽ ڄاڻ جو اهو پروهت، راجا چچ جي دور ۾ موجود هوندو هو، جنهن جي سسي لڙائڻ لاءِ چچ مٿس چڙهيو هو، پر ان ڄاڻ جي ديوتا جي ڏِيا ۽ حُشمت ڏسي، راجا چچ، هوش خطا ڪرائي موٽيو هو. سراج موجب: ”اهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت، جوڻ مٽائي، هر دور ۾ ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجن ٿا“.

    ٽي ايس ايلٽ جي ڪتاب، ”سماج جو ڪارج“، پليو ٽارچ جي ڪتاب، ”ٻارن جي تعليم“، جارج پوليز جي ڪتاب، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“، پائلو فراريءَ جي ڪتاب، ”تدريس جو علم، مظلومن لاءِ“، جهڙن هر ڀيري پڙهڻ سان باغي خيالن جي نواڻ آڇيندڙ ڪتابن سميت ”ٻارن جو مسيح“، ”فرينچ انقلاب“، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”فڪر جي آزادي“، ۽ ”مهڪريءَ جا مضمون“ جهڙن ٻين به ڪيترن ئي ڪتابن جي اهميت ڄاڻيندڙ سائين ابراهيم جويو، واقعي به، سنڌ جي اتهاس ۾ ان ”ڏيا ۽ حشمت“ جو مالڪ رهي سگهي ٿو، جيڪا ڪيترن ئي ”راجائن“ جا هوش خطا ڪندي رهندي.

    ”سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو: وڏيرن، سرمائيدارن ۽ سندن جوڙيوالن کان“، ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“، ”مٺ مٺ موتين جي“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”شاهه، سچل، سامي: هڪ مطالعو“، ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“، ”سنڌ سالم رهي، سنڌ دائم رهي“، ۾ جويو صاحب، ”اٽو ۽ تهه“ الڳ ڪندو، سنڌين کي غلاميءَ جي اوندهه انڌوڪار کان ڊيڄاريندو، آزاديءَ جي واٽ تي روشني ڪندو، اڳتي وٺي هلندو رهي ٿو.

    نانگ ٻڌي نينهن جي، ڪڇين ڪاڇوٽي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
    ( لطيف )

    شيخ اياز جي ڪتابن، ”وڄون وسڻ آئيون“، ”جل جل مشعل جل“، ”هي گيت اڃايل مورن جا“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، ”لڙيو سج لڪن ۾“، ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“، پليجي صاحب جي ڪتابن، ”سندي ذات هنجن“، ”پسي ڳاڙها گل“، ”ڪوٽ لکپت جيل جو قيدي ( ڀاڱو ٻيو)، ابراهيم منشيءَ جي ڪتاب، ” گوندر ويندا گذري“، نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب، ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“، ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن جا، جويي صاحب جا لکيل مهاڳ پڙهي ڏسو، جتي ڪٿي هو، جهالت ۽ افلاس، بک ۽ مفلسي، مجبوري، محتاجي ۽ تابعيداري، عذاب- جيون ۽ غلاميءَ نفرت جون چڻنگون پيدا ڪندي، آزاديءَ جي ٿڌري هير جو مزو وٺرائي ٿو.

    سائين ابراهيم جويو، ظلم کي غلاميءَ جو فصل سمجهي ٿو، ۽ پنهنجي پوري ڄمار، ان ظلم خلاف جهيڙيندي، سنڌين کي جسماني غلامي، ۽ ان کان به وڌيڪ ذهني ۽ نفسياتي غلاميءَ مان آجو ڪرڻ لاءِ قلم جو هٿيار ۽ عمل جي مشعل جلائيندو، جيئندو رهيو آهي. سندس تخليقل ڪتاب، ”ماڻهوءَ جي ڀاڳ“ مان هزارين سنڌي نوجوانن کي ڇانورو ڏيندڙ، سنڌ جي هن جهوني بڙَ جهڙي ماڻهوءَ جي جيون جو مقصد ليئاڪا ڏئي ٿو.

    ان ڪتاب جي پهرين ناٽڪ ”آزاديءَ ڏانهن“ منجهان هي ٽڪرو پڙهو: ”آءٌ ”ظلم“ آهيان، غلامي منهنجو فصل آهي.جسماني غلاميءَ کان وڌيڪ ذهني غلامي پيدا ڪرڻ، ۽ قائم رکڻ منهنجو مقصد آهي. غلاميءَ جو هي زهريلو فصل، آءٌ جهالت ۽ افلاس جي زمين تي پوکيندو آهيان. ۽ ان کي اوهان جي هٿان بزدلي ۽ خوف جو پاڻي پياريندو آهيان. اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيسود خيالن ۽ وهمن ۾ مهو رکي، ٺلهن ۽ ناممڪن آسرن ۽ اميدن جي نشي ۾ مدهوش ڪري، آءٌ اوهان جي روح کي پنهنجي بي رحم پيرن هيٺان لتاڙي، چيچلائي ۽ چيڀاٽي، بي حسن ۽ بي خبر بڻائي ڇڏيندو آهيان. منهنجا پگهاردار ڇاڙتا، ۽ اهي جن جا مفاد، منهنجي وجود سان وابسطا آهن، سي منهنجا مبلغ آهن. پوءِ اوهين انهن جي پيچ در پيچ ڳالهين ۾ منجهي، جهالت، خوف ۽ نااميديءَ جي شنڪجن ۾ ايترو ته جڪڙجي ويندا آهيو جو پنهنجي غلاميءَ سان نفرت ڪرڻ بدران اوهين ان سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيو. ۽ پوءِ اوهان مونکي، پنهنجو آقا، سردار، سائين، رئيس، ڀوتار ۽ عالم پناهه ڪري سمجهندا ۽ پڪاريندا آهيو، منهنجي حضور ۾ هٿ ٻڌي هميشه حاضر رهندا آهيو، مون کي پيرين پوندا آهيو ۽ پاڻ کي منهنجي دروازي جا ڪتا، ٽڪريل، خاڪپا ۽ ٻانهيءَ جا ٻار سمجهي منهنجي عزت ڪندا آهيو ۽ مونسان محبت ڪندا آهيو، ۽ مونکان خوف کائيندا آهيو. پر ، ايتري ساري اٽالي ۽ اهتمام هوندي به آءٌ اوهان کان ڊڄندو ۽ ڪبندو آهيان.پاڻ وٽ چهبڪ، تلوار، بندوق، بندي خانا، جاسوس ۽ هٿياربند چوڪيدار هروقت موجود رکندو آهيان. ڇاڪاڻ ته اوهان جي ۽ منهنجي زندگي هڪ اٽل ۽ لازمي ضد آهي. منهنجي موت م اوهان جي زندگي آهي. آءٌ زندهه فقط تيستائين آهيان، جيستائين اوهين انڌا، ٻوڙا، بزدل، هڪٻئي جا دشمن، غفلت جي اگهور ننڊ ۾ ستل، لاپرواهه، غافل ۽ جاهل آهيو، ۽ مون کي زندهه رهڻ ڇڏيو ٿا“. ۽ ان ناٽڪ جي ٻي منظر ۾ پنهنجي حياتيءَ جو هرپل، عوام دوست ڪردار ادا ڪندڙ، سنڌ جو ڀرجهلو دانشور ڄڻ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ٿو: ”اي! محترم انسان، ڪنڌ مٿي کڻ، هيڏانهن نهار، مون کي سڃاڻ! مون تو لاءِ روشنيءَ جو پيغام ۽ آزاديءَ جو سنيهو آندو آهي. تون پنهنجي ذهن جا دروازا کول ۽ منهنجي روشنيءَ کي اندر اچڻ ڏي. منهنجي نور کي پنهنجي تاريڪ روح ۾ جاءِ ڏي. جهالت جا سمورا پردا، اوندهه جي غلافن هٿان غلافي، آءٌ ئي پري ڪندو آهيان. غلاميءَ جون سموريون زنجيرون، افلاس ۽ غربت جون سموريون پابنديون، حيوانيت جا سمورا اٽڪاءَ ۽ حد بنديون، بي وسي، ضعيفي ۽ بيزارگيءَ جون سموريون رڪاوٽون، اهي سڀ جو سڀ منهنجي ئي دم سان دور ٿينديون آهن. توکي تنهنجي عظمت، شرافت ۽ انسانيت جو احساس منهنجي ئي هٿان ٿيندو. مون وٽ همٿ، مردانگي، خود شناسي، خود اعتمادي ۽ خودداريءَ جا بي بها زيور آهن، جن سان آءٌ تنهنجي ويران زندگيءَ کي سينگاريندس. مون وٽ اميد جا اڻ کٽ خزانا آهن، جن سان آءٌ تنهنجي سکڻي زندگيءَ کي سڦلو بڻائيندس. آءٌ توکي اها سمجهه ۽ اها طاقت بخشيندس، جنهن سان تون پنهنجي لڪل توڙي ظاهر، پنهنجن توڙي پراون دشمنن کي خوب سڃاڻي سگهندين. ۽ انهن سان مقابلي لاءِ همٿ ساري سگهندين، ۽ مٿن پنهنجي تنظيم، اتحاد ۽ بهادريءَ سان غالب پئجي سگهندين. ۽ پنهنجي وڃايل خوشحال زندگي نئين سر حاصل ڪري سگهندين…………. اي معصوم انسان! آءٌ علم آهيان ، ڄاڻ آهيان، خبر آهيان………….. ياد رک! اي سمجهدار انسان! ته اها هر ڪا چيز، جيڪا تنهنجي جسماني توڙي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي، جيڪا توکي تنهنجي آزاديءَ جون واٽون ڏيکاري ٿي، جيڪا تنهنجي زندگي موٽائي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ٿي، ۽ جيڪا تنهنجي زبون حال زندگيءَ جي بهتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن ئي دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ جون خوشخبريون توکي ڏسي ٿي، اها ئي چيز ”علم“ آهي“.

    سنڌين کي عظمت، شرافت، انسانيت جا درس ڏيندڙ ۽ سندن من ۾ هروقت جسماني توڙي ذهني آزاديءَ جي امنگ جون چڻنگون ٻاريندڙ ڏاهي سائين ابراهيم جويي جِي زندگيءَ جَي هر پل جو مقصد، شيخ اياز جي هن نظم جو هوبهو نمونو رهيو آهي.

    ٿي ٻري شعلي جيان،
    زندگي منهنجي متان،
    اوچتو کامي وڃي،
    ڪا گهڙي تو لاءِ اوندهه ٿي وڃي،
    مان ته ڀانيان ٿو اڃان،
    جيستائين ڪيترا شعلا ٻرن،
    روشنائي ڪرڻ گهرن،
    آءٌ تنهنجي لاٽ ٿيندس،
    ڪيئن چئجي ڪيستائين،
    رات رهندي جيستائين،
    تيستائين،
    آءٌ تولاءِ واٽ تي چمڪاٽ ٿيندس،
    آءٌ تنهنجي لاٽ ٿيندس،
    آءٌ تنهنجي لاٽ ٿيندس!

    سچ ته اسان جهڙن سماجن ۾ سائين ابراهيم جويي جهڙن غير معمولي ماڻهن جي عظمتن جون بلنديون تڏهن ئي ظاهر ٿي سگهنديون آهن، جڏهن جهالتن، اونداهين، محرومين، مجبورين، محڪومين، غلامين ۽ محتاجين جون پڄاڻيون ٿينديون آهن، جڏهن راتيون ٽرنديون آهن ۽ جوتون ٻرنديون آهن، تڏهن آزادي، شعور ۽ روشنين جو سج، مڌُ ريٽي جيان، لالاڻ سان، پورب تان پڌرو ٿيندو آهي، تڏهن ئي معلوم ٿي سگهندو ته سنڌين جي جياپي، جاڳرتا، روشن آئيندي ۽ آزاديءَ جي پنڌ ۾ سائين ابراهيم جويي جهڙن ماڻهن جون وکون ڪيتريون ڪارائتيون کنيل آهن؟.

    ڪنهن جي ٿي هِت ذات وڪامي،
    ڪنهن جي ٿي هِت ڏات وڪامي،
    ڪنهن جي ٿي هِت بات وڪامي،
    ڪنهن جي ٿي هِت رات وڪامي،
    هيڏي وڪري ۾ جو نه وڪاڻو،
    تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو،
    جهڙو ماڻهو تهڙوناڻو،
    هر ڪو پنهجي اگهه اگهاڻو،
    جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو،
    سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو!.
    (ابراهيم منشي)

    هن لکڻيءَ ۾ انتهائي ڏک ۽ افسوس سان اهو ذڪر ڪرڻو ٿو پوي ته هماليا جي بلندين تي پهتل سائين ابراهيم جويي کي وڇونءَ واري فطرت رکندڙ، هڪ ڪم ظرف، ويڪو، سَڌڙيو، ٽرڙو،ڄامڙو ۽ نالي ۾ نهال اديب، جيڪو سنڌ جي سڄڻن کي لوئڻ جي موٽ ۾ ملندڙ پگهار ”حلال“ ڪرڻ لاءِ هڪ اشاعت گهر به هلائي رهيو آهي، سو جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙن ماڻهن جي مٿين سرڪار جي ڊيوٽي نڀائيندي اڳ به خوب ڪردار ڪشي ڪري چڪو آهي، تبصري جي نالي ۾ تبرو، تنقيد جي نالي ۾ تهمت، بحث جي نالي ۾ بدفضيلتي، ۽ اڀ ۾ اڇلائي پائڻ جهڙا، حقيقتن کان هزارين ميل ڏور ڪوڙ، نه پر ، زٽَ هڻڻ ۾ پنهنجي اقائن کان ڪيترون ئي اعزازي پي ايڇ ڊيون ماڻيندڙ ان ننڍي قد جي وڏي بدمعاش، سائين ابراهيم جويي کي به لوئڻ لاءِ پنهنجن ٻين ئي پگهاردارن کان سندس خلاف مضمون لکرائي، ”ابراهيم جويو: سئو سالن جون ٺڳيون“ جي عنوان سان ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ڪري چڪو آهي. بي ضميريءَ جي بازار ۾ وکر وڪڻندڙ، پنج منٽ پوئتي هجڻ واري ان نيم اديب، کي ذلالت ۽ خواري کان سواءِ ڪجهه ورڻو ئي ناهي، پر هو لوسڻ جهڙو نڪ رکندڙ آهن، تن کي صرف ساکائتن ماڻهن کي لوئڻ جي ئي ڊيوٽي ڏني ويندي آهي.

    شرم وڏي شئي آ، ماڻهوءَ ۾،
    شرم نه آهي، ڪجهه به نه آهي،
    هيءَ ٻي ڳالهه طوائف وانگر،
    جي ڪوئي دنيا کي چاهي،
    پنهنجي ڪوڙي سک جي ڪارڻ،
    ڌرتيءَ سان لاڳاپا لاهي!

    ( اياز )

    سائين ابراهيم جويو، سنڌ جي چوڏهينءَ جي سدا چمڪندڙ چنڊ جهڙو هڪ اهڙو سچ آهي، جيڪو سنڌ جي اتهاس ۾ صدين تائين روشني پکيڙيندو رهندو ۽ سنڌ وطن جي هر دور جي نوجوانن لاءِ سونهون بڻجي، سندن جون جون راهون روشن ڪندو رهندو. اسان جي دل ، کيس صحت ۽ وڏي ڄمار جون دعائون ڏئي رهي آهي.

    جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو.
    جو قوم سنواري، اهو جيئندو رهندو.
    مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
    جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.

    (استاد بخاري)
     
  10. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]

    مهتاب اڪبر راشدي

    ڪيڏي نه خوش نصيبي اٿم ، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو سفر، شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ تي پير پائي رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هي پڪو عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو آهي، پاڻ ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ، هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ، موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن.

    محمد ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري” سنڌ“ ۽ هيءُ اُن جو ٻڌو ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو آهي ته اهو يقينن ان نتيجي تي پهتو هوندو ته ، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽ مرڪز هن جو وطن ۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن اها ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي سالن ۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ ۽ سوچ جا هڙئي نقطا، هنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل لکيل آهن. پنهنجي محبتن ۾ ته ماڻهون خود غرض ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي هن جو ته عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسنا ڪي ٿو ڏيکارڻ چاهي. جيڪا سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتي سان سندس محبت جي فلسفي۾، سندس اهو پختو يقين آهي ته وطن جي محبت ماڻن لاءِ، توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو توهان پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا ڌرتي جا نقش ونگار اُن جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق.

    محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائي ان جي روايتن ۾ انسانيت کي زنده ڏٺو آهي. اهڙي انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي ۽ جڏهين سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ مڪمل ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي. جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن ۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ آهي، هڪ درياھ آهي. هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن. هن وٽ ٿر جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن. هن جا صبح حسين ۽ شامون سحر انگيز آهن ته انهن سڀني شين کي اُڏو رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين کان ”همه گيريت“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.“

    اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ جي معمار نوانوي سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن لاهڻ جو موقعو آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ جوڙيندڙ ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي ۽ هي سنڌ ڄائو، هن صديءَ جو هي مهان ڏاهو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل جي جنهن ويساھ سان هن. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ واسي محبت ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مورُ سوڌي موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب ۾۽ اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي مقالا لکيا ويندا. هن جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا. اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه گيريت، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس قلم مان نڪتل مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگي جي انهن گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن کي ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾ ٻڌجي کيس انهن لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد، جنهن آڱر پڪڙي کيس سندس ننڍري ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽ مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾ همت ۽ اعتماد سان پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو.

    عورت هئڻ جي ناطي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهين سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ، اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙڻ جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽوئنرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ ٻُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو.

    مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ساڻس گڏ سندس ساڃاھ وند شآگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾ پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا.

    جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن، جيئن اُن ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا هئا. سندس امڙ جڏهين گذاري ويئي تڏهين، جويو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو هن جو موت حادثاتي ٿيو، درياھ جي ڪپ تي ٽين ڪپڙن جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن سندس پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ مهٽيندا رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين کي جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو، ” اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا جيان پيو سچ ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون، جيءَ جياريندڙ،پاڻ گهوريندڙ ۽ ڇاڇا نه جڳ کي دان ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ هجن ٿيون. هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي جت منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت ملي سگهي هئي.“

    محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾ سندس پهريون استاد سائين ٽيڪڻ مل هيو جيڪو هنن جو استاد به هو ته ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾ شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا به چٽائيندو هو ته بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به کارائيندو هو. جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان زندگيءَ جو فلسفو به سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي، ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ مان پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)، موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي انهن جي معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽ اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيو ۽ اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي.

    جڏهين محمد ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس به ڪتاب، هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلا رام پريم چند جي گڏيل ڪاوش هئي، ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪڻ مل کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهنجي پڙهڻ مان ڪڏهين به ڪو نه ٿڪبين، انهنجون ڳالهيون توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي ٿو، ”آنءُ انهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪڻ مل جو شڪرگذار آهيان. جو سندن اها هدايت مون سورنهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آنءُ ذهني طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي ان لاءِ اهي ٻه ڪتاب آنءُ پنهنجا محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“

    اهڙي طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت، ڪامريڊ ايم اين راءِ جي فڪر ۽ فلسفي جا گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم اين راءِ ۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن.

    پر اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون سندس سوچ ۽ فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهين معاشري ۾ ادا ڪيل سندس هاڪاري ڪردار ۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي اها هيءَ ته هن سندس سڄي زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ڄاتو آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ روح آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي، هو هر وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج کي، انڌن اونڌن وهمن ۽ عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪاجاءِ ڪانهي. وڏيرا شاهي ڪامورا شاهي ۽ پير پرستيءَ کي هو سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي قلم جي جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو آهي ۽ سندس سوچ هميشه انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي.

    محمد ابراهيم جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي، بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ ۾ دير نه لڳندي.

    ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو جاڳندو شخص جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي ستل قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو.

    ( محمد ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾ پڙهيل مقالو)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو